
واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اسرائيل هٿان تباهه ڪيل پٽي غزه تي قبضو ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته اتي دنيا کان ماڻهو آڻي آباد ڪنداسين سعودي عرب ۽ ٻيا ملڪ اسان جي هن منصوبي جي حمايت ڪندا. وائٽ هائوس ۾ اسرائيل جي وزيراعظم بنجمن نيتن ياهو سان ملاقات بعد پريس ڪانفرنس ڪندي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته آمريڪا غزه جي پٽي تي قبضو ڪندو ۽ اسان ان جا مالڪ هونداسين. ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته غزه تي قبضو ڪري اسان انهي کي مستحڪم ڪنداسين ۽ اتي نوڪرين جا موقعا پيدا ڪنداسين. هن چيو ته غزه جي ملڪيت کي ڊگهي وقت لاءِ ڏسي رهيو آهيان اسان غزه تي قبضو ڪري انهي کي ترقي يافته بنائينداسين جنهن سان علائقي جي ماڻهن کي نوڪريون ملڻ سان گڏ ٻين شهرين کي به آباد ڪرڻ جو موقعو ملندو. آمريڪي صدر وڌيڪ چيو ته فلسطينين کي اردن ۽ مصر ۾ ترسايو ويندو، هاڻ ڏسڻو آهي ته اردن ۽ مصر جي اڳواڻن جو رد عمل ڪهڙو اچي ٿو. هن دعويٰ ڪئي ته سعودي عرب ۽ خطي جي ٻين اڳواڻن کي انهي منصوبي بابت ٻڌايو جن ان کي پسند ڪيو آهي. سعودي عرب سان گڏجي هلڻ چاهيون ٿا اهي بهتر ماڻهو آهن. هن چيو ته فلسطينين وٽ غزه ڇڏڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه حل نه آهي، اسان چاهيون ٿا ته پاڙيسري ملڪ اردن ۽ مصر بي گهر فلسطينين کي پنهنجي پناهه ۾ وٺن.
غزه / جده / قاهره / لنڊن / ڪراچي (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران غزه پٽي تي ڊگهي عرصي تائين قبضي واري اعلان کي عرب دنيا سميت دنيا جي اڪثر ملڪن رد ڪري ڇڏيو، ٽرمپ اسرائيل کي قبولڻ لاءِ دٻاءَ وجهي رهيو آهي، فلسطينين جي بيدخلي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي، آمريڪا جي دٻاءَ ۾ اچڻ وارا ناهيون، هر موڙ تي مظلومن جو ساٿ ڏينداسين. گڏيل قومن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي غزا منصوبي کي نسل ڪشي جي برابر قرار ڏئي ڇڏيو، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو آهي ته ٽرمپ جو غزا جي آبادي کي منتقل ڪرڻ ۽ فلسطيني علائقي کي ترقي ڏيڻ جو منصوبو نسل ڪشي جي برابر هوندو، ٽرمپ جي منصوبي سان فلسطيني رياست جو قيام هميشه لاءِ ناممڪن ٿيڻ جو خطرو آهي، سعودي عرب چيو آهي ته فلسطيني رياست جي قيام کانسواءِ اسرائيل سان لاڳاپا قائم نه ڪنداسين، سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سعودي عرب فلسطيني رياست جي حمايت ڪري ٿو، فلسطينين کي پنهنجي سرزمين تان بي دخل ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي رد ڪيون ٿا. سعودي عرب، مصر، اردن ۽ حماس سميت وچ اوڀر جي ملڪن توڙي تنطيمن آمريڪي صدر جي اهڙي بيان کي رد ڪيو آهي. آمريڪي صدر جي بيان بعد سعودي پرڏيهي وزارت چيو ته سعودي عرب فلسطيني رياست قائم ڪرڻ واري موقف تي اٽل آهي ۽ هو فلسطيني رياست قائم ڪرڻ تائين اسرائيل سان لاڳاپا قائم نه ڪندا. حماس آمريڪي صدر کي بيان کي کِلَ جوڳو قرار ڏيندي چيو ته اهڙي تجويز خطي ۾ ٻيهر باهه ڀڙڪائي سگهي ٿي. مصر ۽ اردن به آمريڪي صدر جي اهڙي تجويز کي رد ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته وچ اوڀر جي ڪيترن ئي ملڪن ۽ تنظيمن گڏيل