ٽرمپ آمريڪا جو 47 هون صدر: ميڪسيڪو سرحد تي ايمرجنسي، غيرقانوني پرڏيهين کي نيڪالي، چين کان پاناما ڪئنال واپس وٺڻ جو اعلان

0
42
ٽرمپ آمريڪا جو 47 هون صدر: ميڪسيڪو سرحد تي ايمرجنسي، غيرقانوني پرڏيهين کي نيڪالي، چين کان پاناما ڪئنال واپس وٺڻ جو اعلان
ٽرمپ آمريڪا جو 47 هون صدر: ميڪسيڪو سرحد تي ايمرجنسي، غيرقانوني پرڏيهين کي نيڪالي، چين کان پاناما ڪئنال واپس وٺڻ جو اعلان

واشنگٽن (م ڊ) ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪا جي 47هين صدر طور حلف کڻي ورتو، واشنگٽن ڊي سي ۾ اِن ڊور تقريب دوران آمريڪي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جان رابرٽس نئين صدر کي حلف کڻايو، ان کان اڳ نائب صدر ڊي جي وينس حلف کنيو، تقريب ۾ آمريڪا جي اڳوڻن صدرن سوڌو مختلف ملڪن جي شخصيتن شرڪت ڪئي، حلف برداري کان اڳ ڊونلڊ ٽرمپ جي وائيٽ هائوس ۾ صدر جو بائيڊن سان ملاقات ٿي، مختلف معاملن تي ڳالهيون ٿيو. جڏهن ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ حلف کڻندي ئي ڏاکڻي سرحد تي نيشنل ايمرجنسي لڳائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، حڪومتي سنسرشپ ختم ڪري اظهار جي آزادي جي واپسي، عوام لاءِ ٽيڪس گهٽائڻ، گلف ميڪسيڪو جو نالو تبديل ڪري گلف آمريڪا رکڻ جو اعلان ڪيو، ٽرمپ چين کان پاناما ڪئنال به واپس وٺڻ جو اعلان ڪيو،  ڊونلڊ ٽرمپ صدر جي حيثيت سان پهرين تقرير ۾ اڳوڻي حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته اڳوڻي حڪومت آمريڪا ۽ آمريڪا جي مفادن جو تحفظ ڪرڻ ۾ ناڪام وئي، اسان پنهنجي شهرن ۾ قانون جي حڪمراني قائم ڪنداسين، آمريڪا جي واپاري نظام کي فوري طور ٺيڪ ڪنداسين، هن چيو ته مون تي ڪجهه عرصو اڳ حملو ٿيو هو، خدا ان لاءِ محفوظ رکيو آهي ته آمريڪا کي عظيم بڻايان ۽ ٻيهر خودمختيار بڻائي سگهان،8 سال جن مشڪلاتن کي منهن ڏنو آمريڪا جي تاريخ ڪڏهن ڪنهن سان ايئن نه ٿيو، ٽرمپ چيو ته آمريڪا جو سنهري دور شروع ٿي ويو آهي، آمريڪا جو زوال ختم ٿي ويو، آمريڪا کي ٻيهر امير ملڪ بڻائينداسين، اڄ کانپوءِ اسان جو ملڪ ترقي ڪندو، پنهنجي خودمختيار ٻيهر حاصل ڪنداسين، هن چيو ته آمريڪا کي سڀ کان پهرين رکنداسين، دنيا ٻيهر عزت سان ڏسندي، آمريڪا پهريان کان وڌيڪ مضبوط ٿيندو، منهنجي ترجيح هڪ اهڙو ملڪ قائم ڪرڻ آهي جيڪو مضبوط ۽ آزاد هجي هن چيو ته اڄوڪو ڏينهن آمريڪين جي آزادي جو ڏينهن آهي. مهانگائي گهٽائڻ لاءِ قدم کڻنداسين، اسان تيل ۽ گيس جا اگهه گهٽ ڪنداسين، واپاري نظام ٺيڪ ڪندس، آمريڪي عوام لاءِ ٽيڪس گهٽ ڪندس، آئون امن ۽ اتحاد قائم ڪرڻ وارو شخص چورائڻ چاهيان ٿو، وچ اوڀر ۾ سمورا يرغمالي پنهنجي گهرن ڏانهن موٽي رهيا آهن، ٽرمپ چيو ته مان ۽ منهنجي انتظاميا سرحدن جي حفاظت کي يقيني بڻائيندي، آمريڪا جي ڏکڻ سرحدن تي نيشنل ايمرجنسي جو اعلان ڪندس، آمريڪا ميڪسيڪو سرحد تي فوج مقرر ڪئي ويندي. ٽرمپ چيو ته سمورن غيرقانوني پرڏيهين ۽ ڏوهارين کي اڄ کان واپس موڪلڻ شروع ڪنداسين، ڊرل بي بي ڊرل جي نالي سان توانائي ايمرجنسي لڳائڻ جو به اعلان ڪيو، حڪومتي سينسرشپ ختم ڪرڻ جو فوري حڪم ڏيندس، اظهار جي آزادي واپس آڻينداسين، دهشتگرد گروپن خلاف آمريڪي فوج استعمال ڪنداسين، آمريڪا جي دشمنن کي شڪست ڏينداسين، قانون جي بالادستي آڻينداسين، سياسي اسٽيبلشمينٽ جو خاتمو ڪنداسين، سياسي مخالفن کي نشانو نه بڻائينداسين، اسان هڪ ميرٽ واري سوسائٽي ٺاهينداسين. چين کان پاناما ڪينال واپس وٺنداسين، مريخ تي خلائي مشن ۽ خلابازن کي موڪلينداسين، ميڪسين منشيات مافيا کي دهشتگرد قرار ڏينداسين.