واشنگٽن (م ڊ) پ پ چيئرمين ۽ پاڪستاني سفارتي مشن جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري آمريڪا کي ڀارتي حڪومت کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ جي اپيل ڪري ڇڏي، هڪ انٽرويو ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جهڙي ريت صدر ٽرمپ پاڪ ڀارت جنگبندي لاءِ ڪردار ادا ڪيو، اهڙي طرح پاڪ ڀارت ڳالهين لاءِ به مدد ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته صدر ٽرمپ ان وقت جنگ کي ٽاريو جڏهن ٻنهي ملڪن ۾ ويڙهه ۾ شدت اچي رهي هئي، ڀارت طرفان ايٽمي هٿيار کڻي ويندڙ ميزائل فائر ڪيا پئي ويا ۽ پاڪستان وٽ فيصلو ڪرڻ لاءِ صرف 30 سيڪنڊ هئا ته ميزائل ايٽمي آهن يا نه، هن چيو ته پاڪستان ڀارت سان دهشتگردي تي به ڳالهائڻ لاءِ تيار آهي، ڀارت بنا ثبوتن جي رڳو الزامن جي بنياد تي جنگ مڙهڻ چاهي ٿو، هڪ ارب 70 ڪروڙ انسانن کي غير رياستي عنصرن جي رحم ڪرم تي نٿو ڇڏي سگهجي. هوڏانهن پاڪستان سفارتي مشن جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري جون واشنگٽن ۾ ملاقاتون گذريل ڏينهن به جاري رهيون، آمريڪي پرڏيهي معاملن بابت انڊر سيڪريٽري سان ملاقات ٿي، جنگبندي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تي صدر ٽرمپ ۽ پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيا، آمريڪي پرڏيهي معاملن بابت ڪاميٽي جي چيئرمين ۽ ٻين ڪانگريس ميمبرن سان به ملاقاتون ٿيون، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڀارت کي اهڙين پاليسين کان روڪيو وڃي، جيڪي خطي ۽ دنيا جي امن خراب ٿيڻ جو ڪارڻ بڻجن، پاڪستان هائوس ۾ ڏنل آجياڻي ۾ پاڪستاني وفد جي آمريڪي قانونسازن جي گروپ سان ملاقات ٿي، بلاول چيو ته جنگبندي سٺو سنئوڻ آهي پر هي رڳو شروعات آهي، ڀارت پاڻي بند ڪيو ته ان کي جنگ جو اعلان تصور ڪيو ويندو.