ٽرمپ جون يورپي امن لاء ڪوششون ….

0
17
ٽرمپ جون يورپي امن لاء ڪوششون ....

ڪجھ ڏهاڙا اڳ ميديا ذريعي آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ ۽ يوڪرائين جي ولاديمير زلينسڪي جي وچ ۾ ڳالهين دوران ٿيل جيڪا بدمزگي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڏٺي وئي هئي، تنهن درحقيقت ورھاڱي کان اڳ واري سکر جي مارواڙي پاڙي جي جهيڙن جي ياد ڏياري ڇڏي، جنهن جو ذڪر پير علي محمد شاھ راشدي پنهنجي مشهور ڪتاب “اُهي ڏينهن اُهي شينهن” ۾ ڪيو آهي. اووَل آفيس ۾ ٿيل هن پريس ڪانفرنس جي ڪلپ وائرل ٿيڻ کان پوءِ پوري دنيا اندر مختلف قسم جا تبصرا ۽ بحث اڄ تائين جاري آهن، جن ۾ ماڻهن جي اڪثريت صدر ٽرمپ جي اڍنگي رويي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪري رهي آهي، ۽ ڪي وري زلينسڪي جي جرآت ۽ همت کي داد ڏيئي رهيا آهن، جڏهن ته ان دوران هن ٽرمپ کان لکت ۾ معافي به وٺي ڇڏي آهي، جيڪا ڪانگريس کي خطاب ڪرڻ وقت آمريڪي در اکر به اکر پڙهي ٻڌائي. جنهن جي ردعمل ۾ ڪجھ ماڻهو ته وري ٽرمپ طرفان کيس اهڙي لعن و طعن جو مستحق سمجهي مٿس تبرو ڪري رهيا آهن. ٻئي طرف سياسي اصطلاح Realpolitik يا سياسي سچائي جي اک سان جيڪڏهن هن واقعي کي ڏٺو وڃي ته يوڪرائيني صدر سان اهو رويو روا رکڻ ڪا نئين ڳالھ ڪانهي. جنگين ۾ شڪست کاڌل قومن ۽ انهن جي ليڊرن سان اهڙا واقعا تاريخ ۾ پيش ايندا رھيا آھن. جيڪي ماڻهو يا قومون اوڌر تي ورتل پرن ذريعي اڏامڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، انهن جو منطقي نتيجو يوڪرائين ۽ ان جي ليڊر جھڙو نڪرندو آهي.

عالمي سياست ۾ Realpolitik جو اصطلاح مشهور نظريي Realism يا حقيقت پسندي مان نڪتل آهي. سياست قومي سطح جي هجي يا بين الاقوامي، غور سان ڏسبو ته ان سان لاڳاپيل سياستدان، دانشور ۽ فلاسفر اسانکي  مختلف نظرين يا مڪتبهء فڪر ۾ ورهايل نظر ايندا. هڪڙاUtopianism  يعني آدرشي نظريي وارا، ٻيا Idealism تصوريت يا مثاليت پسند، ته ٽيان وري  Liberalistآزاد خيال ۽ چوٿين گروه وارا Realist حقيقت پسند يعني زميني حقيقتن جي سچائي ۾ يقين رکندڙ هوندا آهن. اهڙي طرح يوڪرائين مامري تي ٽرمپ به حقيقت پسندي ۽ سچائي کان ڪم وٺي رهيو آهي، ۽ سچائي اها آهي ته  هُو، سوويٽ يونين کان پوءِ، گذريل ٽيهن سالن کان عالمي سطح تي مڃتا ماڻيل Sole super power  کي، شڪست کان بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. منهنجي خيال ۾ اسان جڏهن مٿي ٻڌايل سياسي نظرين کي ٿورڙو وڌيڪ سمجهڻ جي ڪوشش ڪنداسون ته ان کانپوءِ صدر ڊونالڊ ٽرمپ جون يورپ ۾ امن ۽ نيٽو مان هٿ ڪڍڻ وارين ڪوششن کي سمجهڻ ۾ مدد ملندي.

