لاهور (م ڊ) حڪومت جعفر ايڪسپريس سانحي ۾ شهيد ٿي ويلن جي وارثن کي 52 -52 لک رپيا ۽ ٻارڙن کي ريلوي ۾ نوڪريون ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي چيو آهي ته دهشتگرد پاڪستان ۾ لڪيل هجن يا افغانستان ڀڄي وڃن، ڪٿي به کين معاف نه ڪيو ويندو، جعفر ايڪسپريس تي حملي ۾ ڀارتي دشمني کُـلي ڪري سامهون آئي آهي، افغانستان به ملوث آهي، قومي قيادت هاڻي ڪنهن به دهشتگرد کي معاف نه ڪندي، جعفر ايڪسپريس سانحي تي هڪ طرف قوم ڏکايل آهي ته ٻئي طرف هڪ مخصوص سياسي جماعت اها ڳالهه ڪري رهي آهي، جيڪا ڀارت ٻولي استعمال ڪئي، تحريڪ انصاف برگيڊ ۽ ڀارت، پاڪ فوج کي ٽارگيٽ ڪيو آهي، بلاول، نواز شريف يا شهباز شريف کي ٽارگيٽ ناهي ڪيو.