ٽرمپ پاراان پاڪستان تي 58، ڀارت تي 26 سيڪڙو ٽيڪس لڳائڻ جو اعلان

0
53
معاهدو شايد ٿئي، ايران لاءِ خطرناڪ صورتحال پيدا ٿي ويندي : ٽرمپ
معاهدو شايد ٿئي، ايران لاءِ خطرناڪ صورتحال پيدا ٿي ويندي : ٽرمپ

واشنگٽن(م ڊ) آمريڪا آسٽريليا مان ايندڙ گوشت، برطانيا، تائيوان، ڀارت، يورپي يونين، ڪمبوڊيا، انڊونيشيا، ڏکڻ آفريڪا، ملائيشيا، برازيل، بنگلاديش، پاڪستان، سري لنڪا، چين مان ايندڙ سامان، ڏکڻ ڪوريا، ويٽنام، جاپان، سڀني سامان تي 10 سيڪڙو ٽيڪس لڳائڻ جو اعلان ڪيو آهي. صدر ٽرمپ خطاب ڪندي چيو ته ٻيا ملڪ 200، 400 سيڪڙو ٽيڪس وٺن ٿا جڏهن ته اسان انهن کان 2.5 سيڪڙو اوڳاڙي ڪريون ٿا. پرڏيهه مان ايندڙ گاڏين تي 25 سيڪڙو ٽيرف لڳايو ويو. اسان جا اتحادي 30 سالن کان رعايتون ماڻيندا رهيا آهن. اها پاليسي آمريڪا لاءِ بهتر ثابت ٿيندي. هن خطاب ڪندي چيو ته ماهرن جو چوڻ آهي ته ان ٽيڪس سان آمريڪا ۾ مهانگائي وڌندي جڏهن ته شراب، گاڏيون ۽ ٻيون شيون مهانگيون ٿينديون. هن چيو ته آمريڪا سڀ کان اول اسان جي پاليسي آهي. انهن ملڪن کي اسان گهڻو ڪجهه ڏيندا آهيون پر هاڻ هو به ڏيندا. اميد ته دنيا جا ماڻهو اها ڳالهه سمجهندا. ٻئي طرف سي اين اين موجب انهن ملڪن جو انگ 60 آهي جن تي ٽيڪس لڳندو جيڪي ملڪ اسان جا دشمن آهن انهن کان قيمت جو 50 سيڪڙو ٽيڪس وصول ڪيو ويندو. ٽرمپ چيو ته پاڪستان تي 58 سيڪڙو ۽ ڀارت تي 26 سيڪڙو ٽيرف لڳايو ويندو. اڄ آمريڪا جي آزادي جو ڏينهن آهي. هن چيو ته دنيا جا ملڪ آمريڪا جي شين تان ٽيڪس ختم ڪن نه ته اسان اوڳاڙي ڪنداسين.