لندن(م ڊ) پاڪستان واضح ڪيو آهي ته ٽرمپ انتظاميا طرفان لڳايل ٽيرف تي ڪنهن به قسم جو جواب ڏيڻ جو ارادو نٿا رکون، پاڪستان جو موقف جارحاڻو ناهي پر تدبر ۽ حڪمت عملي تي مبني هوندو. ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب برطانوي خابرو اداري بي بي سي کي انٽرويو ۾ چيو ته اسان سڀني کي سوچڻو پوندو ته هن نئين ورلڊ آرڊر سان ڪيئن اڳتي وڌون؟ ان معاملي تي اسان کي ڳالهيون ڪرڻ جي ضرورت آهي. ناڻي واري وزير هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته جيڪڏهن توهان جو سوال اهو آهي ته ڇا اسان ان جي بدلي ۾ آمريڪا کي ڪو جواب ڏيڻ وڃي رهيا آهيون ته ان جو جواب نه ۾ ئي آهي. جڏهن کانئس پڇيو ويو ته ڇا ان کي لڳي ٿو ته آمريڪا ۽ چين وچ ۾ ٿيندڙ ڇڪتاڻ سان پاڪستان جو نقصان ٿي رهيو آهي ته سندس چوڻ هو ته امريڪا هڪ ڊگهي عرصي کان واپار سميت ٻين شعبن ۾ پاڪستان جو اسٽريٽجڪ پارٽنر آهي چين سان لاڳاپا به اسان لاءِ اهم آهن.