ڪراچي (رپورٽ: عرفان شاهه ) ڪراچي اولهه جي سيشن ڪورٽ ۾آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ کي گرفتار ڪرڻ لا۽ درخواست داخل، عدالت اها درخواست  ايڊيشنل سيشن جج ون کي ٻڌڻي لاءِ اماڻي ڇڏي، آمريڪي صدر خلاف ڪيس داخل ڪرڻ بابت ٻڌڻي اڄ پهرين جولاءِ تي ٿيندي، درخواستگذار جمشيد خواجا وڪيل پنهنجي وڪيل بئريسٽر سيد جعفر علي جعفري  ذريعي داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته ڊونالڊ ٽرمپ عالمي امن کي خراب ڪري رهيو آهي، هن پاڪستان سميت سڄي مسلم دنيا جي ملڪن خلاف تاريخي ظلم ڪيو آهي,  ايران تي حملي، ايٽمي سهولتن کي تباهه ڪرڻ تان ڊونالڊ ٽرمپ ولد  فريد ٽرمپ خلاف ڊاڪس  ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل ڪري پوليس کي سندس گرفتاري لاءِ حڪم جاري ڪيا وڃن.