ٽانڪ(م ڊ) سيڪيورٽي فورسز ٽانڪ جي علائقي رڪي مڇن خيل ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن شروع ڪري ڏنو، فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 7 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب آپريشن دوران دهشتگردن جا ڪجهه ٺڪاڻا به تباهه ڪيا ويا آهن، مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار۽ بارود هٿ ڪيو ويو آهي.  آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگرد ٽانڪ ۽ ڀرپاسي پوليس مٿان ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث ۽ دهشتگردي جي ڪيترن ئي ڪارروائين ۾ به سرگرم هئا. علائقي مان سمورن دهشتگردن جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو.