اسلام آباد(بيورو رپورٽ) آئيني بينچ فوجي عدالتن ۾ سويلينز جي ٽرائل جي خلاف ڪيس ايندڙ ٻن ٻڌڻين ۾ مڪمل ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو. ٻڌڻي دوران جعفر آباد ايڪسپريس سانحي جو به ذڪر ٿيو. جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏيندي چيو ته بولان ۾ ٿيندڙ ٽرين حادثو رياستي مفاد جي خلاف نه هيو؟ هٿياربند فوج جو بنيادي فرض پاڪستان جو دفاع آهي. قانون جي ڪا به خلاف ورزي رياستي مفاد جي خلاف هوندي آهي. سمورا ڏوهه رياستي مفاد جي خلاف ئي هوندا آهن. هڪ سازش اڃا ٿي ناهي ان تي قانون لاڳو ڪئين ٿيندو؟ جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ ست رڪني بينچ فوجي عدالتن ۾ سويلينز جي ٽرائل جي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران وزارت دفاع جي وڪيل خواجه حارث دليل ڏيندي چيو ته آئين مطابق ڪورٽ مارشل جون عدالتون هاءِ ڪورٽس جي ماتحت ناهن هونديون. آئيني حدون انهن عدالتن جي حيثيت کي سپورٽ ڪنديون آهن. جسٽس محمد علي مظهر ايف بي علي ڪيس تي ڳالهائيندي چيو ته ان فيصلي ۾ اها ڳالهه ڪئي وئي آهي ته ڳٺ جوڙ ثابت ٿيڻ جو بنياد الزام جي نوعيت تي هوندو. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته اِن ۾ اهو به بيان ڪيو ويو آهي ته ڳـٺ جوڙ جو بنياد دفاع پاڪستان متعلق هوندو. ان جو مطلب اهو ناهي ته هي صرف هٿياربند فوج جي ميمبرن تي لاڳو ٿيندو.؟ فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته جن ماڻهن تي آرمي ايڪٽ جي سيڪشن ڊي لاڳو ٿيندو انهن تي باقي ايڪٽ لاڳو نه ٿيندو. خواجه حارث موقف اختيار ڪيو ته 9 مئي جا ڏوهه رياستي مفاد جي خلاف هئا. جسٽس جمال خان مندوخيل رمارڪس ڏيندي چيو ته قانون جي ڪا به ڀڃڪڙي رياستي مفاد جي خلاف هوندي آهي. پر سمورا ڏوهه رياستي مفاد جي خلاف هوندا آهن. ڇا  بولان ٽرين وارو واقعو رياستي مفاد جي خلاف نه هيو؟ هٿياربند فوج جو بنيادي فرض پاڪستان جو دفاع آهي. خواجه حارث چيو جڏهن پٺيان اسان انهن جون ڄنگهون ڪڍنداسين ته هو دفاع ڪيئن ڪري سگهندا. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته هي معاملو جذباتي ٿيڻ جو ناهي، اسان به ملڪي سيڪيورٽي جي پيش نظر سوال ڪري رهيا آهيون. جسٽس جمال مندوخيل مثال ڏيندي ته جيڪڏهن هڪ پوليس اهلڪار عدالت جي دروازي تي مقرر هجي اُن جي ذميواري هوندي ته ڪو هٿياربند شخص عدالت ۾ داخل نه ٿي سگهي. پر جيڪڏهن اهو پنج منٽن لاءِ غائب ٿي وڃي ته اهو ڊسيپلين جي خلاف ورزي ڪندو. ڇا اها به سيڪيورٽي آف اسٽيٽ ناهي.؟ جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏنا ته ڪو مستري فوج لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي ان دوران هو ڏوهه ڪري ته ان جو ملٽري ٽرائل ٿيندو پر جيڪڏهن هڪ سال کانپوءِ هو ڪنهن ٻئي سان ڪم ڪندو ۽ ان دوران هو ڏوهه ڪري ٿو ته ان تي سول قانون لاڳو ٿيندو. هن خواجه حارث سان مخاطب ٿيندي چيو ته ملٽري ڪورٽس آئين جي ڪنهن شق تحت اينديون آهن؟ ڇو ته آرٽيڪل 175 ۾ شامل ناهي؟ خواجه حارث وضاحت ڪئي ته ملٽري ڪورٽس هر وقت موجود ناهن هونديون پر وقت به وقت گهرايون وينديون آهن. جسٽس محمد علي مظهر چيو ته ڇا آرمي ايڪٽ جي اندر سول ڏوهه جي تعريف موجود آهي؟ جيڪڏهن آرمي ايڪٽ جي شق 69 چار کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ته ڇا سويلينز آرمي ايڪٽ جو دائري ڪار کان ٻاهر ٿي ويندو؟ ڇا سپريم ڪورٽ جي 30 آڪٽوبر واري فيصلي بعد ڪنهن سويلين جو ٽرائل ممڪن رهيو؟ جسٽس مسرت هلالي چيو ته هِتي اپيل جو حق موجود ناهي. اهو سوال هاڻي به اهم آهي ته ڇا عام قانونسازي سان شهرين کان بنيادي حق وٺي سگهجن ٿا. ڇا سويلينز جي ملٽري ٽرائل لاءِ آئيني ترميم نه ٿيڻ گهرجي ها.؟ هن ڀارت جو مثال ڏيندي چيو ته اُتي ملٽري ٽرائل جي خلاف آزاد فورم موجود آهي. جسٽس محمد علي مظهر چيو ته بنيادي حقن جي دستيابي يا اپيل جو معاملو هن ڪورٽ جي دائري اختيار ۾ شامل ناهي. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته جيڪڏهن آرٽيڪل 8 جي شق ٿري اي تحت هي معاملو عدالت اچي ئي نٿو سگهي ته پوءِ اپيل ڪئين؟ جسٽس محمد علي مظهر وضاحت ڪئي ته هو ڪنهن کي اپيل جو حق نه ڏئي رهيو آهي. آئيني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي 9 اپريل تائين ملتوي ڪندي اشارو ڏنو ته ٻن ٻڌڻين ڪيس مڪمل ڪري سگهجي ٿو.