بيان ۾ خبردار ڪيو ته اهڙي قدم سان خطي کي استحڪام جو خطرو ٿي سگهي ٿو. برطانيا سميت ڪيترن ئي ملڪن جي اڳواڻن طرفان ٻه رياستي حل جي حمايت ڪئي، برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر برطانيا جي ڪانگريس ۾ زور ڏنو آهي ته برطانيا ٻه رياستي حل جي حمايت ڪري ٿو، هن غزه ۾ موجوده جنگبندي کي برقرار رکڻ تي زور ڏنو، اسٽارمر جو وڌيڪ چوڻ آهي ته هزارين فلسطينين جي غزه ۾ ملبي جي وچ مان گذري پنهنجي گهرن ڏانهن ويندي ڏسي ڏک ٿيو ته انهن جي ڇا حالت آهي؟ فرانس جي پرڏيهي وزارت رفان جاري بيان ۾ فلسطيني آبادي جي غزه مان جبري لڏپلاڻ جي تجويز کي رد ڪندي چيو ته پٽي کي ڪنهن ٽئين پارٽي طرفان ڪنٽرول نه ڪرڻ گهرجي، فرانس جو به اهو ئي چوڻ آهي ته ٻه رياستي حل ئي ان مسئلي جو واحد ۽ ڊگهي عرصي تائين رهندڙ حل آهي. روس ۾ ڪريملن جي ترجمان دمتري پيسڪوو جو چوڻ آهي ته وچ اوڀر ۾ ڪو به حل ان وقت ممڪن آهي جڏهن ٻه رياستي حل کي عملي جامو پارايو ويندو، چين ۽ آسٽريليا طرفان به ٻه رياستي حل جي حمايت ڪئي وئي، ترڪي جي پرڏيهي وزير جو به چوڻ هو ته فلسطينين کي ڪنهن به منصوبي کان ٻاهر رکڻ تڪرار جو سبب بڻجي سگهي ٿو.
ايران کي اسرائيل سان گڏجي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ نٿا چاهيون، ايٽمي هٿيار رکڻ نه ڏبا: ٽرمپ
واشنگٽن : آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ آهي ته اسرائيل سان گڏجي ايران کي ٽڪرا ٽڪرا نٿا ڪرڻ چاهيون، پر تهران سان مضبوط ايٽمي امن معاهدي کي ترجيح ڏينداسين. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽرٿ سوشل تي هڪ پوسٽ ۾ آمريڪي صدر جو چوڻ هو ته آئون چاهيان ٿو ته ايران هڪ عظيم ۽ ڪامياب ملڪ ٿئي پر اهڙو ملڪ نه ٿئي جنهن وٽ ايٽمي هٿيار هجن، هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اهي افواهه هلي رهيا آهن ته آمريڪا اسرائيل سان گڏجي ايران کي ٽڪرن ۾ تقسيم ڪرڻ چاهي ٿو هروڀرو وڌائي ڳالهيون ڪيون پيون وڃن. آئون هڪ اهڙي مضبوط ايٽمي معاهدي کي ترجيح ڏيندس جنهن تحت ايران اڳتي وڌي سگهي ۽ خوشحال ٿئي، اسان ان تي فوري ڪم شروع ڪنداسين جڏهن اهو عمل مڪمل ٿي ويندو ته ان تي صحيون ٿينديون ته وچ اوڀر ۾ وڏو جشن ٿيندو. وائٽ هائوس ۾ خطاب ڪندي ٽرمپ چيو ته ايران وٽ ايٽمي هٿيار نٿا ٿي سگهن ۽ آمريڪا کي اهو حق حاصل آهي ته اهو ٻين ملڪن کي ايراني تيل جي وڪرو کي روڪي. ميمو تي صحيحون ڪندي ٽرمپ انهي کي تمام گهڻو مشڪل قرار ڏنو چيو ته هو انهي ڳالهه تي پريشان آهي ته اهو قدم کنيو وڃي يا نه. هن چيو ته اسان وٽ ايٽمي هٿيار نٿا ٿي سگهن ۽ اسان کي اميد آهي ته تهران سان ڪوبه معاهدو طئي ٿي ويندو. هن اهو به چيو ته هو پنهنجي ايراني هم منصب سان ملاقات جي لاءِ تيار آهي ته جيئن ايران کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهجي ته هو ايٽمي هٿيار ٺاهڻ جي تهران جي ڪوششن کي ختم ڪري. ٽرمپ اڳوڻي صدر جوبائيڊن تي الزام لڳايو آهي ته هو تيل جي برآمد تي پابندين کي سختي سان لاڳو ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي جنهن جي باري ۾ ٽرمپ جو چوڻ آهي ته هن ايران کي ايٽمي هٿيارن جي پروگرام ۽ وچ اوڀر ۾ هٿياربند مليشائين جي مالي مدد جي لاءِ تيل وڪرو ڪرڻ جي اجازت ڏئي حوصله افزائي ڪئي آهي.
