ٽرانسلريئلزم: نئين دنيا جي نئين ادبي تحريڪ

0
36
ٽرانسلريئلزم: نئين دنيا جي نئين ادبي تحريڪ

 جيئن ٽيڪنالاجي جي دنيا ۾ ڪيئي شيون ترت هڪ ٻئي جي جاءِ والاري رهيون آهن يا وري بلڪل ئي نيون اچي رهيون آهن ايئن فن ۽ ادب ۾ به تيزيءَ سان تجربا به  ٿي رهيا آهن، تحريڪن ۽ ڌارائن مان نوان لاڙا به سامهون اچي رهيا آهن ته ردعمل ۾ به ساڳيو عمل ٿي رهيو آهي. جيتوڻيڪ ڪا به تحريڪ برپا ٿيڻ سولي ناهي پر ويجهڻ ۾ “جديديت” جي ردعمل ۾ “جديديت کانپوءِ” هڪ نئين تحريڪ طور سامهون آئي. پر دنيا جي ڪيترن ئي پاٺڪن “جديديت کانپوءِ/پڄاڻان” کي هڪ رويو ڪوٺيو آهي، جنهن ۾ ڄاڻي واڻي پراڻيت کي ساڻ ڪري هڪ آزاد طرح جي افسانوي ادب لکڻ جا فارم گهڙيا پيا وڃن. ادب ۽ فن جي دنيا ۾ ان کي هڪ اهڙي آزادي تصور ڪيو وڃي ٿو جنهن سان ڪو به ادب يا فن جو اسم پنهنجي مرضي رکندڙ هوندو آهي. ان بابت تضاد بلڪل ساڳي ريت ئي موجود آهن جيئن سوشل ريئلزم کي ريئلزم جي مقابلي ۾ آڻڻ جي ڳالهه ڪئي وئي ۽ ميجيڪل ريئلزم (جادوئي حقيقت نگاري) کي سوشل ريئلزم جي مقابلي ۾ آڻڻ جي ڳالهه ڪئي وئي. پر پوسٽ ماڊرنزم کي وري ماڊرنزم جي ڪُک مان ئي جنم وٺندڙ ڄاڻايو ويو جو ٻنهيءَ جي ٿيوريز ۾فرق گهٽ آهي. پر جيڪو انهن ۾ تضاد آهي اهو صرف آزادي وارو آهي. جديديت سڀ ڪجهه طئي ڪيو ۽ جديديت پڄاڻان ان طئي ٿيل کي رد ڪري سڀ ڪجهه کي جائز قرار ڏنو ان ڪري ڪيترائي ٿيورسٽ ان کي تحريڪ بجاءِ هڪ رويو به سمجهن ٿا. خير ان موضوع تي اڳ به گهڻو ڪجهه لکجي چڪو آهي، پر هن وقت حقيقي معنى ۾ افسانوي ادب توڙي تخليقي ادب ۾ اهميت اختيار ڪيل موضوع ٻه آهن. هڪ ته جيڪو به افسانوي ادب لکجي پيو، اهو ڪهڙي به صنف جو هجي ان ۾ وڌ م وڌ تجربا فارم/گهڙت ۽ اسٽائيل/اسلوب تي ڪيا پيا وڃن، جيئن ڪجهه سال اڳ موضوع، پلاٽ ۽ واقعن کي مرڪزيت حاصل هئي. ان کي به هڪ جدا موضوع تي رکون ٿا. ٻي ڳالهه ته دنيا ۾ هن وقت جيڪو اهم سوال آهي اهو هي آهي ته نئين ادبي تحريڪ ڪهڙي آهي؟ هڪ ته پوسٽ ماڊرنزم جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو ۽ ان بابت رد به ڏنو وڃي ٿو.