سياسي نظرين ۾ utopianist يعني آدرشي نظريو رکندڙ سياستدان يا فيلسوف دنيا ۾ انصاف ۽ برابري واري مثالي سياسي نظام قائم ڪرڻ جا پرچارڪ هوندا آهن. هو سماجي تبديلي ذريعي جنگ ۽ اڻ برابري جهڙن مسئلن  کي ختم ڪرڻ جون ڪوششون ڪندا آهن. هن نظريي کي مڃڻ وارن وٽ انسان، فطري طور ڪماليت جو درجو رکي ٿو. شيخ اياز به آدرشي ڳالھ ڪندي پنھنجي هڪ شعر ۾ انساني ڪمال کي هينئن مڃتا ڏني آهي:

“جا خدا کان نه ٿي، جا نه امڪان ۾،

ڪالھ کان ڳالھ سا، آهي انسان ۾”.

اهڙي طرح عالمي سياست جي شاگردن وٽ ته ڪارل مارڪس جي stateless society  وارو ڪميونزم به آدرشي نظريي ۾ شمار ٿيندو آهي.

سياستدانن جو ٻيو گروہ آئيڊيلزم يا مثاليت پسند نظريي وارن جو آهي، جيڪي ملڪي يا عالمي سياست ۾ اخلاقيات ۽ اخلاقي قدرن تي مشتمل سياست ڪرڻ جا حامي آهن ۽ ملڪ جي پرڏيهي پاليسي ۾ به اخلاقيات کي پنهنجو رهنما اصول سمجهندا آهن ۽ ان ذريعي ڪامياب سفارتڪاري هلائڻ جا اصول مرتب ڪندا آهن. هن نظريي کي مڃيندڙ، انسان ۽ رياستن جي هڪٻئي سان سھڪار تي زور ڏيڻ سان گڏ ان کي ڀلائي جو ڪم تصور ڪندا آهن. سولي سنڌيءَ ۾ “سياست کي عبادت” سڏيندڙ ماڻهن کي Idealist سڏيو وڃي ٿو.

ٽيون نظريو لبرلزم وارو آهي، جنهن جا بنيادي اصول، انفرادي آزادي، جمهوريت ۾ ويساهه، قانون جي حڪمراني، تعاون ۽ ترقي تي ٻڌل آهن. هن نظريي مطابق پنھنجي فطرت ۾ ماڻهو، عقلمند ۽ ترقي پسند آهي. سندن پڪو خيال آهي، ته جمهوريت ۽ آزاد تجارت ذريعي دنيا اندر جنگ جي امڪانن کي گهٽائي سگهجي ٿو. لبرلسٽ نظريي کي مڃيندڙ سياستدان عالمي سياسي روايتن، ضمير جي آواز جهڙي اعليٰ اخلاقي قدرن ۾ يقين رکندڙ، بين الاقوامي قانون، عالمي امن ۽ انصاف تي مشتمل دنيا اڏڻ جا خواهشمند، جمهوري قدرن جا پيروڪار ۽ سياست ۾ طاقت جي استعمال جا سخت مخالف هوندا آهن. لبرل نظريو عالمي سياست ۾ “قومي مفادن” بدران سياسي سھڪار کي وڌيڪ ترجيح ڏئي ٿو. ٻي عالمي جنگ جي ختم ٿيڻ تائين آمريڪا جي پرڏيهي پاليسي گهڻي قدر هن نظريي کان متاثر رهندي آئي هئي. پهرين عالمي جنگ ۾ آمريڪي صدر ووڊرو ولسن ۽ ٻي عالمي جنگ دوران صدر روزويلٽ ۽ سندس ٽيم جا ماڻهو لبرل نظريي جا پوئلڳ هئا.

