تازو بجليءَ جي مسلسل بند هجڻ سبب رات جو حيسڪو قاسم آباد جي آفيس ويس، آفيس ۾ اوندهه لڳي پئي هئي، هڪڙو لائين مين سياري جي اُداس ۽ سرد رات ۾ سِيءَ ۽ اڪيلائيءَ کان بچڻ لاءِ بوتل جو ڍَڪ کوليو دل وندرائي رهيو هو. منهنجو بجليءَ جو مسئلو جو ته حل ڪونه ٿيو، پر ڳالهين ۾ ٻڌايائين ته، سندن يونين هاڻي ڪمزور ٿي وئي آهي ۽ ٿوري گهڻي ڳالهه تي آفيسرن بدران لائين مينن جون نوڪريون ختم پيا ڪن پر پوءِ جوش سان چيائين ته، 20 جنوري کان پوءِ هِيءَ حڪومت هلي ويندي، سڀ ليڊر ڀڄي ويندا ۽ اسان جي جان آجي ٿيندي. مون پڇيومانس ته آخر ڇو ڀڄندا، چيائين ٽرمپ اچي پيو، عمران خان کي حڪومت ملندي ۽ اسان جي هنن مان جان ڇُٽندي. هڪ مدهوش لائين مين جي انهيءَ ڳالهه ۾ اڌ سچائي به لڪل آهي. پاڪستان جا حڪمران ته پريشان هجن يا نه پر يورپ، ڪئناڊا، ميڪسيڪو، پاناما، يوڪرين، چين، ايران ۽ وچ اوڀر جا حڪمران پريشان آهن ته ٽرمپ آمريڪا جي ڪاروبار کي وڌائڻ، آمريڪا ۾ ايندڙ منشيات ۽ پناهگيرن جي لوڌ کي روڪڻ جي لاءِ ڪهڙا سخت قدم کڻندو ۽ دُنيا ۾ هلندڙ جنگين بابت ڪهڙو رويو اختيار ڪندو. ٽرمپ صدارت جي ڪرسيءَ ته ٻيو دفعو 20 جنوري 2025ع تي سنڀاليندو، پر سندس جاري ٿيندڙ بيان عالمي سياست جو موضوع آهن. سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته، ‘ڏاچي هڻي ڏهه ته توڏو هڻي تيرنهن’، وانگر ٽرمپ جا بيان ته پنهنجي جاءِ تي پر سندس نامزد وزير، ايلون مسڪ جي هاڻوڪن جرمني ۽ برطانيا جي سياست بابت بيانن ٻنهي ملڪن جي حڪمرانن کي ڪافي پريشان ڪيو آهي.
ٽرمپ پنهنجي پاڙيسري اتر آمريڪا جي ملڪن ڪئناڊا ۽ ميڪسيڪو کي چيو آهي ته، ڪاروبار ۾ توهان آمريڪا مان ڪمايو وڌيڪ ٿا پر اسان جو سامان ايترو خريد ڪونه ٿا ڪريو، جنهن جي ڪري آمريڪا کي نقصان برداشت ڪرڻو پوي ٿو. سندس ميڪسيڪو تي اهو به دٻاءُ آهي ته هُو آمريڪا ۾ داخل ٿيندڙ منشيات ۽ لاطيني آمريڪا مان ايندڙ پناهگيرن جي لوڌ کي پنهنجي ملڪ ۾ روڪين. ميڪسيڪو جي حڪومت ويجهڙائيءَ ۾ آمريڪا ڏانهن اسمگلنگ ٿيندڙ منشيات جا ذخيرا جهليا آهن ۽ لاطيني آمريڪا جي غير قانوني طرح آمريڪا ويندڙن تي سختي ڪئي آهي، پر ٽرمپ انهن قدمن مان مطمئن نه آهي. انهيءَ جي ڪري هن سياسي بليڪ ميلنگ ڪرڻ لاءِ گلف آف ميڪسيڪو جو نالو تبديل ڪري گلف آف آمريڪا نالي رکڻ بابت غور ڪرڻ جو چيو آهي. ٽرمپ جي انهيءَ تجويز تي ميڪسيڪو جي صدر ڪلاڊيا شينبيم ڪاوڙ مان آمريڪا جو 16 صديءَ جو نقشو ڏيکاري نشاندهي ڪئي ته آمريڪا، ڪئناڊا ۽ ميڪسيڪو جي گڏيل علائقي جو نالو آمريڪا ميڪسيڪانا هو تنهن جي ڪري، آمريڪا کي سندس تاريخي نالو اختيار ڪرڻ گهرجي. ڪئناڊا جي وزير اعظم جسٽن ٽروڊو مسلسل پنهنجي پارٽيءَ اندر تنقيد جو شڪار پئي ٿيو، پر ٽرمپ جي وڌندندڙ سياسي دٻاءَ سندس حوصلا ختم ڪري ڇڏيا ۽ هن پارٽي قيادت ۽ وزير اعظم جي عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏي آهي ۽ پارٽي پنهنجو نئون اڳواڻ ۽ وزير اعظم عهدي لاءِ ڪنهن ٻئي اميدوار کي نامزد ڪندي.
