11 مارچ اڱاري واري ڏينهن ڪوئيٽا کان پشاور ويندڙ جعفر ايڪسپريس لڳ ڀڳ منجهند هڪ وڳي ڌاري انتهائي ڀيانڪ دهشتگردي جي حملي جو شڪار ٿي. ڪوئيٽا کان لڳ ڀڳ ڏيڍ سئو ڪلوميٽر فاصلي تي مشڪاف جي علائقي ۾ هٿياربندن ان وقت جعفر ايڪپريس کي هائيجيڪ ڪري ورتو، جڏهن اها ٽرين پهاڙي علائقي مان گذري رهي هئي.
ٽرين کي هائيجيڪ ڪندڙ بي ايل اي پاران جاري ڪيل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته سڀ کان پهريان ٽرين جي انجڻ ڀرسان ڌماڪو ٿئي ٿو. ان بعد فائرنگ ٿئي ٿي ۽ پهاڙين جي چوٽين تان هٿياربندن جو وڏو هجوم ٽرين کي هائيجيڪ ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌي وڃي ٿو. چون ٿا ته ڌماڪي ۽ فائرنگ سبب پنجاب سان تعلق رکندڙ ٽرين جو ڊرائيور فوري طبعي امداد نه ملڻ تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته اسسٽنٽ ڊرائيور جو اڃان ڪو پتو نه آھي. هٿياربندن وٽان زندگي بچائي پهتل يوسف بشير صحافين کي مچ ريلوي اسٽيشن تي ڳالهائيندي ٻڌايو ته هٿياربندن جي حملي بعد سڄي ٽرين ۾ روڄ راڙو پئجي ويو. هن مطابق هٿياربندن مسافرن کي چيو ته ٽرين مان لهو ۽ پوئتي مڙي نه ڏسجو. اطلاعن مطابق هٿياربندن ٽرين جي مسافرن کان سڃاڻپ معلوم ڪرڻ تي کين الڳ الڳ ٽولن ۾ تقسيم ڪيو. هڪ مسافر جيڪو جان بچائي ايف سي چوڪي تي پهتو، ان ڪيترن ئي ماڻهن جي مارجڻ جي دعوي ڪئي .
مان اربع ڏينهن شام جو ستين وڳي ڌاري جڏهن هي ڪالم لکڻ شروع ڪيو، ان وقت تائين ٽرين ۾ سوار مسافرن کي يرغمال ڪندڙ دهشتگردن کان يرغمالين جي بازيابي جو عمل مڪمل نه ٿي سگهيو هو، مطلب ته حادثي جو شڪار مسافر 24 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت تائين هٿياربندن جي رحم ڪرم تي هئا ۽ واقعي وارو هنڌ دهشتگردن جي ڪنٽرول ۾ هو. هٿيارن جي سائي ۾ آيل زنده مرد، عورتن، ٻارڙن اهو قيامت خيز وقت ڪيئن گذاريو هوندو، ان جو ماڻهو صرف اندازو ئي لڳائي سگهن ٿا پر جنهن ڪيفيت مان انهن کي گذرڻو پيو، ان پيڙا کي رڳو اهي ئي محسوس ڪري سگهن ٿا، جيڪي ان بربريت جي ور چڙهي ويا. ملڪي تاريخ ۾ اهڙي قسم جا سانحا ورلي ٿيا هوندا. ايڏي وڏي واقعي بابت ملڪي ميڊيا جي ڪيل ڪوريج مان ڪا گهڻي صورتحال واضح نه ٿي رهي هئي. سڪيورٽي ادارن سوڌو حڪومت پاران انهيءَ واقعي جا ڪي به باضابطه تفصيل يا اپڊيٽس ميڊيا کي فراهم نه ٿي رهيا هئا، نه ئي آزاد ذريعن کان ئي ڪا معلومات عوام تائين پهچي رهي هئي. رڳو عسڪري ذريعن ۽ ٽرين تي حملو ڪرڻ بعد ان حملي جي ذميواري قبول ڪندڙ بي ايل اي جا بيان عوام سامهون اچي رهيا هئا. ائين اربع ڏينهن شام دير سان سڪيورٽي ذريعن اها دعوي’ ڪئي هئي ته سڪيورٽي فورسز جو دهشتگردن خلاف آپريشن آخري مرحلي ۾ آھي. اها به دعويٰ ڪئي وئي ته عورتن، ٻارڙن سميت 190 يرغمالي مسافرن کي بازياب ڪرايو ويو آھي. ڪليئرنس آپريشن دوران انتهائي احتياط ۽ مهارت جو مظاهرو ڪيو ويو ۽ معصوم جانيون بچايون ويون پر اڳ ئي دهشتگردن جي بربريت جو نشانو بڻجندڙن ڪجهه شهيد مسافرن جي تعداد جو تعين ڪيو پيو وڃي. اها به دعويٰ ڪئي وئي ته موقعي تي موجود سمورا دهشتگرد مارجي چڪا آھن.
