ٽرمپ جي واپسيءَ سان آمريڪي پاليسيون تبديل ٿينديون؟

0
29
ٽرمپ جي واپسيءَ سان آمريڪي پاليسيون تبديل ٿينديون؟

ڊونالڊ ٽرمپ جو سياسي ڪيريئر ڪجهه سال اڳ لوڏن ۾ هو پر قسمت بدلجندي دير نه ٿي ٿئي. هاڻ هُو آمريڪا جو 47 هون صدر چونڊجي ويو آهي. ٽرمپ 5 نومبر جي اليڪشن ۾ ڪامياب ٿي گهڻن کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. آمريڪي صدارت لاءِ ٽرمپ جي سامهون ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي اميدوار ڪملا هيرس بيٺي هئي، جيڪا هن وقت آمريڪا جي نائب صدر پڻ آهي. سڄي دنيا ۾ ٽرمپ جي تاريخي موٽ ۽ ڪملا هيرس جي شڪست کي خوشي گاڏڙ خوف جي جذبن سان ڏٺو پيو وڃي. مختلف حلقن ۾ ٽرمپ جي داخلي توڙي خارجي پاليسي بابت بحث مباحثا ڪيا پيا وڃن. هن مضمون ۾ مختصر طور تي ٽرمپ جي اليڪشن ۾ ڪاميابي پويان مخصوص سببن جي ڇنڊڇاڻ ڪنداسين ۽ هن جي پرڏيهي پاليسي کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

                 ٽرمپ جي وائيٽ هائوس ۾ واپسي کي اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو history’s greatest comeback “زبردست تاريخي موٽ” چيو آهي. هن جي گذريل صدارتي دور ۾ ڪجهه واقعن هن جي سياسي ڪيريئر کي ذري گهٽ تباهه ڪري ڇڏيو هو. ٽرمپ 2020ع واري آمريڪي صدارتي اليڪشن جا نتيجا قبول ڪرڻ کان انڪار ڪندي، 6 جنوري 2021ع تي پنهنجي حمايتين کي ڪيپيٽَول هِل تي چڙهائي ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. انهي واقعي سندس ساک کي آمريڪا توڙي دنيا ۾ ڪافي متاثر ڪيو. آمريڪي ڪانگريس ۾ ٽرمپ خلاف ڪيس هليو پر اُتان هُو آزاد ٿي نڪتو. هن خلاف ڪورٽن ۾ پڻ فوجداري ڪيس داخل ٿيا. ٽرمپ آمريڪا جو پهريون صدر هو، جنهن خلاف فوجداري ڪيس هليو هو. آمريڪي ايجنسي ايف بي آءِ هن جي گهر تي چڙهائي پڻ ڪئي. ماڻهن سمجهيو پئي ته، آمريڪي اسٽيبلشمينٽ، ٽرمپ کي ملڪي مفادن لاءِ خطرو سمجهي رستي تان هٽائي ڇڏيندي ۽ هن جو سياسي سفر ختم ٿي ويندو پر ائين نه ٿيو.ٽرمپ جو پهريون صدارتي دور مسلمانن لاءِ ڪو سٺو دور نه هو. هو مسلمان ملڪن سان پنهنجي سختگير پاليسي جي ڪري اُنهن جي رنج ۽ غم جو شڪار رهيو. ٽرمپ طرفان جنوري 2017ع ۾ وچ اوڀر جي 7 مسلمان ملڪن جي شهرين کي آمريڪا ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي وڌي وئي. ٽرمپ جي اهڙي عمل نه رڳو آمريڪا جي مسلمانن ۽ ساڃاهه وند ڌرين کي ناراض ڪيو هو پر سڄي دنيا مان انساني حقن لاءِ آواز اٿاريندڙ تنظيمن اُن جي مخالفت ڪئي. ساڳئي سال ڊسمبر جي مهيني ۾ هن يروشلم (بيت المقدس) کي اسرائيل جو دارالحڪومت تسليم ڪري دنيا ڀر جي مسلمانن جي جذبن کي مجروح ڪيو. جنوري 2020ع ۾ آمريڪا طرفان قاسم سُليماني کي پڻ قتل ڪيو ويو. انهن واقعن آمريڪي مسلمانن جي دل ۾ ٽرمپ خلاف سخت ڪاوڙ ڀري ڇڏي هئي ۽ 2020ع جي صدارتي اليڪشن ۾ هن جي ناڪامي جي گھڻن ئي سببن مان هڪ سبب اهو به هو ته آمريڪي مسلمانن ٽرمپ کي ووٽ نه ڏنا هئا.

