سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) ٽرانسپورٽرز پاران عيد تي پنهجي اباڻن گهرن ڏانهن ويندڙ مسافرن کان واڌو ڪرايا وصول، في مسافر کان 500 رپين کان 2 هزار رپين تائين وڌيڪ اوڳاڙي، عيد کان هڪ هفتو اڳ ۽ عيد کانپوءِ هڪ هفتي تائين مسافرن کان ڦرلٽ معمول بڻيل، رپورٽ موجب عيدالفطر ويجهو ايندي ئي ٽرانسپورٽرن ڪراين ۾ هٿرادو اضافو ڪري ڇڏيو آهي، ڪراچي توڙي پنجاب کان واپس پنهنجي اباڻن ڪکن ۾ عيد ڪرڻ لاءِ ايندڙن مسافرن کان اضافي ڀاڙو وصول ڪيو پيو وڃي، حاصل ڪيل ڄاڻ موجب ڪراچي ۽ پنجاب کان سکر، خيرپور، گهوٽڪي، شڪارپور، لاڙڪاڻو سميت ٻين ضلعن ۾ واقع پنهنجي اباڻن ڳوٺن ڏانهن واپس ايندڙ في مسافر کان گهٽ ۾ گهٽ 500 رپيا ۽ وڌ ۾ وڌ ٻه هزار روپين تائين اضافي ڀاڙو وصول ڪيو پيو وڃي، اِن ڏس ۾ مسافرن جو چوڻ آهي ته هر ڀيري عيد کان اڳ يا عيد کان پوءِ منافعي خور ٽرانسپورٽر سرگرم هجن ٿا، انهن کي خبر آهي ته ماڻهو عيد پنهنجن سان ڪرڻ لاءِ ضرور ايندا آهن، اِن ڪري اُنهن جي مجبوريءَ جو فائدو کڻندي عيد کان هڪ هفتو اڳ ۽ عيد کان هڪ هفتو پوءِ هٿرادو ڪراين ۾ اضافو ڪيو وڃي ٿو، نتيجي ۾ جيڪڏهن ڪنهن خاندان جي فرد چار کان وڌيڪ هجن ٿا ته اُنهن کان في ماڻهو 500 کان 1000 روپيا اضافي ورتو وڃي ٿو، جيڪڏهن اڪيلو يا ٻه ڀاتي هجن ٿا ته اُنهن کان 1500 کان 2000 رپيا به في مسافر کان اضافي ڪرايو وصول ڪيو وڃي ٿو، ڪجهه ڏينهن بڪنگ وڌي وڃڻ جو به فائدو وٺندي ڪراچي کان ايندڙ مسافر ڪوچز به هڪ هزار رپين تائين وڌيڪ ڪرايو وصول ڪري رهيون آهن، عيدالفطر، عيدالاضحيٰ کان اڳ توڙي بعد ۾ اِهو سلسلو هر سال جيئن جو تيئن جاري رهندو آهي، هر ڀيري ٽرانسپورٽر عوام کي ٻنهي هٿن سان ڦرين ٿا پر ٽرانسپورٽ کاتو سنڌ توڙي موٽروي پوليس صرف خانه پوري ڪرڻ ۾ ئي مصروف هوندي آهي، اِن ڏس ۾ سکر جي سڄاڻ ڌرين ۽ واپارين جاويد ميمڻ، حافظ محبوب سهتو، عيدن جاگيراڻي، شبير ميمڻ ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته ٽرانسپورٽ کاتي سنڌ جي نااهليءَ ۽ ملي ڀڳت سبب ٽرانسپورٽر عوام کي ڪرائي جي مد ۾ ٻنهي هٿن سان ڦرين ٿا، هر ڀيري قانون جي خلاف ورزي ڪندڙن جا روٽ پرمٽ رد، ختم ڪرڻ بجاءِ اُنهن کان ڀڳڙن مٺ جيان رقم وصول ڪري اُنهن کي اڻ سڌي طرح عوام کي ڦرڻ جي اجازت ڏني وڃي ٿي، عيد کان اڳ توڙي عيد کانپوءِ ٽرانسپورٽ کاتو توڙي موٽروي پوليس خانه پوري ڪرڻ جي لاءِ ڪاروايون ڪندي پاڻ انڪشاف ڪندي آهي ته ٽرانسپورٽر مسافرن کان واڌو ڪرايو وصول ڪن ٿا پر اِن باوجود ورهين کان نتيجو زيرو آهي، هر ڀيري اهو سلسلو گهٽجڻ بجاءِ وڌي رهيو آهي، تنهن ڪري وفاقي توڙي صوبائي حڪومت کي سنجيدگيءَ جو مظاهرو ڪندي عوام کي ڦريندڙ ٽرانسپورٽرن مٿان پابندي لڳائي وڃي ۽ سرڪاري سطح تي مقرر ڪيل ڪراين جي وصولي تي پابنديءَ سان عمل ڪرايو وڃي.