واشنگٽن(م ڊ) ٽرمپ انتظاميا هارورڊ يونيورسٽي جي اربين ڊالرن جي امداد روڪي ڇڏي، آمريڪي تعليم واري کاتي پاران هارورڊ يونيورسٽي کي قدمن کان باضابطه آگاهي ڏني وئي. پرڏيهي خابرو ايجنسي موجب تحقيق ۽ ٻين معاملن بابت اربين ڊالرن جي امداد منجمد ڪئي وئي. ٽرمپ انتظاميا جو چوڻ آهي ته مطالبن تي عمل نه ٿيو ته امداد معطل رهندي. ان کان اڳ ٽرمپ انتظاميا جي مطالبا مڃڻ کان انڪار تي هارورڊ يونيورسٽي جي وفاقي امداد منجمد ڪئي وئي هئي. آمريڪي تعليم کاتي پاران جاري ڪيل سخت لهجي واري خط ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته هارورڊ کي هاڻي ڪنهن قسم جي جاچ گرانٽس يا ٻي وفاقي امداد فراهم نه ڪئي ويندي. خط تعليم واري وزير لنڊ مڪ ميهن يونيورسٽي جي صدر ڊاڪٽر ايلن گاربر کي لکيو جنهن کي سوشل ميڊيا تي به شيئر ڪيو ويو. خط ۾ لکيو ويو آهي ته هي خط توهان کي آگاهه ڪرڻ لاءِ آهي ته هارورڊ هاڻي وفاقي حڪومت کان ڪا به گرانٽ نه وٺي، هاڻي ڪا به امداد فراهم نه ڪئي ويندي.