ٽرمپ جي صدارتي اليڪشن ۾ ڪاميابيءَ جا سبب ۽ عالمي سياست تي اثر!

0
33
ٽرمپ جي صدارتي اليڪشن ۾ ڪاميابيءَ جا سبب ۽ عالمي سياست تي اثر!

آمريڪا جي اليڪشن کٽڻ لاءِ اليڪٽوريٽ ڪاليج جي 538 ووٽن مان 270 ووٽ کٽڻ لازمي هوندا آهن. نومبر جي پنجين تاريخ کان شروع ٿيل آمريڪا جي صدارتي اليڪشن جي نتيجن مطابق ڊونالڊ ٽرمپ هن وقت تائين 272 اليڪٽوريٽ ڪاليج جا ووٽ کڻي چڪو آهي. هن دفعي هن عوامي ووٽن جو به 52 سيڪڙو کنيو آهي، جڏهن ته سندس مخالف ڪملا هيرس کي 47 سيڪڙو عوامي ووٽ مليا آهن. ٽرمپ آمريڪا جو 47 هون صدر چونڊجڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪو آهي ۽ سندس پارٽيءَ جي ڪانگريس سان گڏوگڏ سينيٽ ۾ اڪثريت قائم ٿي چڪي آهي. هن سال آمريڪي روايت موجب، ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جي صدر جو بائيڊن پنهنجي ٻئي ٽرم جي چونڊن لاءِ جڏهن جُون جي مهيني ۾ ريپبلڪن پارٽيءَ جي صدارتي اميدوار ڊونالڊ ٽرمپ سان سي اين اين جي ٽيليوزن نيٽورڪ تي رکيل پهرئين بحث ۾ حصو ورتو، تڏهن پنهنجو توازن برقرار رکي نه سگهيو ۽ بحث ۾ هارايو، جنهن سان  اهو پئي ڏسڻ ۾ آيو ته ٽرمپ صدارتي چونڊون آرام سان کٽي ويندو. پر بائيڊن جي اليڪشن تان هٿ کڻڻ کان پوءِ آمريڪي نائب صدر ۽ ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جي اميدوار مائي ڪملا هيرس جي آگسٽ جي مهيني تائين ٽرمپ جي مقابلي ۾ ڪافي بهتر پوزيشن هئي، جيڪا سيپٽمبر جي مهيني کان گهٽجڻ شروع ٿي ۽ آخري وقت تائين مقابلو سخت هو. برطانيا جي حڪومت ۾ موجود ليبر پارٽيءَ جي اليڪشن ايڪسپرٽن ۽ يوڪرين جي صدر زيلنسڪي آمريڪا وڃي ڊيموڪريٽڪ جي اميدوار ڪملا هيرس جو اليڪشن ورڪ ڪيو، ٽرمپ کي سڄي اليڪشن ورڪ دوران  ڪيسن کي منهن ڏيڻو پيو ۽ مٿس ڏنڊ وڌا ويا ۽ هن کي 500 ملين ڊالر جي ضمانت جمع ڪرائڻي پئي، پر انهن سڀني ڳالهين هوندي ٽرمپ اليڪشن کٽي ويو.