چوٿون نظريو حقيقت پسندي يا Realism وارو آهي. جن جو چوڻ آهي ته فطري طور انسان اخلاقي قدرن کان ماورا، هڪ جهڳڙالو، ڦڏائي، تڪڙو ۽ ضدي قسم جي تخليق آهي. لالچ، خوف، جنگ جدل ۽ ويڙهه سندس جبلت DNA ۾ سمايل آهن. تنهنڪري طاقت جي حصول ۽ استعمال لاءِ هو هر قسم جو بڇڙي کان بڇڙو ڪم خوشي سان سرانجام ڏيئي سگهي ٿو. ريئلزم جي پرچارڪن جو، اخلاقي قدرن بدران،  “ذاتي ۽ قومي مفادن” جي اصولن تي ڪاربند رهڻ تي گهڻو زور هوندو آهي. سندن وڌيڪ چوڻ آهي ته ذاتي ۽ قومي مفادن جي حصول لاءِ انسانن ۽ رياستن وچ ۾ تڪرار ۽ جنگيون ناگزير آهن. سندن اهو به چوڻ آهي ته امن فقط طاقت جي استعمال سان ئي قائم ٿي سگھي ٿو. اخلاقي اصول يا اخلاقي قدر ڪڏھن به امن قائم نٿا ڪري سگهن.

هن دور جي سياسي حقيقت به اها ئي آهي ته  عالمي سياست اخلاقي اصولن جي بدران پاور پاليٽڪس هيٺ هلي رهي آهي. ميڪياويلي، ٿامس هوبس ۽ هانس مورگنٿاؤ جهڙن سياسي مفڪرن به طاقت يا power کي سياست جو محور سڏيو آهي ۽ ان ۾ طاقت، جبر ۽ ڏاڍ جي استعمال کي جائز قرار ڏيندي، فوجي قوت جي استعمال، اقتصادي پابندين، سفارتي دٻاءُ ۽ فوجي اتحادن، جارحانه سفارتڪاري ۽ علائقائي توسيع پسندي کي پاور پاليٽڪس جا اهم عنصر شمار ڪيا اٿن. ياد رهي ته اوڻويهين صدي ۾ جرمني جڏهن ستر جي لڳ ڀڳ مختلف رياستي ٽُڪرن ۾ ورهايل هئي ۽  کيس “پُروشِيا” سڏيو ويندو هو، تڏهن اتان جي ليڊر آٽو وان بسمارڪ، فرانس، آسٽريا ۽ ڊينمارڪ خلاف جارحانه سفارتڪاري ۽ فوجي طاقت جو کليو استعمال ڪندي پروشيائي رياستن کي متحد ڪري جرمن رياست جو بنياد رکيو هو. عالمي سياست جي شاگردن کي ڀليءَ ڀت اها به ڄاڻ آهي ته ريئلزم ٿيوري ۾ ڊپلوميسي جو ڪردار اٽي ۾ لوڻ برابر هوندو آهي. ڇو ته ڊپلوميسي هميشه پرامن ڳالھين رستي ڪنهن سمجهوتي تي اچڻ جو درس ڏئي ٿي، جڏهن ته ريئل پوليٽڪ ۾ هميشه  ڌمڪي، جبر ۽ طاقت جي ڀاڙيو وڃي ٿو.