“جنگي ڏوهارين جي ميزباني بند ڪريو” ٽرمپ خلاف احتجاج
واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران غزه تي قبضي واري اعلان خلاف فلسطين جي حمايت وائيٽ هائوس ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو، پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي گادي واري هنڌ واشنگٽن ڊي سي ۾ وائيٽ هائوس ٻاهران ڊونلڊ ٽرمپ جي غزه جي پٽي تي ڊگهي عرصي تائين قبضي واري سازش خلاف نعرا هنيا ويا، احتجاجي مظاهري دوران فلسطين حمايتين جي هٿن ۾ فلسطيني جهنڊا ۽ پلي ڪارڊ کنيل هئا جن تي آزاد فلسطين ۽ جنگي ڏوهارين جي ميزباني بند ڪريو جا نعرا لکيل هئا.
آمريڪا فلسطينين جي امداد روڪي ڇڏي
واشنگٽن: وائٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهين کان اڳ آمريڪا جي صدر ڊونلڊٽرمپ گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل سان آمريڪي شموليت کي روڪڻ ۽ گڏيل قومن جي فلسطيني امدادي اداري يو اين آر ڊبليو اي جي فنڊنگ روڪڻ جي لاءِ هڪ دستاويز تي به صحيحون ڪيون. هن چيو ته هڪ صدارتي يادداشت تي صحيحون ڪيون جنهن ۾ ايران جي خلاف هڪ سخت پاليسي کي ٻيهر لاڳو ڪيو ويو جنهن جو مقصد ملڪ کي ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ کان روڪڻ ۽ تيل جي برآمدات کي محدود ڪرڻ آهي.
آمريڪا کي غزه جو مالڪ بڻجڻ جو ڪو حق ناهي: آمريڪي اپوزيشن
واشنگٽن : اسرائيل جي حمايت ڪرڻ تي بائيڊن انتظاميا کان انتظاميا کان استعيفيٰ وٺندڙ اڳوڻي صلاحڪار طارق حبش ردعمل ڏيندي چيو آهي ته آمريڪا کي غزه جو مالڪ ٿيڻ ۽ غزه وارن جي مسقبل جو فيصلو ڪرڻ جو ڪو به حق ناهي. هن وڌيڪ چيو ته هي سفارتڪاري ناهي نه ئي اهو آمريڪا جي مفاد ۾ آهي
ٻه رياستي حل چاهيون ٿا: آسٽريليا ٽرمپ جي اعلان تي مايوس
ڪينبرا (م ڊ) آسٽريليا جي وزيراعظم انٿوني البانيز چيو آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ جي غزه تي ڪنٽرول واري اعلان سان شديد ڌچڪو لڳو. جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته اسين وچ اوڀر ۾ 2 رياستي حل جي حمايت ڪريون ٿا، مس غزه ۾ زندگي واپس آئي آهي ته وري اهڙي قسم جي منصوبن سان مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا.