تهران(م ڊ) ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ هن چيو ته ايران سان ڳالهيون ايندڙ هفتي ٿي سگهن ٿيون. ايران جي سرڪاري ٽي وي سان هڪ انٽرويو ۾ عراقچي واضح ڪيو ته”ڪو به معاهدو نه ٿيو آهي، ڳالهين لاءِ ڪا تياري نه ٿي رهي آهي، ۽ ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ٿي آهي. هي دعويٰ مڪمل طور تي بي بنياد آهي.” هن وڌيڪ چيو ته ايران هن وقت ڪنهن به نئين ڳالهين جي عمل ۾ حصو نه وٺي رهيو آهي ۽ نه ئي ان سلسلي ۾ ڪو به اڳواٽ انتظام ڪيو ويو آهي ۽ نه ئي پردي پويان ڪا ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي.