ٽوڪيو (م ڊ ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان ايران تي آمريڪي حملن جي ڀيٽ ٻي عالمي جنگ دوران هيروشيما ۽ ناگاساڪي مٿان ايٽمي حملن سان ڪرڻ سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو. جاپان ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ٽرمپ جي بيان تي ردعمل ڏيندي ناگاساڪي جي ميئر شيـرو سوزوڪي چيو ته جيڪڏهن آمريڪي صدر پنهنجي بيان ۾ ايٽم بم ڪِيرائڻ واري عمل کي درست ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته اها ڳالهه شهر جي حيثيت سان اسان لاءِ انتهائي افسوسناڪ آهي. جاپان جي سرڪاري ٽي وي موجب، ايٽم بم سبب متاثرن مان هڪ ميماڪي توشيئوڪي، جيڪو هڪ نوبيل انعام ماڻيندڙ گروپ سان واڳيل آهي تنهن ٽرمپ جي بيان کي ناقابل قبول قرار ڏنو، ان کانسواءِ گروپ جي هڪ ٻئي ميمبر تيروڪو يوڪوياما مقامي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ”مان تمام گهڻو مايوس آهيان، مون کي صرف ڪاوڙ اچي رهي آهي.“ ٻئي پاسي هيروشيما ۾ متاثر ماڻهن طرفان هڪ مظاهرو پڻ ڪيو ويو، جنهن ۾ ٽرمپ کان مطالبو ڪيو ويو ته هو پنهنجو بيان واپس وٺي. هوڏانهن هيروشيما جي پارلياماني ميمبرن به ان بيان خلاف مذمتي ٺهراءُ منظور ڪيو آهي.