ٽرين حملي آور وائکا ڪرڻ جو اعلان، قومي بيانيو مضبوط بڻائڻ تي اتفاق، ڊجيٽل ميڊيا تي ملڪ دشمنن کي منهن ٽوڙ جواب ڏبو: سياسي/عسڪري قيادت

0
25

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) دهشتگردي ۽ ملڪ دشمن مهم خلاف وفاق ۽ صوبائي حڪومتن جي وڏي ويهڪ ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا، نيشنل ايڪشن پلان تحت قومي بيانيي کي مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو، وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ عسڪري، سول قيادت ۽ چئني صوبن جي نمائندن سميت آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان مان به نمائندا شريڪ ٿيا، اجلاس ۾ جعفر ايڪسپريس تي حملو ڪندڙن کي به دنيا آڏو وائکو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته روايتي ۽ ڊجيٽل ميڊيا تي ملڪ دشمن مهم جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو، قومي بيانيه ڪاميٽي کي دهشتگردن ۽ شرپسندن خلاف سخت ڪارروائي جي به هدايت ڪئي وئي، فيصلو ڪيو ويو ته قومي بيانيي ۽ ملڪ جي سلامتي خلاف ڪنهن به قسم جو مواد برداشت نه ڪيو ويندو، ملڪي سلامتي ۽ هم آهنگي لاءِ صوبن ۾ تعاون ۽ رابطا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو، قومي بيانيو نوجوانن تائين پهچائڻ لاءِ فلم ۽ ڊرامن ۾ اهڙا قومي موضوع شامل ڪيا ويندا جن سان شرپسندن جي بيانيي جو مقابلي ڪري سگهجي، جنهن تي اتفاق ڪيو ويو، قومي بيانيي لاءِ ڊجيٽل ميڊيا تي به مواد جاري ڪيو ويندو، ڪوڙي خبرن جي روڪٿام ڪئي ويندي، ڊيپ فيڪ ۽ ٻين ذريعن سان ٺاهيل ڪوڙي معلومات ۽ مواد جو تصديق ٿيل معلومات سان جواب ڏنو ويندو، قومي نصاب ۾ دهشتگردي جي حوالي سان آگاهي شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.