جيئن ته صدارتي اليڪشن ۾ مقابلو سخت هو، تنهن جي ڪري آمريڪي سياست ۽ ليڊرن جا بيان جنگ جو منظر پيش ڪندا هئا. ٽرمپ کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ ڊيموڪريٽڪ حڪومت جي جسٽس ڊپارٽمينٽ ۽ ايف بي آئي ٽرمپ جي مٿان ڪافي گهڻا ڪيس داخل ڪيا هئا، جن جا فيصلا هاڻي ججن اليڪشن تائين ملتوي ڪري ڇڏيا آهن. ٽرمپ انهي تي ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي حڪومت تي الزام لڳايو هو ته کيس اليڪشن ۾ شڪست ڏيڻ جي لاءِ بائيڊن جي حڪومت اهي سمورا ڪيس داخل ڪيا آهن. ٽرمپ جي کٽڻ ۾ آمريڪا جي ڪروڙن ووٽرن سان گڏ  ستن اهڙين رياستن جي ووٽرن جو هٿ آهي، جن کي سوئنگ رياستون چيو وڃي ٿو، جيڪي ڪنهن به اميدوار جي کٽڻ يا هارائڻ جو فيصلو ڪندا آهن. انهن ستن رياستن جا نالا آهن: ايريزونا، جورجيا، مشيگن، نيوواڊا، نارٿ ڪيرولينا، پينسليوينا ۽ وسڪونسن. انهن ستن رياستن جا ڪل اليڪٽوريٽ ووٽ 93 ٿين ٿا. انهن اليڪٽوريٽ ووٽن جو فيصلو عام ووٽر پنهنجي پارٽي اميدوار جي چونڊ سان ڪندا آهن. انهن رياستن ۾ ڪجهه ووٽر پنهنجي پسند جو فيصلو تبديل ڪندا رهن ٿا، جنهن جي ڪري اليڪشن جا نتيجا تبديل ٿيو وڃن. اهوئي سبب آهي ته 2016 ۾ انهن مان ڪافي رياستون ٽرمپ کٽيون هيون ۽ ملڪ جو صدر چونڊجي ويو هو ۽ 2020 ۾ پوسٽل بيلٽ ۽ ڪجهه ننڍن علائقن مان سرسي حاصل ڪري بائيڊن اليڪشن کٽي هئي، جنهن کي آخر تائين ٽرمپ قبول ڪونه ڪيو. هن دفعي مشيگن رياست ۾ اڃا ووٽن جي ڳڻپ هلي پئي. باقي رياستن ۾ ٽرمپ اليڪشن کٽي چڪو آهي.

جڏهن 2020 ۾ آمريڪي صدر ٽرمپ ٻيو دفعو صدارتي اميدوار جي حيثيت سان اليڪشن ۾ بيٺو هو، تڏهن آمريڪي اسٽيبلشمينٽ ۽ سرمائيدارن جي لابي جو وڏو حصو سندس خلاف هو ۽ انهن بائيڊن جي صدارتي اليڪشن ۾ مدد ڪئي. سوشل ميڊيا جا وڏا ادارا ٽوئيٽر، فيس بڪ ۽ ٻين، ٽرمپ جي مئسيجن تي پابندي لڳائي هئي. ٽرمپ اليڪشن هارائڻ کان پوءِ سوشل ميڊيا جو پنهنجو ادارو ٺاهيو ۽ هڪ سڄي ۾ متبادل نظام کي جوڙيو آهي. هن 2024 واري اليڪشن ۾ سرمائيدار لابي جو وڏو حصو، ٽوئيٽر جي مالڪ سميت ٽرمپ جي پاسي آهن، اهوئي سبب آهي ته ٽرمپ جي ڪاميابي سان ڊالر ۽ بٽ ڪوائن جي قيمت ۾ اضافو ٿي ويو آهي.

ٽرمپ موجب، عام آمريڪي ووٽرن وٽ اهم مسئلو عالمي سياست نه پر مهانگائي، وڌندڙ ٽيڪس، روزگار جا موقعا ۽ ٻاهرين ملڪن مان ايندڙ ماڻهو آهن، جيڪي سندن نظر ۾ روزگار جي وسيلن تي قبضو ڪن ٿا، جي مسئلن کي اليڪشن مهم جو حصو بڻايو. جڏهن ته ڪملا هيرس، هيلٿ انشورنس، سفيد پوش طبقي جي زندگيءَ ۾ بهتري ۽ عورتن جي ايبارشن جي حق سان گڏوگڏ صدر بائيڊن جي چين، روس، يوڪرين، يورپي يونين ۽ ٻين ملڪن بابت اڳوڻي پرڏيهي پاليسين تي عمل ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي. سندس چوڻ هو ته اسين ڊيموڪريٽس عالمي سياست ۾ به لبرل قدرن کي برقرار رکنداسين. جڏهن ته ٻئي طرف ٽرمپ پاپولسٽ اڳواڻ آهي، سندس عوامي انداز ۾ سڌي راند سونٽي جي آهي. سندس نعرو ته “سڀ کان پهريائين آمريڪا”، جيڪو گورن جي آبادي، بيروزگارن ۽ نوجوانن جي لاءِ پرڪشش ثابت ٿيو. سندس تيل ۽ هٿيارن جي صنعتن لاءِ بهتر پاليسين آڻڻ، سرمائيدارن ۽ ڪاروباري ماڻهن تان ٽيڪسن کي گهٽائڻ، ڌارين جي اميگريشن بند ڪرڻ لاءِ سخت قانونن سان گڏوگڏ غير قانوني طرح آيلن کي آمريڪا مان ڪڍڻ جي ڳالهه کي ماڻهن اهميت ڏني.