ٻي عالمي جنگ جي خاتمي کانپوءِ آمريڪي پرڏيهي پاليسي جو محور به ريئلسٽ نظريو رهيو آهي. سرد جنگ دوران ڪيترن ئي ملڪن  هن سياسي نظريي تي عمل ڪرڻ شروع ڪيو، تنهنڪري دنيا جا ڪيترائي علائقا عدم استحڪام جو شڪار رهيا ۽ وڏين طاقتن جي وچ ۾ هٿيارن جي ڊوڙarmament  به هن نظريي سبب شروع ٿي هئي. موجوده  يوڪرائين جي جنگ کان اڳ گذريل صدي جي پنجاهه ۽ سٺ وارن ڏهاڪن ۾ ترتيبوار ڪوريا ۽ ڪيوبا جي مامرن تي آمريڪا ۽ سوويٽ يونين وچ ۾ ٽين عالمي جنگ لڳڻ جو خطرو به ريئلسٽ ٿيوري جي آڌار تي پيدا ٿيو هو. اهڙي طرح ٻين سياسي نظرين جي ڀيٽ ۾ ريئلزم جو سياسي نظريو تمام نازڪ، ڳاٽي ٽوڙ ۽ تڪراري هئڻ سان گڏ سچائي ۽ حقيقت پسندي تي ٻڌل نظريو سڏيو وڃي ٿو. سياسي نظرين تي بحث کي مختصر ڪندي اهو لکڻ ضروري ٿو سمجهان ته سياست ۽ تاريخ جو تجزيو ڪندي اسان جا اڪثر وڏا عالم غلطي مان پنهنجن تجزين کي سائنسي تجزيي جو نالو ڏيندا آهن، هو اهو وساري ويهندا آهن ته سياست ۽ تاريخ، سائنسي نه، پر هيومنٽيز يا آرٽس جا موضوع subject آهن. علمي طور سائنس ۽ آرٽس جي موضوعن تي تحقيق ۽ تجزيي جا طور طريقا به مختلف آهن. سياست تي ڀاري ڀرڪم سائنسي تجزين، جڳ مشهور  پوليٽيڪل سائنٽسٽ هانس مارگنٿائو کي  پنهنجو مشهور ڪتاب “سائنسي انسان بمقابله پاور پاليٽڪس” Scientific Man v/s Power Politics  لکڻ تي مجبور ڪيو هو، جيڪو هن شايد 1938 ۾ لکيو هو. مارگنٿائو جو ٻيو ڪتاب politics among nations ته روس کان وٺي آمريڪا ۽ پاڪستان جي يونيورسٽين جي نصاب ۾ شامل آهي. هن پنھنجي ڪتاب “سائنسي انسان بمقابله پاور پاليٽڪس” ۾ سياسي ۽ سماجي مسئلن جو سائنسي يا عقليت پسنديءَ جي بنيادن تي  ڇيد ڪڍڻ وارن مفڪرن جي خيالن تي ڇِتي تنقيد ڪئي آهي. مارگنٿائو چواڻي ته سياسي مسئلا سائنسي طريقن سان ڪڏهن به حل ٿيڻ جوڳا ناهن هوندا، ۽ نه ئي ان کي سائنسي طريقن آڌار سمجھي يا ڪنٽرول ڪري سگھجي ٿو. سياست جو بنيادي طور هيومن بهيويئر سان تعلق آهي.

سياسي اِشُو بنيادي طور تي طاقت، انساني فطرت، ۽ غير منطقي قوت ذريعي حل ٿيندا اچن ٿا. سياست ۽ تاريخ جو سائنسي تجزيو ڪندڙ مفڪرن کي اهو سمجهڻ گهرجي ته سياست مٿان انساني جبلت م شامل معروضي قانون حڪمراني ڪندا آهن، تنهنڪري سياسي يا سماجي مسئلا سائنسي طريقن سان حل ٿيڻ جوڳا آهن ئي ڪونه، ڇو ته طاقتور جي پوڄا سان گڏ پاڻ سماجي طاقت حاصل ڪرڻ ۽ اقتدار لاءِ جدوجهد ڪرڻ انسان جي جبلت ۾  سمايل آهي. مارگنٿائو پنهنجي هن شاهڪار ڪتاب ۾ لبرل، آدرشي ۽ آئيديلسٽ نظرين  تي به تنقيد ڪندي لکي ٿو ته انسانن ۽ رياستن جا ٺهيل ڊپلوميٽڪ ادارا، قومي ۽ بين الاقوامي قانون، ڪورٽون، ليگ آف نيشنز ۽ اقوام متحده جهڙيون عالمي تنظيمون دنيا اندر جنگ ۽ ويڙهه ۾ ٺاپر ته آڻي سگهن ٿيون پر ان کي مڪمل ختم نه ٿيون ڪري سگهن. هونئن به عالمي سياست جا اُهي شاگرد جن  سياسي نظرين کي ٿورو گهڻو غور سان پڙهيو آهي، سي “مطلق اخلاقيات” يا “moral  absolutism”  کي هڪ سياسي بدعت قرار ڏيندا آهن. هو سياسي اخلاقيات کي سختي سان لاڳو ڪرڻ بدران، سياسي حقيقتن مطابق مسئلا حل ڪرڻ تي زور ڏيندا آهن. ڪشمير، فلسطين، يوڪرائين مطلب ته دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پيدا ٿيل هن قسم جا مسئلا سائنسي ۽ عقلي بنيادن تي حل ٿي نٿا سگهن، بلڪه اهي يا ته پاور جي زور تي رڪيل آهن يا وري پاور سان حل ٿيڻا آهن.

