ٽرمپ سان ڇڪتاڻ بعد يورپي ملڪ زيلنسڪي سان گڏ بيهي ويا: يورپي سربراهي اجلاس ۾ يوڪرين لاءِ دفاعي ڪوششون وڌائڻ تي غور

0
22
ٽرمپ سان ڇڪتاڻ بعد يورپي ملڪ زيلنسڪي سان گڏ بيهي ويا: يورپي سربراهي اجلاس ۾ يوڪرين لاءِ دفاعي ڪوششون وڌائڻ تي غور
ٽرمپ سان ڇڪتاڻ بعد يورپي ملڪ زيلنسڪي سان گڏ بيهي ويا: يورپي سربراهي اجلاس ۾ يوڪرين لاءِ دفاعي ڪوششون وڌائڻ تي غور

لنڊن(م ڊ) يوڪرين سان ايڪي جي اظهار لاءِ برطانيا ۾ يورپي اڳواڻن جو سربراهي اجلاس ٿي گذريو. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ يوڪريني صدر زيلنسڪي وچ ۾ ڇڪتاڻ کان پوءِ يوڪرين سان ايڪي جي اظهار لاءِ برطانيا ۾ اهم اجلاس شروع ٿي ويو. اجلاس جي شروعات ۾ برطانوي وزيراعظم سرڪيئر اسٽارمر چيو ته يورپي ملڪن کي يوڪريني سلامتي لاءِ دفاعي ڪوششون وڌائڻيون پونديون، يوڪرين جي سلامتي ۾ سموري وڏي کنڊ جو استحڪام آهي. اجلاس ۾ يوڪريني صدر زيلنسڪي کان سواءِ ڪينيڊا، فرانس، جرملي، اٽلي ۽ ٻين يورپي ملڪن جا سربراهه ۽ نيٽو جو سيڪريٽري جنرل، يورپي ڪميشن ۽ يورپين ڪائونسل جا صدر به شريڪ آهن. اجلاس ۾ روس_يوڪرين جنگ جي خاتمي جي ڪوششن ۽ وسيع تر يورپي دفاع تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. اجلاس کان اڳ اٽليءَ جي وزيراعظم جارجيا ميلوني برطانوي وزيراعظم سر ڪيئر اسٽارمر ۽ يوڪريني صدر زيلنسڪي سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾يوڪرين تڪرار جي حل تي ڳالهيون ٿيون. ملاقات ۾ اٽليءَ جي وزيراعظم جارجيا ميلوني چيو ته يوڪرين تي مغربي ملڪن جي ورڇ جي خطري کان بچڻ تمام ضروري آهي. مغربي ملڪن جي وچ ۾ برطانيا ۽ اٽلي پل جو ڪم ڪري سگهن ٿا. ان کان اڳ آمريڪي صدر سان ڏند چڪ کان پوءِ برطانيا پهچڻ تي يوڪريني صدر جو شاندار استقبال ڪيو ويو. برطانوي وزيراعظم سرڪيئر اسٽارمر 10 ڊائونن استريٽ ۾ کيس گرمجوشي سان ڀليڪار چيو. زيلنسڪي جي لنڊن آمد تي ڊائوننگ اسٽريٽ جي ٻاهر وڏي تعداد ۾ ماڻهن بيهي سندس آڌرڀاءُ ڪيو. برطانوي وزيراعظم يوڪرين لاءِ پنهنجي ڀرپور حمايت جو اعلان ڪندي چيو ته برطانيا يوڪرين سان گڏ آهي ۽ جيترو به وقت لڳي، ان جي حمايت جاري رهندي. برطانيا ۽ يوڪرين 2.26 بلين پائونڊز جي نئين مالي امداد جو به اعلان ڪيو. جيڪا يوڪرين جي دفاعي صلاحيتن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندي. زيلنسڪي برطانيا جي سهڪار تي ٿورا مڃيا ۽ اميد ظاهر ڪئي ته اها حمايت اڳتي به جاري رهندي. زيلنسڪي وائيٽ هائوس سان ڇڪتاڻ باجود آمريڪا سان ڳالهين جا دروازا کليل رکڻ جو اشارو ڏنو ۽ چيو ته يوڪرين آمريڪا سان لاڳاپن کي اهميت ڏئي ٿو.