ٽرمپ مان امن جي اميد؟

0
31
ٽرمپ مان امن جي اميد؟

يوڪرين جنگ بند ٿيڻ جو اعلان ٿيڻ وارو آھي  ۽ ٽرمپ ان جو ڪريڊٽ کڻڻ وارو آھي. اھو انڪري جو سندس دعوا موجب ھن يوڪريني صدر کي سمجھايو آھي تہ  نيٽو ۾ شامل نہ ٿيڻ جو اعلان ڪري. شموليت جي فائدن بدران ان جا نقصان وڏا آھن. ٻئي طرف حماس اسرائيلي يرغمالين کي نہ ڇڏڻ جي ارادي کي ترڪ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي. چند ڏينھن اڳ حماس چيو ھو تہ اسرائيل معاھدي جي ڀڃڪڙي ڪئي آھي، سو اھي يرغمالين کي ڇڏڻ واري ايندڙ قسط تي عمل نہ ڪندا. ان تي امريڪي صدر ٽرمپ جو ترت ردعمل آيو تہ جيڪڏھن حماس پاران  معاھدي تي عمل بند ٿيو تہ غزا ۾ سڀ ڪجھ رک جو ڍير ڪري ڇڏيو ويندو. ڪاوڙ ڏاڍي تي چڙھي ڪانہ  ھيڻي تان لھي ڪانہ.

          سو وڌيڪ ڪا رڏي ڪرڻ بدران حماس دور انديشي ڪندي معاھدي تي ٺيڪ ٺيڪ عمل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي. پر اھو ظاھر آھي تہ نہ اسرائيل پنھنجي جفا ۽ جنگ جي عادت کان گھڻي دير تائين مڙندو ۽ نہ حماس   مزاحمت ڇڏيندي. ٽئين طرف اسرائيل ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن تي حملو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي.  سلسلي ان جي راھ ھيئن کلي تہ ٻن سالن کان وڌ عرصو ھلندڙ جنگ مان روس اھو سمجھي ورتو تہ دنيا جي ڪيڏي بہ وڏي طاقت ھجي  ڪنھن ملڪ تي قبضو ڪرڻ اڄڪلھ جي دنيا ۾ کاٻي ھٿ جو کيل ناھي. ڀئي طرف يوڪرين جي صيھوني صدر کي بہ خبر پئي تہ نيٽو ۾ شموليت تي اجايو ضد ھن لاء ڪنھن بہ فائدي جو ناھي.

     امريڪي صدر ٽرمپ سڀ کان اڳ امريڪا جو نعرو ھڻي آيو آھي ۽ يقينن ھو دنيا ۾ رڳو انھن ئي جنگين کي جاري رکندو جيڪي امريڪا جي مفاد ۾ ھجن. پر ھن ڀيري سياسي مفاد بدران معاشي مفاد کي وڌيڪ اھميت حاصل رھندي. امريڪا ٻين ھنڌن تي رڳو اھي ڪم ڪندو جن سان ھن جو فوجي سز سامان وڪرو ٿئي يا آمريڪي سرمائيدار کي فائدو رسي. ان جو مطلب ھي آھي تہ امريڪا ھر ھنڌ ۽ ھر اشو جي معاملي ۾ اڳواڻيء وارو ڪريڊٽ کڻي، اھا امريڪي حڪمران طبقي جي نظر ۾ مدي خارج پاليسي آھي. اھو ئي سبب آھي تہ عالمي ماحوليات ۾  ترقي ۽ سڌارن واري سموري ڪم ۽ ھر مھم تان امريڪا ھٿ کڻي ويو آھي. ھڪ ٻي ڳالھ ۾ بہ اھو ئي لاڙو ڪارفرما آھي تہ سياسي، سفارتي ۽ عمراني معاملن ۾ امريڪا جا تصور بدلجي ويا آھن. ھاڻي امريڪا کي پرواھ ناھي تہ ٻيا امريڪا بابت ڇا ٿا سوچن، بين الاقوامي ادارن جي ڪابہ حيثيت نہ رھي آھي. ٽرمپ “انصاف” جي بين الاقوامي ڪورٽ تي بندش ھڻي ڇڏي آھي. ھن فلسطينين جي امداد بند ڪري ڇڏي آھي. ان طرح سندس سفارتي محاذ ڪمزور ٿي چڪو آھي تہ ان جي بہ ٽرمپ کي ڪا پرواھ ناھي. ھن چين سميت مختلف ملڪن جي واپار تي ٽيڪسز جو اھڙو بار وڌو آھي جو جيڪڏھن اھي ملڪ اھو واپار ڪن تہ کين نفعو ٿيڻ جو سوال ئي پيدا نہ ٿو ٿئي. سعودي عرب امريڪا ۾   6 سئو ارب ڊالر جي جن  منصوبن جو اعلان ڪيو آھي، سي ھڪ استثنا آھن. ان ۾ سعوديء جو مفاد سمايل آھي. سعودي ڪنھن بہ طرح امريڪا سان دوستي گھري ڪرڻ ٿو چاھي. جڏھن تہ امريڪا وري انڊيا سان ھڪ ڀيرو ٻيھر دوستي آسمان تائين پھچائڻ ٿو گھري، سو موديء سان ملاقات ۾ ھن نہ رڳو موديء جي گھڻي ساراھ ڪئي آھي پر انڊيا ۾ وڏي پئماني تي سيڙپ جو بہ اعلان ڪيو اٿائين. موديء کي ڪامياب ڏيکارڻ لاء امريڪا ۾ قيد ھڪ پاڪستانيء کي انڊيا جي حوالي بہ ڪرڻ ٿو چاھي. جنھن تي انڊيا ۾ ڪا دھشتگرد حملو ڪرڻ جو الزام آھي.

      انڊيا کي اھميت ڏيڻ سدائين امريڪا جي پاليسي رھي آھي. پر مجموعي طور دنيا ۾ امريڪا سياسي ۽ سفارتي ميدان ڇڏي ڏنو آھي. ٽرمپ سياسي، سفارتي خال کي واپار جي ميدان ۾ ترقيء سان ڀرڻ ٿو چاھي. ان حد تائين ھو ذاتي طور بہ ان طرح جو ھن صدارت جو قسم کڻڻ کان بہ اڳ  پنھنجي ڪرپٽو ڪرنسي لانچ ڪئي آھي. امريڪي ميڊيا موجب ٽرمپ جي ان ڪرنسي سان ڪجھ بہ خريد نہ ٿو ڪري سگھجي، ان ھوندي سندس مداحن اھا ڪرنسي خريد ڪرڻ شروع ڪئي. جنھن بعد ان ڪرنسي جي مارڪيٽ ڪئپيٽلائيزيشن ساڍا پنج ارب ڊالر تائين پھچي وئي آھي.

     اھو رڳو امريڪا ۾ ناھي تہ اعلي ا ترين حڪمران عھديدار بذات خود ھڪ سرمائيدار آھي. مثال طور پاڪستان ۾ بہ ڪو بہ عھدو ڪنھن غريب کي ڏيڻ واري رسڪ نہ ٿي کنئين وڃي. ھتي صدر توڙي وزيراعظم ڀئي سڌيء ريت مٿئين طبقي جا آھن. يورپ ۾ اھڙو رواج آھي تہ اھڙا ماڻھو عھدن تي اچن جن جي ڪا ذاتي ملڪيت نہ ھجي، ان حد تائين جو انھن جو گھر ڪرائي تي ھجي، روزانو سرڪاري آفيس ڀاڙو ادا ڪري يا ان حد تائين جو سائيڪل تي اچن. پر ان سان ڪو مسئلو حل نہ ٿو ٿئي. جيڪڏھن ٿئي ھا تہ يورپ ۾ ڪو غريب نہ ھجي ھا ڪو مثال طور يتيم خاني يا سينيئر سٽيزنس ڪوارٽر ۾ نہ رھي ھا.