ريئلزم واري ٿيوري کي نظر ۾ رکندي هاڻي اچون ٽرمپ جي يوڪرائين پاليسي تي. جنهن ۾ پاور پاليٽڪس جي پوري نمائش نطر اچي رهي آهي. زلينسڪي يا آمريڪي صدر ڪي مدبر قسم جا  حڪمران ڪونهن. پر ٻنھي جي سياسي سوچ ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي. ٽرمپ هڪ سياستدان ۽ ملڪي سربراه طور پاور پاليٽڪس کي نظر ۾ رکندي آمريڪا جي قومي ۽ اسٽريٽيجڪ ۽ اقتصادي مفادن کي بچائڻ لاءِ هن جنگ کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هو سمجهي ٿو ته جنگ جاري رهڻ جي صورت ۾ يوڪرائين جي rare earth  واري معدنيات مان کيس ڪا هڙ حاصل نه ٿيڻي آهي. امن ٿيندو ته کوٽائي به ٿيندي. نه ته بمباري ۽ زميني حملا جاري رهندا، جنهن سان آمريڪا کي فائدي بدران نقصان پهچندو. تنهنڪري هن زلينسڪي کي پنهنجي طاقت يا ايئن چئون ته داٻي دڙڪي سان خاموش ڪيو، کائنس معافي به وٺرائي ۽ معدنيات جي کوٽائي ڪرڻ جي معاهدي تي به راضي ڪيو آهي. ٻئي طرف يوڪرائيني صدر ملڪ جو چوٿون حصو گنوائڻ، ڏھ لک شهري مارائڻ سان گڏ يوڪرائين جي انڊسٽري، روڊ رستن ۽ ٻئي  بنيادي معاشي ڍانچي infrastructure وڃائڻ باوجود جنگ جاري رکڻ تي ضد ٻڌيو بيٺو هو، جنهن تي ريئلزم نظريي جي سچائي ظاهر ٿئي ٿي. ڇاڪاڻ ته سندس روزمره جو حڪومتي (يوڪرائين حڪومت جو) روزمره جو ڪاروبار ھاڻي جنگي امداد تي هلي رهيو آهي. هيڏانهن جنگ بند ٿي، ھوڏانھن سندس حڪومت جو خاتمو ايندو ۽ پوءِ حساب ڪتاب ڏيڻ جو وارو ايندو. انهيءَ يوڪرائيني elite class  جو جن کي  جنگ ڪرڻ ۽ هارڊ ڪرنسي “يورو ۽ ڊالر” سان پنهنجا ڀڀَ ڀرڻ جو شوق هو دامنگير هو. ناممڪن آهي ته خلقِ خدا کين بخشي.

اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته هي جنگ آمريڪا ۽ يورپي يونين جي چوڻ تي شروع ٿي هئي. سوويٽ يونين جي خاتمي باوجود يورپ تي روسي فوبيا جو اثر ڇانيل رهندو هو. ورنه پوين ٽيهن سالن ۾ روس ڪڏهن به يورپ جي ڪنهن ملڪ خلاف اڳرائي جو قدم ناهي کنيو. فرانس جي صدر ميڪرئان جو قوم کي خطاب، روسي فوبيا جو چٽو مثال آهي. جڏهن ته روس کي ڪنهن به صورت ۾ يورپي وسيلن جي ضرورت ناهي رهي، ڇو ته هو دنيا جي قدرتي وسيلن سان مالا مال ملڪ آهي. دنيا جي معدني وسيلن جا وڏي ۾ وڏا ذخيرا به ماسڪو وٽ آهن. ۽ نه ئي روس کي پنهنجون جاگرافيائي حدون وڌائڻ جو ڪو شوق آهي. پوري يورپي کنڊ کان هو اڪيلو وڏو ملڪ آهي، جنهن جا 9 ته Timing zones آهن.

