ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ پوليس ٽرڪ ۽ ڊمپر مالڪن کي وارننگ ڏني آهي ته اهي 3 مهينن اندر پنهنجن گاڏين ۾ ڪيميرائون، ٽريڪر ۽ ڦيٿن جي چوڌاري حفاظتي شيلڊ نصب ڪن. سي پي او ۾ ٿيل اجلاس ۾ ڊي آءِ جي ٽريفڪ بريفنگ ڏيندي چيو ته گذريل ڪجهه مهينن کان ڪراچي ۾ خاص طور تي ملير ۽ اولهه ضلعن ۾ ٽريفڪ حادثن ۾ غير معمولي اضافو ٿيو آهي. حادثن جا مک سبب غير تربيت يافته ڊرائيور، گاڏين ۽ روڊن جي خراب حالت، ڊرائيورن جي ذهني ۽ جسماني صحت، ٽريفڪ لائيٽ سگنلن ۽ ٻئي بنيادي ڍانچي جي عدم دستيابي ۽ چالان ٽڪيٽ جاري ڪرڻ جو روايتي نظام آهن.