مون مضمون جي شروع ۾ لفظ ٽيڪنالاجي ڪتب آندو آهي، اهو هڪ خاص مقصد لاءِ آندو اٿم. اهو ان ڪري جو افسانوي ادب جو به هاڻ سڌو سنئون ٽيڪنالاجي سان واسطو پئجي رهيو آهي. ان جو مثال ويب/موبائيل ناول، ڪهاڻيون، ڊراما ۽ شاعري آهي. ۽ روبوٽ يا وري ڪمپيوٽر جي پروگرامنگ کي ڏنل ڊيٽا ميٽا وسيلي اهڙو ادب لکجي پيو. نمبر ٻي ڳالهه ته هن وقت دنيا ۾ جيڪي وڌ ۾ وڌ هلندڙ ناول آهن انهن ۾ اهي آهن جن ۾ فينٽسي ۽ ٽيڪنالاجي جو رچاءُ آهي. انهن ۾ هڪڙا بيسٽ سيلر يا پاپولر ٿا سڏجن ته ڪي وري انهن مان ادبي نوعيت جا ناول سڏجن ٿا، انهن ۾ ڪي ڊيسٽوپين به آهن. ادبي طور انهن ۾ ڪي عنصر جديديت کانپوءِ توڙي سريئلزم وارا به ڄاڻايا وڃن ٿا. مثال طور ڏسجي ته انهن ۾ هيري پورٽر ناول سيريز اهم آهي جنهن ۾ مڪمل ٽيڪنالاجي به آهي ته مڪمل طور حقيقي دنيا به آهي. اهو سلسلو فيوچرسٽڪ کان سائنس فڪشن تائين پهتو ۽ هاڻ اهو ادب هڪ نئين تحريڪ طور سامهون آيو آهي، جنهن کي ٽرانسلريئلزم چيو وڃي ٿو. ان فڪشن واري ڌارا کي ادبيت وسيلي به آندو پيو وڃي ان جو مثال جان بارٿ، ليزا گولڊ اسٽين، ايشوگورو، مارگريٽ اٽوڊ ، اسٽيفن ڪنگ ۽ ٻيا آهن. اهڙن ليکڪن جو ان طرح وارو تخليقي افسانوي ادب حقيقي ۽ غير حقيقي يا وري مٿاهين حقيقي دنيائن جو رچاءُ آهي.

ٽيڪنالاجي جي تيزيءَ سان بدلجندڙ دور سان لاڳاپيل اها اسرندڙ نئين تحريڪ هوا ۾ سامهون ناهي آئي. جيئن اڳ آيل تحريڪون يا لاڙا وڏي وقت جي مرحلن مان گذريل هوندا آهن ايئن ان جا ڇيڙا به اڻويهين صديءَ ۾ وڃي ملن ٿا. ان کي پاڻ جي ايڇ ويلز واري سائنس فڪشن سان ڪونه ٿا ملايون پر ان ڌارا کي وڃي پهچون ٿا، جنهن ۾ ٽرانس موجود رهي آهي، اها( Transcendentalism) مٿانهيت آهي. اها تحريڪ آمريڪا ۾ اڻويهين صديءَ ۾ ان وقت اڀري هئي جڏهن اولهه توڙي اوڀر ۾ فڪري ڌارائن زور ورتو ۽ روحانيت ادب ۽  فلسفي ۾ وڌيڪ بحث هيٺ آئي ته ردعمل ۾ ٽرانسسينڊنٽلزم Transcendentalism، جنهن کي مٿانهيت جي تحريڪ چئجي، ان ڪر کنيو. اها تحريڪ منطق ۽ انساني ڀلائي بابت وڌيڪ زور ڏيندڙ هئي. جيتوڻيڪ ان جو گهڻو اڀار نه ٿي سگهيو پر پوءِ به اها ٻه ٽي ڏهاڪا هلي ۽ اڻويهين صديءَ جي اڌ تائين ان جو چرچو ٿيندو رهيو.

اڄ جيڪا ٽرانسريئلزم سائنسي ادب مان نڪتي آهي ان کي لفظي معنى کان هٽي“مٿاهين حقيقت” چئي سگهجي ٿو. ان جي سموري ٽيڪنڪ حقيقت نگاري، سائنس فڪشن، نيچرلسٽڪ حقيقت نگاري وغيره مان آئي آهي. دنيا جي ڪهڙي به ڌارا يا ادبي تحريڪ هجي ان ۾ ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ “حقيقت” جو عنصر لازمي طور شامل هوندو آهي، يا وري افسانوي ادب ۾ مبالغائي حقيقت به قائم ڪئي ويندي آهي. ان ڪري “مٿاهين حقيقت” وارو جيڪو ادب آهي اهو ٽيڪنالاجي جو ئي نتيجو آهي ڇو ته ٽيڪنالاجي؛ اهي جادوئي رمزون حقيقي طور آنديون آهن، جيڪي جادن وارن قصن ۾ موجود هئا. هاڻي جي. ڪي. رولنگ جي ناول سيريز ۾ هيري پورٽر کي هڪ ڪمري ۾ اڏرندي ڏيکارڻ سان اچرج يا خوف بجاءِ پڙهندڙ سرهائي ماڻي ٿو. پر جيڪي سماج اهڙي مٿاهين ٽيڪنالاجي مان فائدو وٺن ٿا اهي اهڙي ادب مان اچرج بجاءِ مسرت ۽ خوشي ماڻن ٿا.

جيڪڏهن دنيا ۾ وڪري جي حساب سان ڪهاڻيون يا ناول ڏسجن ٿا ته ايڪويهين صديءَ دوران ٻي ڏهاڪي ۾ سڀ کان وڌ وڪرو ٿيندڙ ٽرانسريئلزم جا ناول آهن جن ۾ ڊان برائون جو ڊائچي ڪوڊ، جي.ڪي. رولنگ جي هيري پورٽر سيريز هجي يا اي. ايل جيمز جي ناولن جي فينٽسي واري سيريز ففٽي شيڊز آف گري هجي ان جهڙا انيڪ ناول هاڻ ٽرانسلريئلزم تحريڪ جو حصو سمجهيا وڃن ٿا. هڪڙا انهن ۾ بيسٽ سيلر يا پاپولر جي زمري ۾ اچن ٿا ته ٻيا وري ادبيت ۽ تخليقيت وارا ناول يا ڪهاڻيون به آهن جن ۾ ڊيسٽوپين ۽ يوٽوپين موضوعن وارا به آهن. جڏهن ته فينٽسي ٽيڪنالاجي واري دور ۾ ئي اهڙي ادب جو اهم جز آهي ڇو ته جنهن نموني ٽيڪنالاجي انيڪ شين جي رمزن/ڪوڊز کي اکيلي ڇڏيو آهي ڄڻ ته لوڪ ادب وارو جادو هاڻ گهٽ اچرج وارو رهيو آهي. جيئن اڳ ۾ ٿيندو آيو آهي ته ادب يا فن جون تحريڪون ۽ لاڙا ردعمل طور سامهون ايندا رهيا آهن پر ٽرانسريئلزم کي ڏسجي ٿو ته اها گهڻي ردعمل بجاءِ پاڻ کان اڳ وارن لاڙن يا ڌارائن مان ڦٽي نڪتي آهي. هن تحريڪ حقيقت نگاري کي به ڪنهن گهڻي حد تائين رد ناهي ڪيو ۽ نه وري سائنس فڪشن (جنهن کي ايس ايف به چيو ويندو آهي.) کي ڌار ڪيائين، پر ٽيڪنالاجي سان گڏ فيٽنسي شامل ڪري حقيقي دنيا به ساڻ رکي اٿائين. اڻت ۾ به سڀني ڌارائن توڙي حقيقت نگاري جي فارمس جا چونڊ عنصر ان ۾ شامل آهن. هن ۾ تفريح سان گڏ انساني منجهيل خيال به بيان ڪيا وڃن ٿا. ايڪويهين صديءَ جي ٽرانسريئلزم ادبي تحريڪ جي هڪ اهم ناولنگار ۽ نقاد روڊي رڪر Rudy Rucker پنهنجي هڪ مضمون A Transrealist Manifesto ۾ لکيوآهي ته:

Transrealism is not so much a type of SF as it is a type of avant-garde literature. I feel that Transrealism is the only valid approach to literature at this point in history.