هن اليڪشن ۾ ٽرمپ جي ڪاميابيءَ جو وڏو سبب غزه ۾ هلندڙ جنگ آهي. غزه ۾ اسرائيلي بربريت لڳ ڀڳ سال گذرڻ کانپوءِ به جاري آهي ۽ بائيڊن جي حڪومت اسرائيل جي هر ممڪن سهائتا ڪندي آئي آهي. هن اليڪشن ۾ ٽرمپ پنهنجي جنگ مخالف پاليسي جي ڪري ڪجهه گھڻو مشهور ٿيو آهي ۽ جنهن جي ڪري هو اليڪشن ۾ ڪامياب به ٿيو آهي. آمريڪا ۾ مسلمان شهرين جي وڏي آبادي هئڻ ڪري سندن ووٽ وڏي اهميت جا حامل آهن. اُنهن جو گڏيل ووٽ آمريڪا جي اليڪشن جي نتيجن تي ٿورو گهڻو اثرانداز ضرور ٿئي ٿو. آمريڪي امن پسند شهرين وڏي تعداد ۾ ڪملا هيرس کي هزارين بيگناهه فلسطينين جي خون وهائيندڙ اسرائيل جو حمايتي ٿيڻ جي سزا طور ووٽ نه ڏنو ۽ ٽرمپ جي جنگ مخالف پاليسي مان متاثر ٿي، کيس ووٽ ڏئي ڪامياب ڪيو آهي. 2020ع واري صدارتي اليڪشن کان اڳ ٽرمپ بابت آمريڪي مسلمانن جو موقف بلڪل مختلف هو. انهن جي نظر ۾ ٽرمپ مسلمان دشمن صدر جي حيثيت رکندو هو پر هن اليڪشن ۾ٽرمپ بابت سندن موقف بدلجي ويو ۽ کيس ووٽ ڏيڻ انهن جي مجبوري به ٿي پئي.ٽرمپ يورپ جي سڪيورٽي لاءِ آمريڪي پئسا خرچ ڪرڻ جو مخالف رهيو آهي. هُن جي نظر ۾ يورپي ملڪ پنهنجي سيڪيورٽي لاءِ پاڻ گھٽ پئسو لڳائين ٿا ۽ آمريڪي امداد تي وڌيڪ ڀاڙين ٿا. 2019ع ۾ اها خبر عالمي ميڊيا جي زينت بڻي هئي ته ٽرمپ، آمريڪا طرفان نيٽو جي گڏيل دفاعي امداد ۾ پنهنجو حصو 22 سيڪڙو مان گھٽائي 16 سيڪڙو ڪري ڇڏيو آهي. نيٽو جا ميمبر ملڪ پنهنجي ملڪ جي ڪُل جي ڊي پي جو 2 سيڪڙو نيٽو جي دفاعي بجيٽ لاءِ ڏيڻ جا ذميوار آهن پر 32 ميمبر ملڪن مان رُڳو 8 ملڪ ئي اهو حدف پورو ڪري سگهن ٿا. ٽرمپ انهيءَ معاملي تي به يورپي ملڪن تي تنقيد ڪندو رهندو هو ۽ الزام لڳائيندو هو ته اُهي دفاعي بجيٽ جا رهيل پئسا آمريڪا مان ڪڍن ٿا. انهي تجربي جي بنياد تي يورپي ملڪ ٽرمپ جي واپسيءَ تي گھڻو خوش ناهن ٿيا. 7 نومبر 2024ع تي هنگري ۾ يورپي ملڪي سربراهن جي هڪ اجلاس ۾ فرانس جي صدر ايمينول ميڪرون واضح چيو آهي ته، يورپ کي پنهنجي سيڪيورٽيءَ لاءِ آمريڪا کان مالي آزادي وٺڻ ۽ پنهنجي تاريخ پاڻ لکڻ جو وقت اچي ويو آهي. ٽرمپ پنهنجي نئين صدارتي دور ۾ يورپي ملڪن جي دفاعي ادارن کي مالي اعتبار سان ڏکيو وقت ڏيئي سگهي ٿو. ٽرمپ پنهنجي پهرين دور ۾ روس سان ويجهو رهيو هو. اليڪشن کان ڪجهه عرصو اڳ ٽرمپ چيو هو ته، هُو روس يوڪرين جنگ 24 ڪلاڪن اندر ئي ختم ڪري سگهي ٿو. روس کي اعتماد آهي ته آمريڪا يوڪرين جي فوجي امداد بند ڪري اُن کي ڪنهن معاهدي تي راضي ٿيڻ لاءِ آماده ڪندو، جيڪو روس جي مفادن ۾ هوندو. اهو ئي سبب آهي جو بائيڊن جي حڪومت اليڪشن جا نتيجا پڌرا ٿيڻ کانپوءِ يوڪرين لاءِ 6 بلين ڊالر جي فوجي امداد جي تڪڙي منظوري ڏني آهي، جيئن ٽرمپ جي اچڻ کانپوءِ ڪجهه وقت تائين ئي صحيح پر جنگي صورتحال يوڪرين جي فائدي ۾ رهي.

چين جي تڪڙي معاشي ترقي ۽ سڄي دنيا ۾ ٽيڪنالاجي ۽ واپار جي ڪري هُن جو اثر رسوخ آمريڪا جي لاءِ مٿي جو سور بڻيل آهي. آمريڪا سمجهي ٿو ته معاشي اعتبار سان چين جيڪڏهن آمريڪا جي برابر يا اُن کان طاقتور ٿي ويو ته هُو آمريڪي اصول پرست ورلڊ آرڊر rule-based world order کي چئلينج ڪندو، جنهن سان 80 سالن کان ڪيل آمريڪي قربانيون پاڻي ۾ لُڙهي وينديون. آمريڪا چين سان مختلف هنڌن تي مهاڏو اٽڪائيندو رهيو آهي. تائيوان ۽ ڏکڻ چيني سمنڊ جي مسئلن تي آمريڪا چين جي مخالفن جي ڀرپور مدد ڪندو پيو اچي. اوڀر ايشيا ۾ جاپان ۽ ڏکڻ ڪوريا ته هونئن ئي آمريڪا جا اتحادي آهن پر آمريڪا پنهنجي مڪاري سان ڏکڻ چيني سمنڊ جي مسئلي تي ويٽنام، فلپائينز، ملائشيا، برونئي جھڙن ملڪن کي پڻ چين جي سامهون بيهاري ڇڏيو آهي. آمريڪا چين جي بيلٽ روڊ منصوبي جي ڪري پڻ گھڻو پريشان آهي، ڇو ته چين جي جاگرافيائي نوعيت جي بنياد تي، معاشي ترقي لاءِ هُن جو دارومدار بحري رستن ذريعي واپار کان وڌيڪ روڊ رستن تي هجڻ لازمي آهي. ٽرمپ پنهنجي پهرين دور ۾ چين سان واپاري جنگ trade war شروع ڪئي ۽ بائيڊن پڻ اُن کي ڪنهن حد تائين برقرار رکيو. ٽرمپ جي هن صدارتي عرصي ۾ پڻ آمريڪا ۽ چين جي وچ ساڳيا ئي ناتا رهڻ جا امڪان آهن پر ٿي سگهي ٿو ته، ويتر وڌيڪ تائين خراب ٿين.

ٽرمپ، ايران جو سخت مخالف رهيو آهي. وچ اوڀر ۾ آمريڪا ۽ ايران جا پنهنجا الڳ الڳ مفاد آهن، جيڪي هميشه هڪٻئي سان ٽڪراءُ ۾ رهيا آهن. انهي خطي ۾ پنهنجي مفادن جي تحفظ لاءِ آمريڪا اسرائيل کي پالي تاتي وڏو ڪيو آهي، جيڪو هينئر اُتي آمريڪي مفادن جو محافظ بڻيل آهي. آمريڪا کي اها ڳالهه هرگز نه ٿي وڻي ته ايران اسرائيل جو جاني دشمن بڻيو بيٺو رهي ۽ هُن جي وجود کي مسمار ڪرڻ لاءِ پنهنجي مڪمل طاقت سان سرگرم هجي. ايران، اسرائيل خلاف حماس، حزب الله، حوثين ۽ ٻين غير ملڪي فوجي قوتن جي هر ميدان تي سهائتا ڪندو آيو آهي، جيڪي ايران جي سرحد کان ٻاهر هُن جي مفادن جو تحفظ ڪنديون پيون اچن. ايران اُنهن قوتن جي مدد سان مخالف ملڪن کي پاڻ تي سڌو حملو ڪرڻ کان روڪي ويٺو آهي. آمريڪا ايران جي اسرائيل پاليسي جي ڪري سخت پريشان آهي، ڇو ته انهي دشمني جي نتيجي ۾ جيڪڏهن اسرائيل نقشي تان گم ٿيو ته اُن جو پڙاڏو سڄي وچ اوڀر ۾ گونجي اٿندو ۽ خطي ۾ آمريڪي مفاد پاش پاش ٿي ويندا. تازو ئي عالمي ميڊيا تي خبرون گردش پيون ڪن ته آمريڪا، هڪ ايراني ايجنٽ کي سوگهو ڪيو آهي، جنهن تي الزام آهي ته هُو ايران جي حڪم تي ٽرمپ کي قتل ڪرڻ لاءِ لڳايو ويو هو ٽرمپ جو آمريڪي صدر چونڊجي اچڻ تي ايران جي پريشاني ظاهر ڪري ٿي، ايران سان ناتا بهتر ڪرڻ جي آمريڪا کان ڪا خاص توقع نه ٿي رکي سگهجي.

ٽرمپ جي اليڪشن ۾ ڪاميابيءَ پويان گھڻن ئي سببن مان هڪ آمريڪي مسلمانن ۽ امن پسند شهرين جا ووٽ آهن، جيڪي غزه ۾ جنگبندي جا خواهشمند آهن. اميد ٿي ڪجي ته ٽرمپ گھڻو ڪجهه نه ته رڳو غزه ۾ اسرائيلي بربريت جي روڪٿام يقيني بڻائيندو. انساني حقن جي چيمپيئن ملڪ آمريڪا لاءِ اهو هڪ چئلينچ آهي.