اوهان کي ٻڌايان ته بولان وٽ گذريل آگسٽ تي هٿياربندن پل کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو هو. 24 آگسٽ تي پيش آيل ان واقعي بعد 25 آگسٽ کان 14 نومبر تائين ٽرين سروس معطل رهي هئي. بلوچستان ۾ روڊن تي بسن، گاڏين کي بيهاري مسافرن جي سڃاڻپ ڪرڻ بعد کين مارڻ جا واقعا ڪجھ ڏينهن جي وقفي سان بلوچستان ۾ ٿيندا رهندا آھن. بلوچستان ۾ روڊ جو سفر انتهائي خطرناڪ سمجهيو پئي ويو. ٽرين جو سفر به ٽرين هائي جيڪنگ بعد محفوظ نه رهيو آھي. هوائي جهاز جو سفر ڪرڻ هڪ ته هر ماڻهو جي وس جي ڳالھ نه آھي، اوهان کي ٻڌائيندو هلان ته بي ايل اي هن ٽرين هائجيڪنگ جي واقعي کان اڳ هڪ باضابطه طور بيان جاري ڪيو هو. اهو بيان ٻه مارچ تي جاري ڪيو ويو هو، جنهن ۾ چيو ويو هو ته بلوچ هٿياربند گروپن جي مسلسل ٽن ڏينهن جي اجلاس ۾ تحريڪ کي فيصلائتي مرحلي ۾ داخل ڪرڻ جي تجويزن تي غور ڪيو ويو. ان بيان ۾ ٻيو به گهڻو ڪجھ هو پر ان باوجود سڪيورٽي جا جوڳا بندوبست نه ٿيا ۽ انهن ٽرين هائيجيڪ ڪري ورتي. ان کان اڳ به نواب اڪبر بگٽي جي ورسي جي موقعي تي هٿياربندن مختلف هنڌن تي حملا ڪيا هئا.
ڳالھ نواب اڪبر بگٽي جي ٿي رهي آھي ته اوهان کي ٻڌائيندو هلان ته نواب اڪبر بگٽي جي مارجي وڃڻ کان ڪجھ ڏينهن اڳ مان ڊيرا بگٽي مان نڪتو هئس. مون نواب اڪبر بگٽي کان لبريشن آرمي جي گيس پائيپ لائنن سميت مختلف هنڌن تي ٿيل حملن بابت سوال ڪيو هو ته ڇا واقعي بلوچن هٿياربند گروپ يا تنطيمون ٺاهيون آھن؟ اهو سوال ان ڪري به ڪيو هئم ته انهن تنظيمن جي ڪارواين بابت مختلف خيالن جو اظهار ڪيو پئي ويو پر نواب اڪبر بگٽي انهن تنظيمن جي جي وجود جي نه رڳو تصديق ڪئي هئي پر اهو به چيو هو ته اهي بلوچن جون تنظيمون آھن ۽ اسان انهن جي حمايت ڪريون ٿا. انهن هٿياربند گروهن بابت ان وقت اهو اندازو نه هو ته انهن جو نه رڳو تعداد وڌندو پر اهي گروپ رياست جي رٽ کي ائين چيلينج ڪندا، جيئن ڪري رهيا آھن. بلوچستان ۾ اها صورتحال ان سطح تي ڇو پهتي آھي؟ جي هر ڪنهن کي معلومات آھي پر سوال هي آھي ته جهڙيون بلوچستان ۾ حالتون پيدا ٿيل آھن، انهن جو نتيجو ڇا نڪرندو؟ ان سوال جو شايد نتيجو ڪو نه ٻڌائي سگهي پر اهو ضرور چئي سگهجي ٿو ته جنهن بلوچستان کي ڪجھ سردار پنهنجي مرضي تحت هلائيندا هئا، اهو بلوچستان هاڻي نه رهيو آھي. جمهوريت پسند اڳواڻن کي اختيارين اهڙي پوزيشن ۾ آڻي بيهاريو آھي، جو هاڻي انهن جي هٿن مان مامرا نڪري عام نوجوانن جي هٿن ۾ هليا ويا آھن. ٽرين جي هائجيڪنگ واري واقعي بعد اڳوڻي بلوچستان جي وڏي وزير اختر مينگل جو بيان سامهون آيو آھي. اهو بيان گهڻو ڪجھ ٻڌائي ٿو. اختر مينگل پنهنجي بيان ۾ چوي ٿو ته، “بلوچستان جو هڪ انچ به اهڙو ناهي بچيو، جتي حڪومت اختيار جي دعويٰ ڪري سگهي. هو هي جنگ هارائي چڪا آھن ۽ واپسي جو رستو ناهي بچيو، سڀ ختم ٿي ويو”. اختر مينگل پنهجي بيان ۾ اهو به چيو ته، “اسان هنن کي خبردار ڪيو. اسان کان اڳ وارن به انهن کي خبردار ڪيو هو پر انهن ٻڌڻ بجاءِ اسان تان