ٽريڪنگ سسٽم وڌائڻ جو فيصلو: انفورسمينٽ قدم نه کنيا ته 700 ارب جا نوان ٽيڪس لڳائڻا پوندا: ايف بي آر

0
22
ٽريڪنگ سسٽم وڌائڻ جو فيصلو: انفورسمينٽ قدم نه کنيا ته 700 ارب جا نوان ٽيڪس لڳائڻا پوندا: ايف بي آر
ٽريڪنگ سسٽم وڌائڻ جو فيصلو: انفورسمينٽ قدم نه کنيا ته 700 ارب جا نوان ٽيڪس لڳائڻا پوندا: ايف بي آر

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) آءِ ايم ايف سان طئي ٿيل شرطن تي عملدرآمد جي سلسلي ۾ ايف بي آر پهرين جولاءِ کان ڊجيٽل پروڊڪشن ٽريڪنگ سسٽم جي لاڳو ڪرڻ ۾ تيزيءَ آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ايف بي آر موجب جيڪڏهن لاڳاپيل سيڪٽرن ۾ سختي سان نگراني ۽ انفورسمينٽ جا قدم نه کنيا ويا ته حڪومت کي 700 ارب رپين جا نوان ٽيڪس لڳائڻا پوندا آهن.  سگريٽ، سيمينٽ، پولٽري، مشروبات، ڀاڻ، ۽ ٽيڪسٽائل سيڪٽر جي نگراني وڌائي پئي وڃي. ٽوبيڪو سيڪٽر جي پيداوار ۽ وڪري کي ڊجيٽل طريقي سان ٽريڪ ڪيو ويندو. مختلف علائقن ۾ سگريٽن جي ڪارخانن جي سخت نگراني ڪئي ويندي. شوگر سيڪٽر جي نگراني بهتر ٿيڻ سبب ٽيڪس ريونيو ۾ 39 ارب رپين جو اضافو ٿيو. کنڊ جي شعبي ۾ پيداوار جي انڊر رپورٽنگ ٿي رهي هئي. ايف بي آر موجب ٽيڪسٽائل سيڪٽر جي پڻ ڪئميرا ذريعي نگراني ڪئي ويندي، سيلز ٽيڪس ريونيو کي کي جي ڊي پي جي 5 سيڪڙو تائين کڻي وينداسين.  ايف بي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته آءِ ايم ايف سان انفورسمينٽ قدم وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. نئين مالي سال ۾ 14 هزار 131 ارب ٽيڪس هدف ۾ 389 ارب انفورسمينٽ قدم شامل آهن. جنهن ۾ 312 ارب رپين جا اضافي ٽيڪس قدم به شامل آهن.