الجزائر (اسپورٽس نيوز) باڪسر ايمان خلف جنس ٽيسٽ جي خوف کان باڪسنگ ايونٽ ڇڏي ڏنو، الجزائر جي اولمپڪ چيمپيئن باڪسر ايمان خلف هالينڊ ۾ آئنڊ هوون باڪسنگ ڪپ ۾ حصو نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. 26 سالن جي ايمان خلف اڳ ۾ ئي تقريب ۾ حصو وٺڻ جو ارادو ظاهر ڪيو هو ۽ باڪسنگ رنگ ۾ واپس اچڻ چاهيندي هئي، پر هن ڊچ تقريب لاءِ رجسٽريشن نه ڪرائي، هن تقريب ۾ حصو وٺڻ لاءِ رجسٽريشن جي آخري تاريخ خميس هئي.ان حوالي سان، ٽورنامينٽ ميڊيا ڊائريڪٽر جو چوڻ آهي ته ايونٽ ۾ حصو نه وٺڻ جو فيصلو ايمان خلف جو آهي، اسان جو فيصلو نه آهي.ورلڊ باڪسنگ جنس جي جانچ کي لازمي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ايمان خلف جي هالينڊ ۾ آئنڊ هوون باڪسنگ ڪپ ۾ حصو نه وٺڻ جي فيصلي کي ظاهر ٿيڻ کان هڪ هفتو به نه ٿيو آهي. ياد رهي ته الجيريا جي ايمان خلف پيرس اولمپڪس ۾ سون جو تمغو کٽيو هو، پر ان تقريب دوران هوءَ صنفي تڪرار ۾ ڦاسي پئي هئي، جنهن کان پوءِ عورتن جي باڪسنگ مقابلن ۾ حصو وٺڻ جي سندس قابليت تي سوال اٿاريا پيا هئا.