شاهپورجهانيان/ دولتپور صفن (نمائندن وٽان) شاهپورجهانيان ۾ قومي شاهراهه ڀرسان ٽرڪ مٿان ريتي لاهيندي 35 سالا نوجوان پورهيت محمد عظيم ٻگھيو 11 هزار وولٽيج بجلي جي تار مان  ڪرنٽ لڳڻ سبب ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته 2 پورهيت يوسف ٻگھيو ۽ زاھد سيٺر زخمي ٿي پيا، جن کي شاهپورجهانيان اسپتال آڻي طبي امداد ڏني وئي، فوتي پورهيت جو لاش اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، نوجوان جو مڙهه گھر آندو ويو ته وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو.