غزه جنگ بندي معاهدو ٽرمپ، نيتن ياهو ۽ امن لاءِ سندن نظراندازي سبب داغدار آهي. فلسطينين ۽ اسرائيلين لاءِ اهو هڪ جٽادار ۽ منصفاڻو حل هجڻ گهرجي، ٻنهي ڌرين جي عوام کي خوشي آهي ته هڪ کي بمباريءَ جي خاتمي سان هُو بچي ويندا ۽ ٻين کي ته سندن يرغمالي گهر ڀاتي زندهه يا مرده واپس ته گهر ضرور ايندا، پر اهو حساب ڪتاب ڪو آخري ناهي، پوري دنيا کي خبر آهي ته نيتن ياهو ۽ ٽرمپ ڪي امن جا پانڌيئڙا ناهن ۽ هُو پنهنجي اقتدار خاطر پوري دنيا کي ئي کنڊر بڻائڻ ۾ دير ئي نه ڪندا. يرغمالين واري معاهدي جي تڙپ گهري پاڻيءَ کي ڍڪيندڙ ان هلڪي برف واري تهه جيان آهي، جيڪا خوفناڪ حد تائين نازڪ آهي ۽ معمولي دٻاءُ سبب ڦاٽي ٽُٽي پوڻ ۾ دير ئي نه ڪندي. هن وقت آمريڪي سياست ۾ ان معاهدي کي ڪيش ڪرائڻ جي ڊوڙ شروع ٿي وئي آهي، ڊيموڪريٽڪ صدر جو بائيڊن گذريل سال کان سندس ٽيبل تي پيل ان امن معاهدي کي ان وقت کڻي عمل جوڳو بڻائڻ جي چڪر ۾ آهي، جڏهن هُو وائيٽ هائوس ڇڏي گهر وڃڻ وارو آهي، جڏهن ته ٽرمپ جي ٽيم رانڀاٽ ڪرڻ شروع ڪيا آهن ته اسان جي ڌمڪين سبب ئي حماس اهو معاهدو ڪرڻ تي مجبور ٿي آهي، اها ڳالهه به صحيح آهي ته ٽرمپ اليڪشن دوران ئي اسرائيل جي کليل حمايت ڪري حماس ۽ ايران کي ڌمڪي ڏني هئي ته جيڪڏهن انهن اسان جي امن فارمولي تي عمل نه ڪيو ته پوءِ ‘جهنم کي زمين تي آڻي بيهاريندس ۽ انهن لاءِ ڌرتي تنگ ڪري ڇڏيندس’، ان بعد ٽرمپ پنهنجي خاص ايلچي اسٽيو وٽڪوف کي هنگامي بنيادن تي پهرين اسرائيل موڪلي نيتن ياهو سان معاملا سڌا ڪري بعد ۾ ان کي قطر موڪلي بائيڊن ٽيم سان ڳالهين ۾ شامل ڪرايو، جنهن تي بائيڊن پاڻ وضاحت ڪندي اعتراف ڪيو ته اسان ٽرمپ جي ٽيم کي ان ڪري شامل ڪيو، جو اسان ڪجهه ڏينهن ۾ گهر وينداسين ۽ ان امن معاهدي تي انهن جي حڪومت کي عمل ڪرڻو آهي، ان ڪري سمورن معاملن تي انهن کي آن بورڊ ورتو، باقي سڄو فارمولو اسان جي حڪومت جو تيار ڪيل آهي.
بي گناهن جي ان قتل عام کي روڪڻ ۾ دنيا جي ناڪاميءَ کي نه معاف ڪري سگهجي ٿو نه ئي ان کي تاريخ ڪڏهن وساري ڇڏيندي. اسرائيلين جو پنهنجي وزير اعظم بنجمن نيتن ياهو تي اڄ به الزام آهي ته هُو سياسي دشمنيءَ سبب صيھونين کي سالن کان مسلسل مارائي رهيو آهي، هُو پاڻ کي اقتدار ۾ رکڻ لاءِ نه فلسطينين کي سُکَ سان ٿو رهڻ ڏي، نه ئي اسان کي جيئڻ جو حق ٿو ڏئي. ان معاملي تي اسرائيل ۾ ساڄي ۽ کاٻي ڌُر ۾ به ڇتو بحث هلي رهيو آهي. اسرائيل جي ساڄي ڌر جي اڳواڻ ۽ قومي سلامتيءَ جي وزير اتمار بين گوير ان امن معاهدي کي غداريءَ سان ڀيٽ ڏيندي چيو آهي ته اهو ڪو حتمي فيصلو ناهي، ڏسجو ته ڪيئن اسان وري فلسطين کي نيست و نابود ٿا ڪيون. انهن کانسواءِ ٻيا عالمي سياسي اداڪار ڪريڊٽ کڻڻ لاءِ هنبوڇيون هڻڻ ۾ پورا آهن، ٽرمپ جي ڌمڪين کانپوءِ عرب، خليجي رياستون ۽ ترڪي حماس تي دباءُ وجهڻ شروع ڪيو ته ٻيلي ڳالهه مڃي وٺو نه ته ٽرمپ آيو ته سڀني جي ڳِچيءَ ۾ هٿ وجهندو ۽ پوءِ پيا رڙيون ڪنداسين. پوءِ به ڪيترو نه عجيب آهي، جو ٽرمپ جيڪو فلسطينين جو سخت دُشمن پاڻ فلوريڊا ۾ ويهي امن جو علمبردار ٿي ڳالهائي رهيو آهي پر مڊل ايسٽ جو ماضي، حال ۽ مستقبل ٻڌائي ٿو ته اها راند ڪا گهڻي دير نه هلي سگهندي، هاڻ جڏهن نيتن ياهو ٽرمپ جي ٻولي لڳائي آهي ته هُو ۽ سندس انتهاپسند مذهبي قومپرست اتحادي غزه ۽ الهندي ڪناري جي مستقبل جي ڪنٽرول تي آمريڪي حمايت جي اُميد ڪندا. نيتن ياهو پنهنجي قيمتي منصوبي لاءِ به سندس حمايت حاصل ڪري سگهي ٿو. هُو چاهيندو ته حماس جي خاتمي بعد ايران جو ايٽمي پروگرام به ڪهڙي ريت ختم ئي ڪرايو وڃي، ان لاءِ هُو ٽرمپ کان جوا جو آخري پتو به کيڏائڻ جي ڪوشش ڪندو.
ڏٺو وڃي ته، هڪ ڳالهه يقيني آهي، سا اها ته اهو منجهيل معاهدو ڪنهن به وقت کلي سگهي ٿو. اسرائيلي مبصر پهرين ئي اها اڳڪٿي ڪري رهيا آهن ته شروعاتي ڇهه هفتا انتهائي اهم آهن، ان جي ڪنهن به پهرئين مرحلي ۾ اها جنگ ٻيهر شروع ٿي سگهي ٿي. ان خوفناڪ امڪان کان بچڻ لاءِ هٿياربند ويڙهه جي مڪمل خاتمي، ٻنهي ڌُرين جي يرغمالين جي نازڪ آزادي، اسرائيلي فوجين جي واپسي، مڪمل عالمي امداد جي فراهمي، بي گهر فلسطينين جي گهرن ڏانهن پرامن طريقي سان واپسي، اتر غزه جي بحالي، انهن سمورن معاملن مان ڪنهن هڪ تي به ڪجهه به ٿيو ته اها جنگ وري ڀڙڪي پوندي. ان معاهدي ۾ غزه جي مستقل حڪمرانيءَ واري معاملي تي ڊيڊ لاڪ برقرار آهي، بنيادي طور تي ان لاءِ ڪو معاهدو ئي ناهي ڪيو ويو، ان لاءِ بائيڊن انتظاميا غزه ۾ هڪ عبوري انتظاميا جي تجويز پيش ڪئي آهي، جيڪا هڪ نئين فلسطيني اٿارٽيءَ ذريعي هلائي ويندي پر ان ۾ حماس ۽ الفتح کي ٻاهر ئي رکيو ويندو، ڇو جو اسرائيل نه چاهيندو ته حماس وري اقتدار ۾ هجي، ان ڪري هُو پنهنجي حامي تنظيم جي معرفت غزه جو ڪنٽرول پاڻ وٽ رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ان لاءِ نيتن ياهو جي ٽيم هن وقت به ٽرمپ جي ٽيم سان مسلسل ڳالهيون ڪري ڪو نئون ڍانچو ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. آمريڪي پرڏيهي وزير بلنڪن واضح ڪيو آهي ته ان نئين منظر نامي ۾ حماس کي هاڻ ڪڏهن به اقتدار ۾ اچڻ نه ڏينداسين ۽ اسرائيل کي غزه جي ڪجهه حصن تي فوجي قبضو ڪرڻ يا مستقبل ۾ الحاق جي به اجازت نه هوندي.
فلسطيني سياستدان ۽ فتح تحريڪ جو اڳواڻ مروان البرغوثي جيڪو 22 سالن کان اسرائيل جي جيل ۾ قيد هجڻ باوجود غزه ۾ جنگ بنديءَ واري معاهدي جو مرڪزي ڪردار به ليکيو وڃي ٿو، تنهن جي آزادي ۽ مستقبل جي فلسطيني حڪومت جي صدر طور اچڻ جون ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن، جنهن تي اسرائيل کي اڃان به خدشا آهن. فلسطينين جي نيلسن منڊيلا طور سڃاڻپ رکندڙ البرغوثي 15 سالن جي عمر ۾ ياسر عرفات جي الفتح تحريڪ ۾ شامل ٿيو، هن شاگرد ونگ کان سياست جي شروعات ڪئي ۽ ياسر عرفات جو خاص ماڻهو بڻجي ويو، 1978ع ۾ هٿياربند ونگ ٺاهڻ جي الزام ۾ گرفتار ٿيو. 1983ع ۾ “ينگ گارڊ” نالي تنظيم ٺاهي، جنهن اسرائيلي فوجين ۽ يهودي آبادڪارن کي مارڻ شروع ڪيو، جنهن تي کيس وري گرفتار ڪري جلاوطن ڪيو ويو، بعد ۾ اوسلو امن معاهدي جي ڪري واپس آيو. 2001ع ۾ قاتلاڻي حملي ۾ بچي ويو. فتح پارٽيءَ جي پرائمري اليڪشن ۾ کيس 40 هزار ووٽ مليا پر هن محمود عباس جي حمايت ڪئي پر بعد ۾ حامين جي دٻاءُ تي پاڻ صدارتي اليڪشن ۾ بيهي رهيو. اسرائيلي فوج مروان کي 2004ع ۾ 5 ڀيرا عمر قيد سان گڏ 40 سال سخت قيد جي سزا ٻڌائي. هن وقت حماس، اسلامي جهاد ۽ فتح جي ڌڙن ۾ البرغوثي کي نئين انتظامي حڪومت جو سربراهه ڪرڻ تي غور ٿي رهيو آهي. جڏهن ته مروان فلسطين جي ٻن قومي رياستن جو حامي آهي پر فلسطينين جو چوڻ آهي ته، هن وقت قيادت جي کوٽ آهي ۽ مروان هر لحاظ کان سمورن ڌڙن کي متحد ڪري وري نئين حڪمت عملي سان جنگ شروع ڪري سگهي ٿو، اهو ئي سبب آهي جو اسرائيل کي خوف آهي ته البرغوثي ڪٿي اڳتي هلي ٻين اڳواڻن جيان سندن لاءِ مسئلا پيدا نه ڪري، ان ڪري هن جي آزاديءَ لاءِ في الحال ڪو پڪو جواب ناهي ڏنو.
بلنڪن اهو به اعتراف ڪري رهيو آهي ته هيڏي وڏي تباهيءَ باوجود حماس ٻيڻ تي ماڻهو ڀرتي ڪري ورتا آهن، ان ڪري هاڻ اسرائيلين کي اهو فيصلو ڪرڻو پوندو ته هو فلسطينين سان ڪيئن رهڻ پسند ڪندا. پر اهي گهريلو سچائيون موجوده اسرائيلي قيادت ۽ خاص طور تي ياهو لاءِ قابل قبول ناهن، جيڪي ٻه رياستي حل جا سخت مخالف آهن. پر ٽرمپ هن وقت تائين ڪنهن سان به اهڙو ڪو واعدو ناهي ڪيو. هن وٽ منصفاڻي حل جو ڪو فارمولو ئي ناهي. ٽرمپ فلسطينين کي اڄ به شڪست کاڌل ئي تصور ڪندو آهي، ان ڪري ئي سندس ظالماڻي دنيا ۾ اهڙن ماڻهن لاءِ ڪا جاءِ ناهي، ان ڪري وچ اوڀر جي جنت جو خاتمو هڪ ڪاروباري موقعو ئي آهي. عالمي مبصرن جو چوڻ آهي ته جيستائين نيتن ياهو اقتدار ۾ آهي، تيستائين اها جنگ ختم ئي نه ٿيندي. جيڪڏهن جنگ ختم ٿي به ته عالمي عدالتن ۾ انهن کي پنهنجو حساب ڏيڻُو پوندو. هاڻ به هي معاملو ان وقت تائين ختم نه ٿيندو جيستائين بنجمن نيتن ياهو پنهنجي ساٿين سان گڏ هيگ جي ڪٽهڙي ۾ بيهي پنهنجي خوفناڪ ڪمن جو جواب نه ٿو ڏئي.