‘ٽرمپ- ٽو’ جتي پوري دُنيا لاءِ خطرو محسوس ڪيو پيو وڃي، اُتي ميڊيڪل سائنس جي دُنيا به پريشان ٿي وئي آهي، ته سندس پهرين دور جيان هن ڀيري به سندس پاليسين جي ڪري ميڊيڪل جي دُنيا لاءِ تمام گهڻا مسئلا پيدا ٿيندا. صحت جي عالمي ماهرن جو چوڻ آهي ته، ٽرمپ جي پاليسين جا اثر توقع کان وڌيڪ خراب ٿي سگهن ٿا. عالمي صحت لاءِ ٽرمپ انتظاميا جي پاليسين جي حوالي سان هاڻ کان ئي ڪيترا تجزيه سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن. صحت جا عالمي ادارا دُنيا جي مختلف حڪومتن تي زور ڀري رهيا آهن ته، هُو “بدترين صورتحال لاءِ هاڻ کان ئي منصوبابندي” شروع ڪن، جو اڳتي هلي انهن کي پريشانين کي مُنهن نه ڏيڻو پوي پر سياسي سائنس جي ڳوڙهي سوچ اسان کي اهو ٻُڌائي رهي آهي، ته اُميد جي ڪجهه ڪرڻن سان گڏوگڏ نتيجا انهن جي تجويزن کان تمام گهڻا سنگين نڪري سگهن ٿا. مثال طور يوڪرين لاءِ آمريڪي فوجي حمايت جو خاتمو، نيٽو سان شروع ڪيل ٽرمپ جي ويڙهه ته عالمي جنگين تي ٿيندڙ خرچ برابري جي بنياد تي ورهايا وڃن، واري صورتحال يورپي دنيا کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي. يورپي ملڪن سان دفاعي معاهدن جي نئين سر جوڙجڪ، آمريڪا جي دفاعي بجيٽ کي گهٽ ڪرڻ، ان حوالي سان عالمي سياسي ايجنڊا تي صحت جي مسئلن تي ٽرمپ انتظاميا ڪو ڌيان ئي نه ڏيندي، جنهن سان صحت جي مسئلن کي نذرانداز ڪيو ويندو.
ڊونلڊ ٽرمپ جي صدارت نه صرف گهڻ رخي پر قاعدن ۽ قانونن واري عالمي نظام کي به سخت متاثر ڪندي، جيڪا وڌيڪ افراتفري واري ماحول کي جنم ڏيندي. ان نئين ورلڊ آرڊر جو هڪ مثال چين جي “صحت سلڪ روڊ” وارو قدم به آهي. جيتوڻيڪ ٽرمپ مٿئين مهيني وائيٽ هائوس جو ٻيهر ڪنٽرول سنڀالي رهيو آهي، ۽ جهڙي نموني هُو صدارتي اليڪشن کٽي آيو آهي، اها سندس سياسي بصيرت ناهي پر ان پويان ٻيا ڪيترائي سبب به آهن، ٽرمپ جي سياسي تحريڪ هن جي پنهنجي نه پر ٻين جي تخليق ڪيل آهي، جنهن ۾ آمريڪا جا ارب ۽ کرب پتي سرمائيدار سرفهرست شامل آهن. انهن دولت مند طاقتن جو عالمي صحت سان ڪو سروڪار ئي ناهي. هُو صرف پنهنجي سياسي ايجنڊا تي عمل ڪندا ۽ صحت جي عالمي مسئلن تي هُو ماضيءَ جيان ڪو ڌيان ئي نه ڏيندا، جنهن سان خاص ڪري غريب ملڪن ۾ ڪيترائي سنگين بحران جنم وٺڻ شروع ڪندا. اهي طاقتور عالمي قوتون ماضيءَ جيان ڊبليو ايڇ او جي بجيٽ کي گهٽ ڪنديون، غريب ملڪن جي صحت جي ضرورتن کي مڪمل طور نظرانداز ڪنديون، ميڊيڪل سائنس جي دُنيا ۾ ٿيندڙ ريسرچ واري خرچ کي ماضيءَ جيان گهٽ ڪري اها بجيٽ پنهنجي فوجي ۽ سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪئي ويندي.
پيپر 2025ع جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته، آمريڪي انتظاميا صحت وارن پروگرامن تي ٻيهر غور ڪري ان کي ترتيب ڏئي رهي آهي، جنهن تحت صحت وارن پراجيڪٽس جا فنڊ حڪومتن بجاءِ فردن يا وري هيٺئين سطح جي سماجي تنظيمن کي فراهم ڪيا ويندا. جنهن سان اهي پروگرام توقع کان وڌيڪ وقت تائين جاري رهندا. جيتوڻيڪ صدر ٽرمپ وٽ هاڻ تيزيءَ سان جارحاڻي انداز ۾ اڳتي وڌڻ جي پوري طاقت آهي، اتي اهڙن منصوبن تي عمل لاءِ به گهڻا خدشا پيدا ٿي رهيا آهن. ريپبلڪن وٽ هن وقت ٻنهي ايوانن ۾ ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت موجود آهي، جنهن سان 2026ع جي وچ مدي وارين چُونڊن ۾ انهن جو ڪانگريس مان ڪنٽرول گهٽ ٿي سگهي ٿو، پوءِ اُميد ڪري سگهجي ٿي ته ڊيموڪريٽڪس جي اچڻ سان صحت وارن معاملن تي متان ٽرمپ جي گرپ نه رهي سگهي. جيڪڏهن وائيٽ هائوس ۾ مختلف ڌڙن جي سياسي جنگ جاري رهي ٿي ته ان سان عالمي صحت جا منصوبا زوال جو شڪار ٿي سگهن ٿا.
عالمي صحت وارا معاملا گهڻ رخي تبديلين ڏانهن وڌي رهيا آهن، مغربي نظرياتي بالادستيءَ سان گڏوگڏ گلوبل نارٿ جي سياسي، معاشي ۽ عالمي طاقت ڪمزور ٿيندي پئي وڃي. هڪ نئين گهڻ قطبي دُنيا ۾ اتفاق راءِ تي پهچڻ نهايت مشڪل ٿي ويو آهي. جنهن ۾ گلوبل سائوٿ جو مضبوط آواز، مسلسل تبديل ٿيندڙ اتحاد ۽ گهٽ ٿيندڙ مالياتي ۽ مسلسل بحرانن جي نتيجي ۾ اعتماد جي کوٽ شامل آهي. ٽرمپ جي صحت جي عالمي معاملن تي ٿيل حملن پوري دُنيا کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي، خاص طور تي گرين هائوسز وارو معاملو به شامل آهي. دُنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ماحولياتي بحران کي مُنهن ڏيڻ لاءِ ڪيترائي منصوبا پيش ڪيا آهن، ان COP29 تي بحث جاري آهي. هن سال گڏيل قومن جي موسمياتي ڪانفرنس ۾ ماحولياتي مسئلي کي مُنهن ڏيڻ تي بحث ڪيو ويو، جنهن ۾ ان جي صرف چوٿين حصي جو واعدو ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ گرين هائوسز گيسن جي (E1.0tn) لاءِ هر سال گهربل 1.3 ملين اخراج کي گهٽ ڪرڻ جو ڪو به نئون واعدو ناهي ڪيو ويو، ۽ ڪووڊ 19 جي باوجود هڪ مضبوط وبائي معاهدي کي اڳتي کڻي هلڻ جو ڪو امڪان نظر نه پيو اچي ۽ هاڻ ان غير يقيني صورتحال ۾ ٽرمپ ٻيهر صدارتي ڪرسي سنڀالي رهيو آهي ته اتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته انهن گرين هائوسز واري معاملي کي گڏيل قومون يا وري ٻيا ملڪ ڪيئن منهن ڏيندا.
نئين اڻ تجربيڪار آمريڪي ڪابينا تي تنقيد جو سلسلو جاري آهي، اتي ٽرمپ ماحولياتي تحفظ واري ايجنسي لاءِ جيڪي ماڻهو کنيا آهن، انهن تي الزام آهي ته هنن ماضيءَ ۾ “صاف پاڻي ۽ صاف هوا” جي حوالي سان ٿيل قانونسازيءَ جي ڀرپور مخالفت ڪئي. رابرٽ ايف ڪينڊي جونيئر کي صحت واري وزارت جو قلمدان ڏنو ويو آهي، پر هن وٽ طب يا انساني صحت جي حوالي سان ڪو تجربو ئي ناهي، ويڪسين بابت ڪينڊي جونيئر جا بيان هر ماڻهوءَ کي پريشان ڪري رهيا آهن. ڪينڊي جونيئر جي مقرريءَ تي صحت جي ايجنسين سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته، حڪومت اهڙن ماڻهن کي مقرر ڪري رهي آهي، جن کي صحت جي حوالي سان ڪا ڄاڻ ئي ناهي. انهن جو چوڻ آهي ته، ٽرمپ اهڙن ماڻهن کي مقرر ڪيو آهي، جيڪي صرف مهارت کي نظر انداز ناهن ڪندا پر ان باهه تي پيٽرول به هاريندا آهن. ڪينيڊي جي مقرريءَ جو آخر ڪهڙو مطلب آهي، اها ڳالهه اسان کي سمجهه ۾ نه پئي اچي. طب جي آمريڪي ماهرن جو چوڻ آهي ته، عالمي سطح تي صحت جا خطرا وڌي رهيا آهن، عالمي پروگرامن جهڙوڪ، ايڊز، ٽي بي، مليريا، ايڇ آءِ ويز سان ويڙهه لاءِ گلوبل فنڊز، نگراني، تحقيق جي سخت ضرورت هوندي آهي، پر هاڻ نه ٿو لڳي ته اهڙي نااهل انتظاميا ان جنگ ۾ اسان جو ڪو خاص ساٿ ڏيندي. طب جي ماهرن جو چوڻ آهي ته، “الٽرا پروسيسڊ فوڊ” بابت فيصلو اخلاقيات جي خلاف آهي. جڏهن اعلى ترين سطح تي پاليسي ساز سازشي نظرين کي اختيار ڪندي بهترين ڪمن کي رد ڪندا آهن، سائنسي گفتگو کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ ثقافتي جنگين کي هٿيار بڻائيندا آهن، ذاتي پسند ۽ ناپسند کي انا جو مسئلو بڻائيندا آهن، تڏهن افراتفري ۽ تباهي ڦهلجندي آهي. هنن پهرين ئي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته، هُو ڪنهن به مخالفت کي برداشت نه ڪندا. عوامي تحفظ لاءِ قائم ڪيل ادارن کي نِيچ ڏيکارڻ لاءِ اڳتي وڌنڌا رهندا، جيئن ماحولياتي تحفظ واري ايجنسي، تعليم، صحت، خوراڪ، دوائون، بيمارين کي ڪنٽرول ۽ انهن کي روڪڻ جا مرڪز شامل آهن. نئين سال ۾ آمريڪي سائنسدانن جي چونڊ به ڪئي ويندي آهي، پر اليڪشن کان اڳ ۽ پوءِ به ڪيترن ئي سائنسدانن کي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو آهي. ڪيترين ئي يونيورسٽين خلاف ڪارروائيءَ جا هاڻ کان ئي اعلان ڪيا پيا وڃن، ٽرمپ پنهنجو وقت پورو ڪري ته هليو ويندو پر هُو جيڪي پاليسيون جوڙي ويندو، ان سان ملڪ جي صحت سان گڏ عالمي صحت کي ڪيترو نقصان ٿيندو، ان جو اندازو بعد ۾ لڳي ويندو.