منهنجي خيال ۾ دنيا کي بيوقوف بنائڻ ۽ يورپ جي عوام کي روسو فوبيا ۾ مبتلا ڪرڻ ۾ يورپي ۽ آمريڪي تجزيي نگارن ۽ ميڊيا سان گڏ اتان جي سياستدانن جو وڏو ھٿ رهيو آهي. خاص طور اوباما، بائيڊن، نوليند، مارڪيل، بلنڪن، ميڪرئان ۽ آلينڊ جهڙا ليڊر هن جنگ جا ذميوار قرار ڏيئي سگهجن ٿا. ڪيف شهر ۾ 2014 ۾ “ميدان ريوولوشن” جي نالي ۾ هڪ هٿياربند ۽ پرتشدد فوجي بغاوت به هنن جي شھ تي ٿي هئي، جنهن ۾ يوڪرائيني عوام جي چونڊيل صدر يانوڪووچ جو تختو اونڌو ڪيو ويو هو ۽ هُن ڪيف مان ڀڄي جان ڇڏائي وڃي ماسڪو ۾ پناهه ورتي هئي. پيوٽن ان ڳالھ ۾ سئو سيڪڙو سچو آهي ته “ميدان ريوولوشن” کان پوءِ دمباس ۽  لوگانسڪ جي روسي اڪثريت وارن علائقن ۾ نسل پرست يوڪرائيني نوجوانن هٿان روسي ٻولي ڳالهائيندڙ ماڻھن لاءِ زمين تنگ ڪئي وئي. کين يوڪرائين ڇڏي وڃڻ ۽ روسي ٻولي نه ڳالهائڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا هئا ۽ يوڪرائين جي 11 سياسي پارٽين کي غير قانوني قرار ڏيئي بندش وجھي مارشل لا نافذ ڪيو ويو.

مغربي ملڪن جڏهن 1997ع کان نيٽو کي وڌائڻ ۽ مشرقي يورپ جي سابق ڪميونسٽ ملڪن کي ان م شامل ڪرڻ جو پروگرام رٿيو هو، جنهن جي موٽ ۾ روسي قيادت يورپي يونين ۽ آمريڪا تي لڳاتار اهو واضح ڪندي آئي هئي ته سابق سوويٽ رياستون، يوڪرائين ۽ جارجيا، ماسڪو جي ريڊ لائين آهن، انهن جي نيٽو ۾ شموليت کي ماسڪو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو. هونئن به وارسا پيڪٽ، ۽ سوويٽ يونين جي ختم ٿيڻ کان پوءِ نيٽو کي زنده رکڻ جو مغرب وٽ ڪو به جواز ھينئر تائين موجود ڪونهي، ڇو ته نيٽو جو بنيادي مقصد ڪميونسٽ بلاڪ جي مقابلي ۾ اجتماعي دفاع حاصل ڪرڻ هو. ان بلاڪ جي خاتمي کان پوءِ، نيٽو کي برقرار رکڻ ۽ وڌيڪ توسيع ڏيڻ جو مقصد روس خلاف مغرب جي جنگي عزائم جي پڪي شاهدي آهي، جنهن جو دنيا اڳيان منطقي نتيجو يوڪرائين جي جنگ جي صورت ۾ اچي ظاهر ٿيو آهي، جنهن کي يورپي ليڊر شپ اڃا به جاري رکڻ جي موڊ ۾ آهي، جيڪو يورپ ۾ ڏور رس نگاه رکندڙ ليڊرن جي کوٽ جي عڪاسي ڪري ٿو.

ٽرمپ کان اڳ بائيدن به realist theory مطابق روس کي چيڙائي جنگ ۾ ڌوڪي وڌو هو. ڏٺو وڃي ته هن به روس خلاف ريئلسٽ ٿيوري جا مٿي پيش ڪيل سڀ هربا استعمال ڪيا هئا پر آمريڪا انهن ۾ ناڪام ويو. سي آئي اي ۽ ايم آئي 6 جا سڀ تجزيا ناڪام ويا، جڏهن ته  ھينئر آمريڪا جو نئون صدر يوڪرائين تي ساڳيا گُر استعمال ڪندي ڪاميابي ڏانهن وڌي رهيو آهي.