    اسان وٽ اھو رواج آھي تہ ملڪ جي خراب حالتن جي ڀيٽ يورپ ۽ امريڪا سان ڪندي چيو ويندو آھي تہ اولھ جي ملڪن ۾  ڪا جنت آھي. ڇو تہ اتي حاڪم سچا ۽ خدمت گذار آھن. ان ۾ شڪ ناھي تہ يورپ ۾ ڪجھ حد تائين چڱائي آھي ۽ اسان وٽ تنزلي تمام وڏي پئماني تي، پر ڏسڻ جي ڳالھ اھا آھي اتي بہ پاليسيون ڪنھن جون ٿيون ھلن. برطانيا ۾ نہ رڳو سرمائيدارن جو پر امريڪا واريون پاليسيون ٿيون ھلن. البت ھن ڀيري ئي اھا معجزي جھڙي ڳالھ ٿي وئي جو غزا تي امريڪي قبضي واري بيان تي برطانيا ناڪاري بيان ڏنو، باقي تہ برطانيا سدائين سامراجي سردار ملڪ امريڪا جي پويان اکيون ٻوٽي ھلندو رھيو آھي. صحيح طريقو اھو آھي تہ ڏٺو وڃي تہ ڪنھن ملڪ جا حڪمران ڪھڙي قسم جي آئين تحت ڪھڙي قسم جون پاليسيون ٿا ھلائين. مثال طور يورپ جو ڪھڙو اھڙو ملڪ آھي، جنھن ۾ سرمائيدارن کي مزدورن يا ڪاريگرن، ڪلاڪارن جا حق کائڻ، انھن جو استحصال ڪرڻ کان روڪڻ جو ڪو قانون ھجي. سوويت يونين جي خاتمي بعد اتي لڳاتار رياست پاران ٿيندڙ عوامي خرچن ۾ ڪٽوتيون ٿينديون رھيون آھن. سوويت يونين ۽ ان دور جي سوشلسٽ ملڪن جي دٻاء تحت اولھ جي سرمائيدار ملڪن ۾ اھڙا ڪم ڪيا جھڙوڪ ٻارن جي کير جو خرچ  بہ سرڪار يعني رياست ڪندي ھئي. ھاڻي ھر اھڙي خرچ ۾ گھٽتائي يا وري ان جو مڪمل خاتمو ڪيو ويو آھي. انھن ملڪن جي سرڪار ضرورتمندن غريبن کي امداد ڏيڻ بدران اميرن کي ڪروڙين اربين ڊالر امداد ڏئي ٿي. سو غريب عھديدار جيڪڏھن اميرن جي آئين تحت ڪم ڪندو تہ اھو اصل خدمت تہ ڪندو ئي سرمائيدارن جي. اھڙي ماحول ۾ پوء اتي بدامنيء، انتقام پسندي، انتھا پسندي، پاڻ پرستيء، ملڪ پرستيءَ ۽ مجموعي طور چئجي تہ مفادپرستيء جي جنھن باھ کي مسلسل ڀارڻ ڏنو ويو آھي تہ اڄڪلھ آئي ڏينھن ڪو نہ ڪو فرد يا گروھ ڪنھن ريسٽورنٽ ۾، ڪنھن ڀري بازار ۾، ڪنھن ھال ۾ موسيقيء واري ڪنسرٽ دوران يا مورڳو اسڪول ۾ انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ٿو ڏئي. سو بدامني ۾ آھي پاڪستان سان مقابلو ڪري رھيا آھن.

         دنيا جي لڳ ڀڳ ھر ملڪ  جا حڪمران عھديدار پنھنجي پنھنجي ملڪ جي سرمائيدارن جي لائين تي ھلي عھدن تي رھي سگھن ٿا. اھو بہ تہ ھڪ سبب آھي تہ اسرائيل پاران 19 جنوريء کان جنھن معاھدي تي عمل شروع ٿيو، ان کان اڳ سوا سال کان وڌ عرصي تائين فلسطينين جو جيڪو قتل عام ٿيو، تنھن تي اولھ مان ڪنھن بہ حڪمران اسرائيل کي ظلم کان روڪڻ جي ڪوشش نہ ڪئي، سواء لفظ خرچ ڪرڻ جي. ڪم خرچ بالا نشين.

         اھو ممڪن ئي نہ ھو تہ اھي ڪجھ ڪري سگھن ھا ڇاڪاڻ سندن مفاد کين ان جي اجازت ئي نہ ٿا ڏين. سندن مفادن جي بچاء لاء ضروري ھو تہ ھو فلسطين جي آزاديء لاء رڪاوٽن کي برقرار رکن. ان ڪري تہ آخر فلسطين واسين جي جدوجھد مظلومن جي جدوجھد ۽ فلسطين جي آزادي مظلومن جي جدوجھد جو ڦل ھوندي. سو ٻين ماڻھن لاء بہ اميد بہ ھوندي. ان اميد کي قتل ڪرڻ لاء اھي ھر حد تي ويندا.

          ٽرمپ بہ دنيا کي ڪا اميد ڏيڻ نہ ٿو چاھي. اھا ٻي ڳالھ آھي تہ ھو غزا ۾ امن جون تقاضائون پوريون نہ ڪرڻ باوجود ۽ يوڪرين ۾ قدرتي طور بند ٿيندڙ جنگ جي خاتمي تي ڪريڊٽ کڻي. ۽ پوء امن جو نوبل انعام بہ پاڻ کي ڏياري.