آمريڪا، ڪئناڊا ۽ ميڪسيڪو جو هاڻوڪو اقتصادي معاهدو 2020ع ۾ ٿيو، جنهن ۾ ٽنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار کي هٿي ڏيڻ ۽ اسمگلنگ کي روڪڻ بابت شقون شامل آهن. انهيءَ معاهدي، اڳوڻي 1994ع ۾ ٿيل معاهدي جي شرطن کي تبديل ڪري واپار سان گڏ نئين معاهدي هيٺ سافٽ ويئر ۽ ٻين اسمن جي نقل ٺاهڻ ۽ آمريڪا ۾ وڪڻڻ بابت سخت قانون شامل آهن. ساڳئي وقت آمريڪا مان بنا ٽيڪس جي خريداريءَ جي ڇوٽ کي وڌايو ويو ته ڪئناڊا جا شهري وڌيڪ آمريڪي سامان خريد ڪري سگهن. بنيادي طرح ٽرمپ انهيءَ معاهدي کي هاڻي وڌيڪ آمريڪا جي حق ۾ ڪرڻ جي ڪوشش پيو ڪري ته جيئن آمريڪا کي ڪئناڊا ۽ ميڪسڪو جي مارڪيٽن ۾ پنهنجي سامان کي وڪڻڻ جي وڌيڪ سهولت هجي ۽ واپار ۾ توازن آمريڪا جي حق ۾ هجي. جيڪڏهن ميڪسيڪو ۽ ڪئناڊا اهڙا شرط قبول نه ڪندا ته پوءِ ٽرمپ جي حڪومت ۾ مٿن وڌيڪ ٽيڪس مڙهيا ويندا. جيستائين ڪئناڊا کي آمريڪا جو 51 هون صوبو ٺاهڻ جو سوال آهي ته اهو فيصلو صرف ۽ صرف ڪئناڊا جو عوام ڪنهن ريفرنڊم ذريعي ڪري سگهي ٿو.
ٽرمپ ڊينمارڪ جي بادشاهت جي خودمختيار رياست ۽ دنيا جي وڏي ۾ وڏي برفاني جزيري گرين لينڊ بابت به چيو آهي ته اهو نارٿ آمريڪا جو حصو آهي، انهيءَ جي ڪري آمريڪا کيس پاڻ سان شامل ڪري سگهي ٿو. صحافين جي هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته، اسين گرين لينڊ کي ڊينمارڪ کان خريد ڪنداسين يا ٻيو ڪوبه طريقو اختيار ڪري سگهون ٿا. گرين لينڊ جي هن وقت ڪل آبادي تقريبن 60 هزار آهي ۽ اهي ڊينمارڪ کان مڪمل آزاديءَ جو مطالبو ڪري رهيا آهن. جاگرافيائي طرح اهو علائقو اتر آمريڪا جو حصو آهي ۽ ڪئناڊا جي آرڪيٽڪ سمنڊ کان 16 ميل ڌار آهي. جڏهن ته سياسي ۽ انتظامي طرح يورپ جو حصو آهي. انهيءَ علائقي ۾ تيل، گئس ۽ منجهس اهڙي معدنيات موجود آهي، جيڪا دنيا ۾ اڻلڀ يا ٿوري مقدار ۾ آهي. هن وقت آمريڪا جو فوجي اڏو به انهيءَ علائقي ۾ موجود آهي، جنهن جو مقصد روس طرفان امڪاني ميزائل حملن کي روڪڻ آهي. ساڳئي وقت آمريڪا جون ڪمپنيون ڪمپيوٽر، موبائل فون ۽ ٻي جديد ٽيڪنالاجيءَ لاءِ اها معدنيات چين، آسٽريليا ۽ ڪجهه ٻين ملڪن مان خريد ڪن ٿيون، جڏهن ته چين طرفان ان معدنيات جي وڪري تي ڪنهن به وقت مڪمل پابندي لڳي سگهي ٿي. انهي جي ڪري آمريڪا جي گرين لينڊ ۾ حقيقي دلچسپي آهي ۽ اها صرف ڪوڙي ڌمڪي نه آهي. تنهن جي ڪري يوپي يونين خاص طرح فرانس ۽ ڊينمارڪ سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي پر روس ۽ چين جي به انهي جزيري جي معدنيات، تيل جي ذخيرن ۽ آرڪيٽڪ جي ٻين وسيلن ۾ دلچسپي آهي، تنهن جي ڪري روسي صدر ٽرمپ جي بيان تي سخت ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو آهي. انهيءَ سبب جي ڪري ايندڙ وقت ۾ يورپي يونين تي لڳندڙ نون ٽيڪسن سان گڏ گرين لينڊ جي مسئلي تي آمريڪا ۽ يورپي يونين جي دوستاڻا تعلقات خراب ٿي سگهن ٿا. ٽرمپ جي گرين لينڊ تي قبضي جي خواهش بابت سنجيدگيءَ جو انهيءَ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته، هن وقت ٽرمپ جو وڏو پٽ برفاني طوفانن جي باوجود گرين لينڊ جو دورو پيو ڪري ۽ سندس هڪ شراب خاني ۾ گرين لينڊ جي شهرين سان تصويرون، سوشل ميڊيا جي زينت بڻيون آهن، جنهن ۾ شهرين کي ٽرمپ جي تصوير واريون ٽوپيون پاتل آهن.
پاناما ڪئنال ايٽلانٽڪ ۽ پئسفڪ سمنڊن کي ملائڻ وارو هٿرادو ٺهيل ڪئنال آهي، جنهن سان اتر آمريڪا کنڊ ۽ ڏکڻ آمريڪا کنڊ جي وچ ۾رستو گهٽجيو وڃي. انهيءَ ڪئنال جو ڪم فرانس شروع ڪرايو پر مڪمل آمريڪا 1914ع ۾ ڪرايو ۽ 1977ع تائين اهو مڪمل طرح آمريڪا جي ڪنٽرول ۾ رهيو. جنهن کان پوءِ آمريڪا جي منظوريءَ سان پاناما جي حڪومت ۽ آمريڪن حڪومت جي ڪنٽرول ۾ رهيو. 1999ع ۾ اهو ڪنٽرول مڪمل طرح سان پاناما جي حڪومت کي مليو، جنهن مان پاناما جي حڪومت جي وڏي ڪمائي ٿئي ٿي. ٽرمپ، چين جي لاطيني آمريڪا سان وڌندڙ واپار کي خطري جي نشاني سمجهي ٿو. انهيءَ جي ڪري لاطيني آمريڪا ۾ سياسي اثر رسوخ کي ٻيهر وڌائڻ لاءِ ضروري ٿو سمجهي. تنهن جي ڪري اهو بلڪل ممڪن آهي ته پاناما ڪئنال جي قبضي واپس وٺڻ لاءِ ٽرمپ ڪا فوجي ڪارروائي ڪرائي.
جان بولٽن آمريڪا جو پراڻو سفارتڪار ۽ پنهنجي روس، چين ۽ مسلمان ملڪن جي دشمنيءَ واري پاليسين جي ڪري مشهور رهيو آهي ۽ ٽرمپ جي پهرين صدارتي دور ۾ 17 مهينا سندس آمريڪي سلامتيءَ بابت به صلاحڪار رهيو. انهيءَ برطانيا جي گارڊين اخبار کي انٽرويو ڏيندي چيو آهي ته، عام طرح آمريڪا جا صدارتي اُميدوار اليڪشن کان اڳ ڪهڙيون به ڳالهيون ڪن، پر صدارتي ڪرسي سنڀالڻ کانپوءِ آمريڪا جي طئي ٿيل سيڪيورٽي پاليسين تي عمل ڪندا آهن، پر ٽرمپ صلاحڪارن جون تجويزون گهٽ ٻڌندو آهي ۽ بريفنگ جي دستاويزن تي غور ڪرڻ جي بجاءِ پنهنجي سوچ تي عمل ڪندو آهي، جيڪو آمريڪا جي مفادن لاءِ خراب آهي. تنهن جي ڪري ٽرمپ سندس صدارت جي ٻئي دور ۾ سخت ٽيڪس مڙهي ۽ اوچتا فيصلا ڪري پنهنجن اتحادي ملڪن سان تعلقات خراب ڪري سگهي ٿو.
