
واشنگٽن/بيجنگ(م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ چيني صدر شي جن پنگ وچ ۾ ڏيڍ ڪلاڪ ٽيليفونڪ رابطو، ٻنهي اڳواڻن هڪٻئي کي پنهنجي پنهنجي ملڪ اچڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي، جڏهن ته غلط فهميون ختم ڪري اڳتي وڌڻ لاءِ ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ان موقعي تي صدر ٽرمپ چيو ته صدر شي جن پنگ سان ڏيڍ ڪلاڪ ڊگهي ڳالهه ٻول ٿي، چين سان واپاري معاهدو ڪرڻ مشڪل هو پر صدر شي جو احترام آهي. ڏيڍ ڪلاڪ تائين ٿيندڙ ڳالهين ۾ ٻنهي ملڪن بابت ڳالهيون ٿيون، ناياب معدنيات جي ڇڪتاڻ بابت هاڻي ڪي به سوال نه ٿيڻ گهرجن. ٽرمپ جو وڌيڪ چوڻ هو ته ٻنهي ملڪن جون ٽيمون جلد ملاقات ڪنديون ملاقات بابت جلد ميڊيا کي آگاهه ڪندس، چيني صدر سان گهڻيون ڳالهيون واپار تي ٿيون، ان دوران روس، يوڪرين ۽ ايران بابت ڪا به ڳالهه ٻول نه ٿي. ٻئي طرف چيني صدر شي جن پنگ چيو آهي ته آمريڪي صدر جي چين جي دوري جي آجيان ڪنداسين، آمريڪا کي چين خلاف ڪيل ناڪاري قدمن کي ختم ڪرڻ گهرجي. شي جن پنگ چيو ته ٻنهي طرفان سفارتي معاشي ۽ عسڪري رابطن کي وڌائڻ گهرجي. ٻنهي ملڪن کي غلط فهميون ختم ڪري تعاون کي وڌائڻ گهرجي. چين آمريڪا لاڳاپن ۾ رنڊڪون ختم ڪرڻ اهم آهن. هن چيو ته لاڳاپن ۾ هر قسم جي مداخلت ۽ تجريبڪاري کي ختم ڪرڻ ضروري آهي، ٻنهي ملڪن کي اقتصادي، واپاري مشاورتي مڪينزم جو سٺو استعمال ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته ٻنهي ملڪن کي هڪٻئي جي خدشن جو احترام ڪرڻ گهرجي. ٻنهي ملڪن کي هڪٻئي سان هڪجهڙو رويو اختيار ڪرڻ گهرجي. چين ۽ آمريڪا لاءِ ڳالهيون ۽ تعاون درست چونڊ هوندي. چيني صدر چيو ته آمريڪا کي تائيوان واري معاملي ۾ احتياط ڪرڻ گهرجي، شاگردن ۽ ٽيڪنالاجي تي پابنديون واپاري معاهدي جي ڀڃڪڙي آهن. هوڏانهن چيني ميڊيا جو چوڻ هو ته ٽيليفون ڪال آمريڪي درخواست تي ٿي، تعاون کي ئي واحد رستو قرار ڏنو ويو. ٻنهي ملڪن جلد ٻيهرڳالهين تي اتفاق ڪيو، هنڌ بعد ۾ طئي ٿيندو.