لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) پاڪستان پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسوسئيشن جي صدر شاهي خان جاگيراڻي، چيئرمين غلام حسين جلباڻي، جنرل سيڪريٽري ذوالفقار سهتو ۽ ٻين پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته لاڙڪاڻو ٽريزري آفيس جو ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر ظفر عباس انڙ چانڊڪا اسپتال جا بل پاس نه پيو ڪري جنهن ڪري اتر سنڌ جي سڀ کان وڏي چانڊڪا اسپتال ۾ انتهائي نازڪ ۽ اهم مسئلن جي ڪري داخل غريب مريضن جي موت سان گڏ مريضن جي وارثن کي به تڪليفن مان گذري رهيا آهن ڇاڪاڻ اسپتال ۾ مختلف بيمارين جا مريض داخل ٿين ٿا ۽ هزارين ماڻهن جو روزاني جي بنيادن تي اچ وڃ ٿئي ٿو، جنهن ڪري اسپتالن ۾ لکين پيدا ٿيندڙ خطرناڪ جراثيم سبب وچڙندڙ خطرناڪ بيمارين سبب مريضن جا وارث ۽ عملو متاثر ٿي سگهي ٿو، اهڙن مسئلن ۾ آڪسيجن گئس جي سپلا جيڪا اڄ چند ڪلاڪن جي باقي رهيل آهي، انتهائي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ مريضن جي حياتي بچائڻ واريون دوائون مقامي سطح تي دوائون خريد ڪيون وينديون جن دوائن جي خريداري توڙي داخل غريب ۽ مستحق مريضن جي کاڌي پيتي جي سپلائي به بند پيل آهي، ان کان علاوه فنائل سوئيپ، چندي، پوچي ۽ مڪمل صفائي جي سامان جي به کوٽ آهي، اسٽيشنري ۾ داخلا فائيل، او پي ڊي جون پرچيون، ليباريٽري انويسٽيگيشن پيڊس، الٽراسائونڊ پيڊس، ايڪسري جي لفافن جي به سپلائي مڪمل بند آهي. هنن چيو ته آڪسيجن گئس جهڙي حساس ۽ نازڪ سپلائي نه هجڻ ڪري انتهائي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڇاتي، دم، حادثن جي حالت ۾ ايندڙ مريضن کي وينٽيليٽر، آپريشن ٿئيٽرس ۽ چلڊرين اسپتال ۾ هڪ ڏينهن جي تازو ڄاول معصوم ٻارن کان وٺي 15 سالن جي ٻارڙن تائين آڪسيجن گئس جي سپلائي مهيا نه ڪرڻ هٿ وٺي موت جي منهن ۾ ڌڪڻ برابر آهي. ، اسين سنڌ حڪومت سميت ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊويزن، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ٻين کي اپيل ٿا ڪيون ته جلد نوٽيس وٺي اسپتالن ۾ دوائن سميت گئس ۽ ٻين شين جي کوٽ هنگامي بنيادن تي ختم ڪري مريضن جون جانيون ضايع ٿيڻ کان بچايون وڃن ٻي صورت او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪرڻ سان گڏ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو.