واشنگٽن: ڊونلڊ ٽرمپ اينٽي اسٽبلشمينٽ، رنگين مزاج ارب پتي، تڪرارن سان ڀرپور ۽ عدالتن سان جهيڙا ڪيا، هن مٿان 4 ڪيس پڻ آهن، مجرم صدر بڻجي ويو. سندس صدارتي اليڪشن ۾ فتح جي اعلان کان اڳ ان جو پهريون صدارتي دور به تڪرارن سان ڀرپور رهيو. جنهن جي باوجود سندس حيران ڪن طريقي سان سياسي ميدان ۾ واپسي ٿي، ٽرمپ ڪيترائي ڪتاب به لکيا آهن سندس پنهنجو برانڊ آهي، جيڪو ٽاءِ کان وٺي پاڻي جي بوتلن تائين هر شيءِ جو ڪاروبار ڪري ٿو. فوربز موجب ٽرمپ جي ڪل اثاثن جي ماليت چار ارب ڊالر آهي. عدالتي ڪيسن دوران اخبارن جي سرخين جو زينت بڻيل رهيو. ٽرمپ 3 شاديون ڪيون، هڪ اڳوڻي گهرواري گهرو تشدد جا الزام به لڳايا، جنهن سبب عدالتن کي منهن ڏنو، ٽرمپ تي ٺهندڙ هڪ نئين فلم ۾ ان تڪرار کي به شامل ڪيو ويو آهي. ٽرمپ جو پهريون اقتدار وارو دور تڪرارن سان ڀرپور رهيو. 91 الزامن جي پاڇي ۾ ٻئي صدارتي مهم شروع ڪئي، مٿس 2 ناڪام قاتلاڻا حملا به ٿيا. هو رڳو پنهنجي تڪراري بيانن، پاليسين ۽ ڪاروباري شخص هئڻ جي ڪري نه صرف آمريڪا پر سڄي دنيا ۾ سڃاتو ويندو آهي. 2020 جي چونڊن ۾ ٽرمپ کي جوبائيڊن شڪست ڏني هئي پر هن شڪست کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪندي ڌانڌلي جو الزام هنيو هو. ٽرمپ آمريڪي تاريخ جو ٽيون صدر آهي جنهن جو مواخذو ڪيو ويو پر هو بري ٿي ويو، هن طاقت جو غلط استعمال، ڪانگريس جي راهه ۾ رڪاوٽ وجهڻ ۽ حامين کي بغاوت تي ڀڙڪائڻ جا الزام لڳا. ٽرمپ جي گذريل صدارتي دور کي سياسي ماهرن آمريڪي تاريخ جو تڪراري ۽ ناڪام صدرن ۾ شمار ڪن ٿا.