واشنگٽن(م ڊ) صدر ٽرمپ ۽ سندس ويجهي دوست ايلون مسڪ ۾ اختلاف شدت اختيار ڪري ويا، مسڪ نئين سياسي پارٽي ٺاهڻ لاءِ راءِ گهري ورتي. حڪومتي عهدو ڇڏڻ کانپوءِ مسڪ ٽرمپ تي سنگين الزام لڳائيندي چيو ته موجوده سياسي پارٽيون 80 سيڪڙو مڊل ڪلاس جي نمائندگي نه ٿيون ڪن، مون کي بگ بيوٽي بل ڪڏهن نه ڏيکاريو ويو. مون کان بغير ٽرمپ هاري وڃي ها. ايلون مسڪ ايڪس تي اهو به لکيو ته هاڻي وڏن انڪشافن جو وقت اچي ويو آهي، آمريڪي صدر ٽرمپ جو نالو جيفري ايپسٽين فائل ۾ آهي، ٻئي طرف آمريڪي صدر ٽرمپ جو چوڻ آهي ته مسڪ جي تنقيد سان تمام گهڻي مايوسي ٿي، مسڪ بل جي معاملن کان چڱي ريت واقف هو گڏوگڏ ٽرمپ پنهنجي دوست کي چريو به چئي ڇڏيو. لفظي جنگ کانپوءِ ئي ايڪس جي باني ايلون مسڪ آمريڪا ۾ نئين سياسي پارٽي ٺاهڻ لاءِ ايڪس تي راءِ گهري ورتي. مسڪ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته آمريڪا ۾ هڪ نئين سياسي پارٽي ٺاهي وڃي، اهڙي نئين سياسي پارٽي جيڪا حقيقت ۾ 80 سيڪڙو عوام جي نمائندگي ڪري.