حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ ٽرانسجينڊرز پاران 24 نومبر تي مورت مارچ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ ٽرانسجينڊر سان تعلق رکندڙ مريم شيخ، شهزادي، زهرش، عريبا ثناءَ خان ۽ ٻين پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سنڌ مورت مارچ پاڪستان جي اقليتي خواجه سرائن جو منظم مارچ هوندو. گذريل 2 سال ڪراچي ۾ مورت مارچ ڪيو ويو. هن سال اهو مارچ 24 نومبر تي حيدرآباد ۾ ڪيو ويندو. هنن چيو ته حيدرآباد جا خواجه سرا پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن. حيدرآباد ۾ رهندڙ خواجه سرائن کي ان مارچ ۾ ڀرپور شرڪت ڪرڻ گهرجي. هنن چيو ته خواجه سرائن کي سندن بنيادي انساني حق به نٿا ملن ۽ کين صنف ۽ جنس جي بنياد تي ڌڪاريو وڃي ٿو. ماڻهو کين ڪرائي تي گهر به ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن. سرڪاري ملازمتن ۾ 2 سيڪڙو نوڪريون ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي پر ان تي به عمل نٿو ٿئي. تعليمي نصاب ۾ به خواجه سرائن جي زندگين کي اجاگر ڪرڻ گهرجي. هنن چيو ته معاشري ۾ عزت ۽ وقار سان رهڻ نٿو ڏنو وڃي. صحت سميت ٻين ادارن ۾ به کين سهولتن کان محروم رکيو وڃي ٿو. خواجه سرائن اعلان ڪيو ته اهو مارچ راڻي باغ حيدرآباد جي هڪ گيٽ کان ٻئي گيٽ تائين ڪيو ويندو. هنن اپيل ڪئي ته خواجه سرائن کي پنهنجي زندگي گذارڻ لاءِ عطيات ۽ چندا به ڏنا وڃن ته جيئن هو باعزت زندگي گذاري سگهن. کين سرڪاري طور تي هڪ محفوظ مقامي آبادي طور تسليم ڪيو وڃي.