بيجنگ(م ڊ) چين، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران 50 سيڪڙو واڌو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ واري ڌمڪي تي سخت ردعمل ڏيندي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا پنهنجي ضد تي قائم رهيو ته چين به پنهنجي حقن ۽ مفادن جي تحفظ لاءِ پرعزم طريقي سان جوابي قدم کڻندو ۽ آخري حد تائين وڙهندو. چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان ٽرمپ جي ڌمڪين ”بليڪ ميلنگ“ ۽ ”غنڊا گردي“ قرار ڏيندي چيو ته ڳالهين ذريعي واپاري تڪرارن جو حل ممڪن آهي، ڇو ته تجارتي جنگ ۾ ڪا به ڌر فاتح ناهي هوندي. ترجمان جو چوڻ هو ته آمريڪا ترت پنهنجون غلطيون سڌاري ۽ چين خلاف هڪ طرفي ٽيرف وارو فيصلو رد ڪري.