واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي ميڊيا انڪشاف ڪندي چيو آهي ته ٽرمپ انتظاميا غزه ۾ يرغمالين جي آزادي لاءِ حماس سان سڌو رابطو ڪري ورتو. نيوز ويب سائيٽ ايگزيوس موجب آمريڪي حڪومت ۽ حماس وچ ۾ ڳالهه ٻول غزه ۾ موجود آمريڪي يرغمالين جي آزادي ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ معاهدي تي ٿي. آمريڪي ميڊيا جو چوڻ آهي ته اهو رابطو غيرمعمولي آهي ته آمريڪا ان کان اڳ حماس سان ڪڏهن به سڌو رابطو ناهي ڪيو. آمريڪا 1997 ۾ حماس کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏنو هو.