برطانيا ۽ جرمني جي حڪومتن آمريڪا جي صدارتي اليڪشن وقت ٽرمپ جي بدران ڊيموڪريٽ پارٽيءَ جي اميدوار ڪاملا هيرس جي حمايت ڪئي هئي. برطانيا جي حڪمران ليبر پارٽي، ڪاملا هيرس جي اليڪشن ۾ مدد لاءِ پنهنجي اليڪشن جي معاملن جا ماهر ڏياري موڪيا هئا، جنهن تي ٽرمپ اعتراض اُٿاريا هئا. هن وقت صورتحال اها آهي ته ٽرمپ جي پاران يورپي ملڪن تي نيٽو ۾ پنهنجو شيئر وڌائڻ جي دٻاءَ سبب جرمني ۾ سياسي اتحاد ٽُٽي چڪو آهي ۽ مارچ ۾ نئين اليڪشن ٿيندي. انهن اليڪشنن ۾ ٽرمپ جي نامزد وزير ۽ عالمي سرمائيدار ايلون مسڪ، جرمني جي ساڄي ڌر جي انتها پسند پارٽي اي ايف ڊي جي حمايت ڪئي آهي ۽ سندس سوشل ميڊيا پليٽفارم ايڪس تي سندن ليڊر جو انٽرويو نشر ٿيو آهي، هاڻي امڪان آهي ته اها پارٽي جرمني جي ايندڙ اليڪشن ۾ ڪافي گهڻيون سيٽون کٽي وڃي. برطانيا ۾ ايلون مسڪ ساڄي ڌر جي پاپولسٽ رفارم پارٽيءَ جي ليڊر نائجل فاريج جي حمايت ڪندو رهيو آهي پر هن دفعي هن سندن ليڊر شپ لاءِ جيل ۾ سزا ڪاٽيندڙ مسلمان دشمن انتها پسند ٽامي رابنسن بابت تجويز ڏني آهي ته، کيس رفارم پارٽي جو ليڊر بڻايو وڃي. ايلون مسڪ جي انهن بيانن آمريڪا جي اتحادي يورپي ملڪن ۾ نئون بحث ڇيڙي ڇڏيو آهي ته ڇا اهي صرف ايلون مسڪ جون تجويزون آهن يا کين ٽرمپ جي پٺڀرائي حاصل آهي.
ٽرمپ 20 جنوري کان آمريڪا جي صدر جي ڪرسي سنڀاليندو، انهيءَ کانپوءِ عرب ملڪن، ايران، چين، روس ۽ يوڪرين بابت ڪهڙي پاليسي عمل ۾ آڻيندو، اهو هڪ ڌار موضوع آهي، پر هن وقت سندس بيانن آمريڪي اتحادين ۾ ٿرٿلو وجهي ڇڏيو آهي. ٽرمپ بنيادي طرح واپاري آهي، هن جي پوري ڪوشش هوندي ته آمريڪا جو واپار ۽ آمدني وڌي، انهيءَ جي لاءِ هو هر ڪوشش وٺندو. ساڳئي وقت هن جي ڪوشش آهي ته آمريڪا جا غير ضروري جنگي خرچ گهٽجن، انهيءَ جي لاءِ هُو يورپي يونين، جاپان ۽ آسٽريليا جهڙن ملڪن تي دٻاءَ وجهندو ته اهي جنگي خرچن ۾ پنهنجو حصو وڌائين. ٽرمپ يوٽرن وٺڻ ۾ عمران خان کان به وڏو ماهر آهي، انهيءَ جي ڪري اسان کي عالمي سياسيت ۾ نوان نوان مسئلا ۽ سياسي بيان ڏسڻ ۾ ايندا. انهيءَ قسم جي بيان بازي عوام ۽ ميڊيا جو ڌيان حقيقي مسئلن تان هٽائي ٿي ۽ اها ئي حڪمرانن جي خواهش هوندي آهي.