واشنگٽن/لنڊن/ڪينبرا/روم(م ڊ) ٽرمپ ٽيرف سبب آمريڪي ۽ ايشيائي مارڪيٽون لڏي ويون، سرمائيڪارن جا 60 کرب ڊالر ٻڏي ويا، آمريڪي اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ 2020ع کانپوءِ بدترين مندي جو رجحان رهيو. آمريڪي ميڊيا موجب ٽيرف جي اعلان کانپوءِ ٻن ڏينهن اندر سرمائيڪارن جي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ لڳل 60 کرب ڊالرن کان وڌيڪ رقم ٻڏي وئي، رڳو اهو ئي نه پر آمريڪي ٽيرف کانپوءِ کنڊ صنعت به يورپي منڊين ڏانهن لاڙو وڌائي ڇڏيو آهي. ٽرمپ ٽيرف جي اعلان کانپوءِ آمريڪي اسٽاڪس ۾ 5 سالن جي بدترين مندي ڏسڻ ۾ آئي، ڊائون جونز ۾ 5 سيڪڙو، ايس اينڊ پي 500 مان 4.6 سيڪڙو ۽ نيسڊڪ ۾ 4.7 سيڪڙو گرائوٽ ڏسڻ ۾ آئي. لنڊن اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ فٽسي هنڊريڊ انڊيڪس ۾ ڪووڊ وبا کانپوءِ رڪارڊ 5 سيڪڙو، جرمني جي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ 4 سيڪڙو ۽ جاپان ۾ 2.8 سيڪڙو ٻاڙائي رهي، جڏهن ته واپاري جنگ جي خدشن سبب تيل قيمتون 8 سيڪڙو مان گهٽجي 4 سالن جي گهٽ ترين سطح تي پهچي ويون. آمريڪي سينٽرل بينڪ جي سربراهه جيروم پاويل قيمتن ۾ اضافي ۽ معاشي ترقي جي رفتار ۾ ڪمي کان خبردار ڪري ڇڏيو، صدر ٽرمپ جي اسرار باوجود جيروم پاويل وياج شرح ۾ في الحال لاٿ کان انڪار ڪيو. هوڏانهن برطانوي، آسٽريلوي ۽ اٽلي جي وزيراعظمن به واپاري جنگ کي عالمي واپار لاءِ وڏو خطرو قرار ڏيندي چيو ته معاشي استحڪام لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو.