
واشنگٽن/لنڊن/اسلام آباد(م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ نئين ويزا پاليسي جاري ڪري ڇڏي، جنهن تحت پاڪستان ۽ افغانستان جي شهرين جي ايندڙ هفتي کان آمريڪا ۾ داخلا بند ٿي سگهي ٿي. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي انتظاميا مختلف ملڪن ۾ سيڪيورٽي ۽ جاچ پڙتال جي نظام جو جائزو وٺي رهي آهي، ان نظرثاني جي نتيجي ۾ مختلف ملڪن مان ايندڙن جي آمريڪا ۾ داخلا بند ٿي سگهي ٿي. آمريڪي صدر 20 جنوري تي هڪ ايگزيڪيوٽو آرڊر جاري ڪيو هو، جنهن ۾ آمريڪي سلامتي کي خطرن جي نشاندهي لاءِ آمريڪا ايندڙن جي سخت جاچ پڙتال کي ضروري قرار ڏنو ويو، ٽرمپ ڪابينا ميمبرن کي هدايت ڪئي هئي ته ڪمزور ۽ ناقص جاچ پڙتال وارن ملڪن جي فهرست فراهم ڪئي وڃي، جن تي جزوي يا مڪمل پابندي لڳائڻ گهرجي. پرڏيهي خابرو ايجنسي ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو ته افغانستان ۽ پاڪستان تي مڪمل سفري پابندي جي تجويز ڏئي سگهجي ٿي. هوڏانهن پاڪستان جي پرڏيهي کاتي پاران آمريڪا جي امڪاني سفري پابندين کان اڻڄاڻائي ظاهر ڪئي وئي آهي. پابدندي سان آبادڪاري جا منتظر لکين افعاني ويزائن کان محروم ٿي ويندا،