راڌڻ(ن پ ا) راڌڻ ۾ بند ٿيل ٽرينون جي بحالي لاء ريلوي اسٽيشن احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. سنڌ شھري اتحاد راڌڻ جي صدر ايڊوڪيٽ اعجاز احمد جانوري سوشل ورڪر نظير بروھي علي حيدر رند حسين بخش  بروھي اظھر راڌڻ ڊاڪٽر امتياز سومرو غلام  حسين جانوري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلوي اسٽيشن راڌڻ تي احتجاج ڪيو ويو.  ان موقعي تي اڳواڻ جيو ته بند ٿيل ٽرينون بولان ميل ۽ خاشحال خٽڪ جو ٽريڪ بحال ڪيو ۽ موئن جو دڙو ٽرين جون بوگيون وڌائي عوامي جي پريشاني ختم ڪئي وڃي. احتجاج ڪندڙن ريلوي وزير سميت ڊي ايس ريلوي سکر ۽ وزيراعظم پاڪستان کي اپيل ڪئي ته M.L.2.تي بولان ميل خاشحال خٽڪ ٽرينون  بحال ڪيو وڃي جڏهن ته موئن جو دڙو ٽرين ۾ بوگيون وڌائي سنڌ جي غريب عوام کي سھولت ڏني وڃي هڪ پاڪستان هوندي پوءبه سنڌ جي عوام سان ٻٽو نظام ڇو رکيو ٿو وڃي