ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي: 44 گاڏين چالان: 7 ضبط: ڊرائيور سوگهو

0
28
ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي: 44 گاڏين چالان: 7 ضبط: ڊرائيور سوگهو
ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي: 44 گاڏين چالان: 7 ضبط: ڊرائيور سوگهو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ روڊ سيفٽي ڪاميٽي ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ 92 گاڏين جي جاچ بعد 44 گاڏين کي چالان ڪري ڇڏيو، جڏهن ته 7 گاڏين کي تحويل ۾ وٺي هڪ ڊرائيور کي  گرفتار ڪيو ويو. ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن تي 3,34,360 رپيا ڏنڊ پڻ لڳايو ويو،  هوڏانهن سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ٽريفڪ قانونن جي نفاذ کي وڌيڪ سخت ڪيو پيو وڃي، ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف بنا فرق ڪارروايون جاري آهن، روڊن تي بدنظمي ۽ غير قانوني گاڏيون برداشت نه ڪيون وينديون.  هن وڌيڪ چيو ته عوام جي حفاظت اسان جي پهرين ترجيح آهي، جيڪو به قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندو، انهي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. روڊن کي محفوظ بڻائڻ ۽ حادثن جي روڪٿام لاءِ مهم جاري رهندي.