”ٽرانسلريئلزم (مٿاهين حقيقت) سائنس فڪشن (ايس ايف) جو قسم ناهي، پر اهو ايوانت-گارد ادب جي وڌيڪ ويجهو آهي. مان سمجهان ٿو ته تاريخ جي هن موڙ تي ادب لاءِ ٽرانسلريئلزم  اڪيلو درست نقطئه نظر آهي.” هن جو خيال آهي ته هن تحريڪ ۾ لکجندڙ افسانوي ادب به ايئن ئي هلندو آهي جيئن زندگي. جيئن ته روڊي رڪر اهڙو ادب لکندڙ آهي ان ڪري هو ادب ۾ اڄ جي دور ۾ ان کي بهترين ۽ گهڻو پڙهڻ لائق افسانوي ادب سمجهي ٿو. هو اها حقيقت به مڃي ٿو ته مٿاهين حقيقت (ٽرانسريئلسٽ) واري ناول ۾ ليکڪ پاڻ ڪنهن ڪردار يا مختلف ڪردارن ۾ ورهائجي  ظاهر ٿيندو آهي. هو پنهنجو مضمون هن ڳالهه تي ختم ڪري ٿو: Transrealism is the path to a truly artistic SF.

ايوانت-هارد فرانس جي اڻويهين صديءَ ۾ شروع ٿيل ۽ ويهين صديءَ جي شروعاتي ڏهاڪن دوران هڪ هر طرح جي آرٽ، ادب، موسيقي ۽ لائيف اسٽائيل ۾ تبديليءَ جي وڏي تحريڪ هئي جنهن جو مقصد اهو هو ته نئون طريقو ۽ انداز آندو وڃي. روڊي رڪر ٽرانسريئلزم کي به ادب ۾ ان ريت هڪ نئون انداز ۽ طريقو سمجهي ٿو. ان حوالي سان سندس ٽن ناولن The Secret of Life، White Light ۽ Saucer Wisdom تي ٻڌل ٽرايالوجي به آهي. جنهن کي هن ٽرانسريئل ٽرايولاجي چيو آهي.

سنڌي ادب ۽ ٽرانسريئلزم:

سنڌي ادب ۾ ويهين صديءَ دوران ٽيڪنالاجي جا اولڙا نظر اچن ٿا. هونئن ڏٺو وڃي ته سنڌي افسانوي ادب جو اڪثريتي حصو “حقيقت نگاري” تي آڌاريل آهي ۽ ڪي ڪهاڻيون ۽ ناول ته صفا ڄڻ سچ بڻيل آهن يعني ادبي انداز ۾ ڄڻ صحافت ٿيل آهي. پر مجموعي طور سنڌي ادب جي حقيقت نگاري کي پاڻ “ڏٺ ٻڌ حقيقت” چئي سگهون. ڇو ته سنڌي ۾ حقيقت نگاري وارو جيڪو به افسانوي ادب آهي، اهو يا ته ڏٺ وارو يعني ليکڪ جي سامهون ٿيل واقعن وغيره وارو آهي يا وري ٻڌل واقعن ۽ حالتن وارو آهي ان ڪري ڪو حرج ناهي ته ان کي “ڏٺ ٻڌ حقيقت” واري اصطلاح طور لکجي. باقي فينٽسي به سنڌي ناول ۾ ملي ٿي، جيئن رسول ميمڻ جي ناول “قالو بلا” ۾ آهي يا وري حيدر دريا جي ناول “نئون ماڻهو” ۽ ڪجهه ٻين ۾ جهلڪ طور موجود آهي پر ٽيڪنالاجي واري فينٽسي ناهي، ان ڪري اهڙا ناول ٽرانسريئزم ۾ ته ڳڻبا پر سنڌي اهڙا ناول لکجي سگهجن ٿا. ٻيو ته اهڙا ناول جن ۾ ٽيڪنالاجي سان گڏ يوٽوپيائي يا ڊيسٽوپين دنيا شامل هجي ته اهي ناول ان ادبي لاڙي ۾ ايندا. سنڌي ادب ۾ ان جو بنياد لوڪ ادب ۾ جادوئي لوڪ ڪهاڻين ۽ ستارن جي ڳالهين واري ادب جي موجودگي طور آهي ان ڪري سنڌي ادب ۾ به ايڪويهين صديءَ جي هن نئين ادبي تحريڪ جو ادب به اوس اچڻو آهي. پر ٻئي پاسي ڏٺو وڃي ته هن تحريڪ وارو اڪثريتي ادب دنيا جي انهن حصن ۾ لکيو وڃي ٿو جتي ٽيڪنالاجي واري نئين دنيا قائم ٿي چڪي آهي يا ٿي رهي آهي. هن وقت ان دنيا جي پڇڙ ۾ به شايد پاڻ هجون.