اسلام آباد (بيورورپورٽ) آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي 2025ع جي ٽرافيءَ جي وفاقي راڄڌاني جي سياحتي ماڳ پاڪستان مونيومنٽ تي مهورت ڪئي وئي. چيمپيئنز ٽرافي جي مهورتي تقريب ۾ اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر شرڪت ڪرڻي هئي پر هو تقريب ۾ شريڪ نه ٿي سگهيو، ان موقعي ڪرڪيٽ شوقينن جو وڏو انگ پڻ موجود هو جن يادگار لمحن کي محفوظ ڪرڻ لاءِ تصويرون به ڪڍيون. آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل شيڊيول موجب، چيمپيئنز ٽرافي جو دورو 27 جنوريءَ تي پڄاڻي تي پهچندو. دوري دوران ٽرافي اسلام آباد جي مختلف تاريخي ماڳن کانسواءِ، ٽيڪسلا، خانپور، ايبٽ آباد، مري، نٿيا گلي کان ٿيندي ڪراچي پهچندي. 26 نومبر تي ٽرافي افغانستان لاءِ رواني ٿيندي، جتان کان بنگلاديش، ڏکڻ آفريڪا، نيوزيلينڊ، انگلينڊ ۽ ڀارت کان ٿيندي 27 جنوري تي واپس پاڪستان پهچندي.