واشنگٽن(م ڊ) آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ساٿي ۽ چونڊ مهم دوران مٿس دولت لٽائيندڙ ارب پتي ايلون مسڪ آمريڪي حڪومت کان ڌار ٿي رهيو آهي جنهن جي استعيفيٰ جلد اچڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته صدر ٽرمپ اقتدار ۾ اچڻ جي سوا ٻن مهينن اندر ئي مقبوليت وڃائي ويٺو آهي. آمريڪي اخبار موجب ڊپارٽمينٽ وف گورنمينٽ ايفيشنسي ڊوج جو سربراهه ايلون مسڪ حڪومت کان ڌار ٿي رهيو آهي. جنهن کانپوءِ هو سمورو ڌيان ڪاروبار تي ڏيندو. ٻئي طرف گيلپ سروي ۾ صدر ٽرمپ جي مقبوليت ۾ تمام گهڻي گهٽتائي ٿي آهي. سندس حامين جو انگ 47 سيڪڙو مان گهٽجي 43 سيڪڙو رهجي ويو آهي.