ايمسٽرڊم( اسپورٽس نيوز) ٽي 20 ٽرائي سيريز جي ميچ ۾ نيدرلينڊز نيپال کي ٽئين سپر اوور ۾ شڪست ڏئي ڇڏي. خبر موجب پهريون ڀيرو ڪنهن انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ٽي 20 ۽ لسٽ اي ۾ ميچ جو فيصلو ٽئين سپر اوور ۾ ٿيو آهي.نيدرلينڊز مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 152 رنسون ٺاهيون، جنهن جي جواب ۾ نيپال جي ٽيم 8 وڪيٽن جي نقصان تي 152 رنسون ٺاهيون . ميچ برابر ٿيڻ تي سپر اوور ڪرايو ويو،پهرين سپر اوور ۾ نيپال 19 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته نيدرلينڊز جي ٽيم به 19 رنسون ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي، جڏهن ته ٻئي سپر اوور ۾ نيدرلينڊز 17 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته نيپال جي ٽيم به 17 رنسون ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي.ٽئين سپر اوور ۾ نيپال 4 بالن ۾ 2 وڪيٽون وڃائي ڇڏيون ۽ ڪو به بيٽسمين هڪ به رنس نه ٺاهي سگهيو ۽ نيدرلينڊز کي فتح لاءِ هڪ رن جي ضرورت هئي. ڊچ بيٽسمين ڇڪو هڻي ميچ کٽرائي ورتو.