چٿرون ڪيون. انهن اسان جي لفظن کي خالي ڌمڪين جي طور تي رد ڪري ڇڏيو، جڏهن ته انهن ظلم، لٽ مار ۽ خونريزي جي نظام کي هوا ڏني. هر هڪ حڪومت بنا ڪنهن ڇوٽ جي بلوچن جي منظم نسل ڪشي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. هي هڪ اهڙو مسئلو آھي، جتي هر ادارو، انتظاميا هر نام نهاد ليڊر اسان خلاف هميشه متحد رهيو ۽ پنهنجا ڏوهه قبول ڪرڻ بجاءِ انهن اهو ئي ڪيو، جيڪو ڪرڻ ۾ سڀ کان ماهر آھن، يعني الزام ٻين مٿان وجهڻ۔ پر اڄ مان وفاقي حڪومت، سياسي پارٽين، عدليه، اسٽبلشمينٽ تي ڪجھ واضح ڪرڻ چاهيا ٿو ته توهان پنهنجي هٿن سان بلوچستان کي تباهي ڪناري تي پهچائي ڇڏيو آھي پر هن ڀيري اهو مامرو اسان جي وس کان ٻاهر آھي ۽ اهو اوهان جي اختيار کان به ٻاهر آهي”. اختر مينگل جي ڳڻپ هن وقت بلوچستان جي سينئر ترين اڳواڻن ۾ ٿئي ٿي، ان پاران جنهن ڪيفيت جو اظهار ڪيو ويو آھي، اها بلوچستان جي حالتن جي حساسيت کي سمجهڻ لاءِ ڪافي آھي پر پهريان اصطلاحن ناراض بلوچن کي پرچائڻ جا حڪومتي صفن مان آواز ايندا هئا پر هاڻي اهي آواز ٻڌڻ لاءِ نه ملي رهيا آھن.
ٽرين هائجيڪنگ واري واقعي بعد صدر آصف زرداري، وزير اعظم شهباز شريف پاران مذمتي بيان جاري ڪيا ويا. صدر پنهنجي بيان ۾ ٽرين حملي کي غيرانساني ۽ بلوچستان جي روايتن جي خلاف قرار ڏنو ۽ چيو ته ڪوئي مهذب معاشرو اهڙين ڪڌين ڪارواين جي اجازت نٿو ڏئي. وزير اعظم وزير اعظم حملو ڪندڙن کي حيوان صفت دهشتگرد قرار ڏيندي چيو ته اهي ڪنهن رعايت جا حقدار ناهن. بلوچستان جي ترقي جا دشمن آھن. انهن جو دين اسلام، پاڪستان ۽ بلوچستان سان ڪوئي تعلق نه آھي. اهي بيان ٻڌائين ٿا ته رياست خلاف هٿيار کڻندڙن سان حڪومت ڪا به رعايت ڪرڻ جو ارادو نٿي رکي. پهريان جيڪو ان عمل کي ناراضگي تصور ڪيو ويندو هو، حملن بعد هاڻي مامرو نه رهيو آھي. نتيجي ۾ بلوچستان ۾ حالتون ڪڏهن بهتر ٿينديون، هٿياربندن جي ڪارواين جو خاتمو ڪڏهن ٿيندو، ان بابت ڪجھ واضح نٿو لڳي. ايتري تائين جو انهن حالتن تي قومي اسيمبلي ۾ بحث ڪرائڻ به لاءِ به حڪومتي اتحاد تيار نظر نٿو اچي.
ڪالھ قومي اسيمبلي جو جنهن وقت اجلاس ٿيو، ان وقت لڳ ڀڳ ٽرين هائجيڪنگ کي 22 ڪلاڪ ٿي ويا هئا. اجلاس شروع ٿيندي ئي اپوزيشن ليڊر بلوچستان جي صورتحال تي بحث ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو پر اجلاس جي صدارت ڪندڙ پرزائيڊنگ آفيسر قادر پٽيل اهو چئي معمول جي ڪارروائي شروع ڪرائي ڇڏي ته جنهن وقت صدر جي خطاب تي بحث شروع ٿئي، ان وقت بلوچستان جي مسئلي تي به ڳالهائي وٺجو. معمول جي ڪارروائي بعد صدارتي خطاب تي بحث شروع ٿيڻ تي اپوزيشن ليڊر ٽرين واقعي کي انٽيليجنس جي ناڪامي قرار ڏنو ۽ چيو ته اجلاس شروع ٿيندي ئي بلوچستان جي مسئلي تي بحث شروع ٿيڻ گهرجي ها. هن سنڌو دريا مان ڪينال ڪڍڻ واري مامري تي ايوان ۾ قرارداد پيش ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته ڏسون ته ان قرارداد جي پيپلزپارٽي حمايت ڪري ٿي يا سنڌ واسين جي پيٽ ۾ ڇرو هڻي ٿي!