واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي رياست “مين” اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي پرائمري اليڪشن ۾ حصي وٺڻ کان روڪي ڇڏيو. خابرو ادارن موجب رياست مين جي انتظاميا جو چوڻ آهي ته آمريڪا جي سپريم ڪورٽ رياست جي ان حق کي جاچي رهي آهي ته ٽرمپ کي نااهل قرار ڏيڻ جو حق آهي يا نه؟ آمريڪي ميڊيا وجب اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي چونڊ مهم رياست مين جي فيصلي کي ظالماڻو قرار ڏيندي فيصلي خلاف اعتراض داخل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.