واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ آهي ته صدر جوبائيڊن کي خبر ناهي ته هو ڇا پيو ڪري، جيڪو ڪجهه ٿئي پيو اهو اسان کي عالمي جنگ طرف وٺي ويندو. ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ عالمي جنگ بابت خدشا ظاهر ڪندي چيو ته روس ۽ يوڪرين جي جنگ ٽئين عالمي جنگ ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي، جيڪو ڪجهه اسرائيل ۽ ايران ۾ ٿئي پيو اهو به عالمي جنگ طرف وٺي وڃي سگهي ٿو. هن چيو ته روس ۽ يوڪرين جي جنگ پهريان به نه ٿيڻ گهرجي ها، جيڪڏهن مان صدر هجان ها ته ڪڏهن به روس ۽ يوڪرين جي جنگ نه ٿئي ها.  هن جوبائيڊن کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته اسان وٽ هڪ صدر آهي، جيڪو ٻه جملا گڏ نه چئي سگهندو آهي، جيڪو اسٽيج جي ڏاڪڻ ناهي ڳولي سگهندو، ان کي ڪهڙي خبر ته هو ڇا پيو ڪري، اسان هڪ عالمي جنگ ۾ ختم ٿي سگهون ٿا.