راولپنڊي(م ڊ) باني پي ٽي آءِ عمران خان ڊونلڊ ٽرمپ کي صدر ٿيڻ تي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته منهنجي باري ۾ ٽرمپ نيوٽرل رهندي، منهنجي آزادي آمريڪا نه پاڪستان ۾ عمل ۾ ايندي، اڊيالا جيل ۾ صحافين ۽ وڪيلن سان ڳالهائيندي عمران خان وڌيڪ چيو آهي ته باجوه کي واڌ ۽ ڪمزور اتحادي حڪومت قبول ڪرڻ منهنجيون غلطيون هيون، مون کي اميد آهي ته ٽرمپ گهٽ ۾ گهٽ نيوٽرل رهندو هو جوبائيڊن وانگر نه ٿيندو، جنهن باجوه جيان حسين حقاني کي استعمال ڪري منهنجي خلاف لابي ٺاهي وئي ۽ ان تي يقين ڪيو، منهنجي آزادي وارو معاملو آمريڪا مان نه پاڪستان ۾ ئي مڪمل ٿيندو. هن چيو ته ملڪ ۾ صرف چونڊن سان جمهوريت ناهي ايندي، حقيقي جمهوريت لاءِ صاف شفاف چونڊون آزاد عدليه قانون جي بالادستي ۽ احتساب جو هجڻ ضروري آهي ٻي صورت ۾ چونڊن جو ڍونگ ته ڊڪٽيٽر به رچائيندا آهن.