آمريڪا دنيا جو سڀ کان وڏو مهاجر آبادي وارو ملڪ آهي، انهن ٻاهران آيلن جون گهڻو ڪري ٻه سڃاڻپون آهن، انهن جي محبت آمريڪا سان گڏوگڏ سندن اصلي ملڪ سان به آهي. انهن جي ڪوشش هوندي آهي ته هو پنهنجي اصلوڪي وطن جي فائدي لاءِ به ڪجهه ڪن. گذريل هڪ سال کان غزا، فلسطين جا قبضي ۾ آيل علائقا ۽ لبنان ۾ اسرائيل، جيڪو قتل عام ڪري پيو، انهي تي عرب آمريڪين ۽ ٻين مسلمانن جي وڏي اڪثريت سخت ناراض آهي، اهي روايتي طرح ڊيموڪريٽ پارٽيءَ جا ووٽر هوندا هئا، انهن بائيڊن جي اسرائيل دوستيءَ جي ڪاوڙ سبب يا ته گرين پارٽيءَ کي ووٽ ڏنا يا ووٽ وجهڻ ڪونه ويا، سوئنگ رياستن ۾ اهي ووٽ ڪافي اثر انداز ٿيا آهن.

آمريڪي يهودين جو وڏو حصو انتها پسند آرٿوڊڪس يهودين جو آهي، جيڪي ٽرمپ جي اسرائيل ۽ ايران بابت پاليسين کي پسند ڪن ٿا. ساڳي طرح اسرائيل جي وزير اعظم نيتن ياهو جي خواهش ۽ ڪوشش آهي ته صدارتي اليڪشن ٽرمپ کٽي. اهو ئي سبب  آهي جو ڪجهه ڏينهن اڳ آمريڪي صدر بائيڊن صحافين پاران جنگبندي بابت پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ چيو هو ته شايد نيتن ياهو آمريڪا جي صدارتي اليڪشن جي نتيجن کان پوءِ لبنان ۽ غزا ۾ جنگبندي ڪندو. ٻين اکرن ۾ نيتن ياهو نٿو چاهي ته هن وقت جنگبندي جو ڪريڊٽ ڊيموڪريٽس جي حڪومت کي ملي، اسرائيل ۽ روس هن اليڪشن ۾ ٽرمپ جا حمايتي هئا.

سياستدان عوام جي راءِ تي اثر انداز ٿين ٿا ۽ انهي کي هڪ خاص رخ ۾ کڻي هلڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، جنهن جو اثر ملڪي سياست، چونڊون ۽ سفارتڪاري تي پوي ٿو. آمريڪا جون ٻئي سياسي پارٽيون يوڪرين جي بحران تي مختلف موقف رکن ٿيون. ٽرمپ ۽ سندس اثر ۾ ريپبلڪن پارٽيءَ جو اڪثريتي حصو يوڪرين جي امداد گهٽائڻ جي خواهش رکي ٿو، سندن نظر ۾ اهي پئسا آمريڪي عوام تي خرچ ٿيڻ گُهرجن، جڏهن ته صدر بائڊن جا يوڪرين جي صدر سان ذاتي تعلقات آهن ۽ هُو پنهنجي حڪومت جي دور ۾، وڌ ۾ وڌ امداد يوڪرين کي ڏيڻ جي ڪوشش ڪري پيو. اهوئي سبب آهي جو يوڪرين جي صدر، سيپٽمبر ۾ آمريڪا جي دوري وقت صدر بائيڊن سان گڏجي پينسلوينيا رياست ۾ هٿيارن جي ڪارخاني جو دورو ڪيو، جنهن کي ٽرمپ ۽ ريپبلڪن پارٽي هڪ اهم رياست جي اليڪشن تي اثر انداز ٿيڻ جي سازش سڏيو آهي. آمريڪا جي ٻن اتحادين مان، اسرائيلي حڪومت ۽ نيتن ياهو جي خواهش هئي ته ٽرمپ کٽي ۽ يوڪرين جي حڪومت ۽ سندس صدر زيلنسڪي جي خواهش هئي ته ڊيموڪريٽس پارٽي جي اميدوار ڪملا هيرس کٽي. پر ٽرمپ کي سڀ کان پهريائين سندس ڪاميابي تي زيلنسڪي مبارڪباد ڏئي، ڄڻ ته پنهنجي جان بخشي جي گهر ڪئي آهي.

دلچسپ صورتحال اها به آهي ته هن وقت چين، روس، ايران ۽ اتر ڪوريا هڪڙي سياسي بلاڪ ۾ آهن، پر آمريڪي اليڪشن بابت روسي صدر پيوٽن ۽ اتر ڪوريا جي صدر ڪم جونگ، ٽرمپ جي اليڪشن کٽڻ جي حق ۾ هئا، جڏهن ته چين ۽ ايران سندن ملڪن بابت ٽرمپ جي سخت پاليسين جي ڪري ريپبلڪن جي خلاف ۽ ڊيموڪريٽس جي نسبتن گهٽ سخت پاليسين سبب سندن کٽڻ جي حق ۾هئا پر بنيادي طرح چين بابت ٻنهي آمريڪي سياسي پارٽين جي راءِ ساڳي آهي ته آمريڪي هڪ هٽي کي چين مان خطرو آهي، انهي جي ڪري چين جي سامان تي آمريڪا ۽ يورپي يونين ۾ ڳرا ٽيڪس هڻائجن ۽ ايشيا پئسفڪ خطي ۾ چين کي آمريڪا، جاپان، آسٽريليا ۽ هندستان واري گڏيل اتحاد ذريعي گهيري ۾ آڻجي. انهي جي ڪري آمريڪا ۽ سندس اتحادي چين کي فلپائن ۽ تائيوان جي مسئلن ۾ ڦاسائڻ چاهين ٿا. هن وقت جاپان، تائيوان، برطانيا ۽ يورپي يونين جا حڪمران به ٽرمپ جي ڪاميابي ۽ سندس پارٽي جي ڪانگريس ۽ سينيٽ ۾ اڪثريت تي پريشان آهن. ڇاڪاڻ ته گذريل حڪومت ۾ ٽرمپ مٿن نيٽو ۽ ٻين دفاعي خرچن جو بار وڌو هو، ۽ هاڻي به هن انهن اتحادن ۾ آمريڪي خرچ کي گهٽائڻ جي ڳالهه ڪئي آهي.

آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستانين جي اڪثريت هن وقت عمران خان جي حامي آهي، اهي ڊيموڪريٽس جي حڪومت جي جاءِ تي ريپبلڪن جي حڪومت ڏسڻ چاهين ٿا. جيتوڻيڪ ٽرمپ جا سندس گذريل حڪومت جي دور ۾ پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ سان ڪي سٺا تعلقات ڪونه هئا. پر آمريڪي پاڪستانين جو، بائيڊن جي هاڻوڪي حڪومت تي الزام آهي ته انهن سائفر وسيلي عمران خان جي حڪومت ختم ڪرائي آهي ۽ جيستائين آمريڪا ۾ ڊيموڪريٽس جي حڪومت هوندي، عمران خان کي ٻيهر حڪومت ڪونه ملندي. سندن خيال آهي ته عمران خان جي آزادي به ٽرمپ جي کٽڻ کان پوءِ ممڪن ٿيندي. هاڻي ٽرمپ جي اليڪشن کٽڻ کان پوءِ آمريڪا ۾ پاڪستانين جي وڏي حصي مٺايون ورهايون آهن. سوئنگ رياستن ۾ عربن سان گڏ پاڪستاني ووٽ ته اثرانداز ٿيا آهن، پر لاطيني آمريڪا جي ووٽرن پڻ وڏي تعداد ۾ ٽرمپ کي ووٽ ڏنا آهن.