ٽرڪ جي بتيءَ پويان ڊوڙندڙ ماڻهو..

0
157
ٽرڪ جي بتيءَ پويان ڊوڙندڙ ماڻهو..

 اها ڪا هڪ ڏينهن جي ڪهاڻي ناهي، گذريل ڪيترين ئي صدين کان مختلف صورتن ۾ ورجائبي پئي اچي! پر ڪجهه ڏهاڪن کان زور وٺي وئي آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ بس هر طرف اڻ اعلانيل انتشار ۽ بي يقيني هوندي آهي. هر روز جي بنياد تي معاملا سٽَ جيان منجهندا رهندا آهن. بس پوءِ ماڻهو پاڻ کان معلوم ڪرڻ چاهيندو آهي ته هي سڀ ڪجهه ڪٿي دنگ ڪندو ۽ آخر ائين ڇو پيو ٿئي؟ يا سماج ۾ رائج هن انتشار ۽ بي راهه روي کان نجات آخر ڪيئن ممڪن ٿيندي؟ ان سڄي لقاءَ ۾ هڪ حقيقت پڻ ته جڏهن معاشرا فڪري سطح تي پوئتي ڌڪجي وڃن، تعليمي ليول نه هجڻ جي برابر رهجي وڃي اتي سوال ڪرڻ به ڪي سؤلا هوندا آهن ڇا؟ جڏهن معلوم ڪرڻ مشڪل هجي، اتي جواب جاچڻ ڪنهن جي وس ۾ ناهي هوندو. نتيجي ۾ صورتحال ‘نه ڪم نبريو، نه غم نبريو’ واري ٿي وڃي!

                 هلندڙ دؤر ۾ فڪري سطح تي سنڌي سماج جي حالت ان نهج تي پهچي وئي آهي جو ڪنهن به طرح سان ان کي جيئرو جاڳندو معاشرو نه ٿو چئي سگهجي ٿو. سرڪاري سطح تي درسگاهن ۽ صحت مرڪزن کي ڏسي اکيون رت جا ڳوڙها روئن ٿيون! نه ڇتا ڪتا مارڻ جي سگهه نه ڏاڙهيلن کي علاج جي سهولت. ماڻهو، روڊن تي مارجي رهيا آهن، باقي سرڪاري ادارن جي حالت بد کان بدترين طرف وڃي پئي. وک وک تي موت ۽ موت کان اڳ ذلت!هڪ پاسي علم ۽ سائنس ۽ جديد صنعتن جا اثر ٻئي پاسي پنهنجا قدامتي رويا. موبائيل فون، انٽرنيٽ، سواريءَ جي ذريعن زميني فاصلا تي گهٽائي ڇڏيا، پر جذباتي طور اهو ساڳيو ئي ‘چاڪيءَ جو ڏاند’ واري ڪار آهي. هڪ پاسي سماج جو ايليٽ ڪلاس، ٻئي طرف اهي ڪمي ڪاسبي، جن کي اشرافيه انسان سمجهڻ لاءِ به تيار ناهي!

سچ اهو به آهي ته اسان جو سماج هڪ عبوري دؤر مان گذري پيو. ماڻهو ميسر حالتن هيٺ پڙهي لکي ته ويا آهن، پر انهن جو پسمنظر اهو ساڳيو جاگيرداراڻو يا وڏيرڪو ئي آهي. سرڪار کاتن جي هر دفتر ۾ هڪ وڏيرو ويٺل نظر ايندو. ڀلي پوءِ اهو ماڻهو، پوئتي پيل ڪنهن غريب خاندان مان محنت ڪري مٿي آيو هجي. ان مسڪين کي اعلى نوڪري ملڻ جو جشن سوشل ميڊيا کان ڳوٺ ۾ پتاشا ورهائڻ جي صورت ۾ ملهايو وڃي، پر پوسٽنگ ملڻ کان پوءِ اهو شخص جيڪو ڪجهه ڪري ٿو، اهو هن معاشري جي نام نهاد شرافت ۽ تعليم تي ڪيترائي سوال اٿاري ٿو؟ اهو شخص دولت جي حوس ۾ ڪيترو انڌو ٿي وڃي ٿو، جو ان کي پنهنجا سڳا رشتا ته پري والدين به نظر نه ٿا اچن. نتيجي ۾ والدين ۽ اولاد جي وچ ۾ جيڪا وٿي پيدا ٿئي ٿي. ان کي ڀرڻ ڪيترو مشڪل آهي ۽ ان جو ڀن معاشرو مختلف صورتن ۾ ڀري ٿو. جيڪڏهن ڌيان ڏنو وڃي ته اها ڳالهه سامهون اچي ٿي ته ايڪيهين صديءَ ۾ رياست، سماج ۽ ماڻهو پاڻ ۾ گڏيل پر الڳ حيثيت جا حامل آهن. هڪ فرد مجموعي معاشري جي روين ۽ رياستي قانونن جي اثر هيٺ پنهنجي حياتي گذاري ٿو. ٻئي پاسي ساڳيا ماڻهو رياستي مشينريءَ کي هلائڻ وارا هوندا آهن. هاڻي جڏهن سرڪاري مشينري کي هلائڻ وارا فرد ڪنهن به Vision کان ڪوهين ڏور هجن ته پوءِ ڪم ايڊهاڪ بنيادن تي هلندو آهي. نتيجي ۾ جيڪو ڪجهه ٿئي پيو توهان جي سامهون آهي. پاڪستان جي قيام کان پوءِ ڪو هڪ به شهري زندگيءَ سان لاڳاپيل ڍنگ جو ادارو نه جڙي سگهيو، جيڪڏهن ڪجهه مثال آهن ته به اهي ذاتي نوعيت جا. مطلب ڪنهن به هڪ همراهه جي ڪوشش سان هڪ بهتر ادارو جڙي ويو، ان جي موڪلائڻ کان پوءِ ساڳي ڪار، جنهن ۾ سواءِ تباهيءَ جي منظرن کان سواءِ ڪجهه به نه هوندو آهي. شهري ادارن کي ڇڏي جيڪڏهن سياسي پارٽين ۽ تنظيمن جي ڳالهه ڪجي ته اهي به فردن جي زور تي هلن پيو، فرد پورا ته پارٽيون به پوريون!

انگريزن جي وڃڻ بعد پاڪستان قائم ٿيو. ٿيڻ ته ائين گهرجي ها جو هڪ نئون ڍانچو وجود ۾ آڻي ان کي اڳتي آڻجي ها، پر هندستان جي دشمنيءَ ۾ اهي سڀ ڳالهيون وسري ويون. نتيجو ڇا نڪتو جو آزاديءَ جي پهرئين ڏهاڪي يعني 50ع جي ڏهاڪي ۾ ئي رشوت، سفارش، مائٽ نوازڻ، آفيس ۾ دير سان اچڻ جا ڪم شروع ٿي ويا. رياست جي طاقت کي ذاتي سگهه ڄاڻائي هر غلط ڪم کي درست سمجهي ڪيو ويو. عام ماڻهوءَ کي داٻي ڌؤنس ۾ ڦاسائي هن جو توجهه اصل مسئلن تان هٽائي، پنهنجي گيم جاري رکي وئي. ٻهراڙين خاص ڪري سنڌ راڄڌاڻيءَ کان پري پيل علائقن جو حال ڏسي اچرج ٿئي ٿو ته هتان جا ماڻهو ڪهڙي ريت ايڪيهين صديءَ ۾ رهڻ جي دعوا ڪن ٿا، پر هو ويچارا دعوا ڇا ڪندا، جن کي اها به خبر ناهي ته هو ڪهڙي صديءَ ۾ رهن پيا.

هتان جي رهندڙن کي ڪنهن به ريت ‘عوام’ جو درجو نه ٿو ڏئي سگهجي. ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي پرڪارن ۾ ‘هجوم’ آهن. اهو هجوم، جنهن کي صرف ٽرڪ جي بتيءَ جي پويان لڳائي سگهجي ٿو. هڪ پاسي ٽرڪ جي بتيءَ پويان ڊوڙندڙ ماڻهو، ٻئي طرف سماج جي تلخ پر سچي حقيقت هيءَ آهي ته جيڪي ماڻهو سماج جي تبديليءَ لاءِ ٿوري گهڻي ڪوشش ڪندا هئا، اهي به هاڻي ٿڪجي پيا آهن. وک وک تي ڪرپشن، ڌانڌلي، ظالم، زيادتي، بي انصافي ماڻهن جي ايمان کي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو آهي. بيشڪ جيڪي انسان هن معاشري ۾ جهدوجهد ڪن ٿا، انهن کي عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو، پر اها پڻ حقيقت ته سماج ۾ استحصال ڪندڙن طبقو به سدائين محترم رهيو آهي. دنيا جي ڪنهن به سڌريل خطي ۾ ايترو وڏو فڪري فاصلو نظر نه ايندو، جيترو پاڻ وٽ آهي.

توهان ڪڏهن انهن رٽائرڊ بيوروڪريٽس کي ڏٺو آهي، جيڪي جڏهن ڪرسين کي چنبڙيل هئا. ڪنهن سڻڀي پوزيشن تي هئا ته انهن جا رويا ڪهڙا هئا. ڪهڙي ريت هو طاغوتي قوتن جا ٻانهن ٻيلي بڻيل هئا. اهي ماڻهو جڏهن نوڪري پوري ڪري گهرن ۾ پهچن ٿا ته هنن جا رويا ڪهڙي ريت رات پيٽ ۾ سانڊي جي رنگ جيان تبديل ٿيو وڃن. آهي نه عجب جهڙي صورتحال، هاڻي انهن کان وڌيڪ قوم ۽ ڌرتيءَ جو ڪو سڄڻ ناهي. ايڏي خطرناڪ حد تائين پکڙيل منافقي ۾ نه صرف ساهه منجهي ٿو پر ائين ٿو محسوس ٿئي ته سجُ سوا نيزي تي لهي آيو هجي… ۽ پاڻ پگهر ۾ شل ويچارا ماڻهو ڪجهه به ڪرڻ کان لاچار بڻجي وڃون ٿا. سڀ ڪجهه لکڻ جي باوجود سوال ساڳي جاءِ تي قائم آهي. خبر ناهي سوال به ڪهڙو هو، سچ ته هاڻي اسان جي ياداشت به جواب ڏيندي پئي وڃي! بس ايترو سو ياد اچي ٿو ته ماڻهو ٽرڪ جي بتيءَ پويان ڊوڙي رهيا آهن.