واشنگٽن (م ڊ) ڊونلڊ ٽرمپ جي ٻيهر آمريڪا جو صدر ٿيڻ کانپوءِ ٽيسلا ۽ اسپيس ايڪس جهڙين ڪمپنين جي کرب پتي مالڪ ايلون مسڪ جي دولت ۾ کربين رپين جو اضافو ٿي ويو. رڳو هڪ ڏينهن ۾ 73 کرب دولت ۾ واڌ ٿي. ايلون مسڪ آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي پرجوش حامي طور سامهون آيو هو. هن ٽرمپ جي چونڊ مهم لاءِ 11 ڪروڙ 90 لک ڊالرز جو عطيو ڪيو، جڏهن ته سياسي ريلين ۾ به شرڪت ڪئي. بلومبرنگ موجب هاڻي ان جو ان کي فائدو به ٿيو آهي 26.5 ارب ڊالرز جي اضافي سان ان جي دولت 290 ارب ڊالرز تائين پهچي وئي. آمريڪي صدارتي چونڊن جي نتيجن کانپوءِ ٽيسلا جي شيئرز جي قيمتن ۾ 14.75 سيڪڙو واڌ ٿي. مجموعي طور تي ٻن ڏينهن دوران ان ڪمپني جي شيئرز جي قيمتن ۾ 18.81 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. آمريڪي چونڊن ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي ڪاميابي سان رڳو ايلون مسڪ کي ئي فائدو ناهي ٿيو پر دنيا جي ٻئي امير ترين شخص جيف بيزوز جي دولت 7.14 ارب ڊالرز اضافي کانپوءِ 228 ارب ڊالرز تائين پهچي وئي