نيويارڪ(شوبز نيوز) هالي ووڊ سپر اسٽار ٽام ڪروز جي جوتي تي پير رکندڙ عورت سان اداڪار جي سهڻي سلوڪ سندس پرستارن ۾ سندس مقبوليت وڌائي ڇڏي آهي. ميڊيا رپورٽن موجب ٽام ڪروز پنهنجي نئين فلم ”مشلن امپوسيبل دي فائنل ريڪوننگ“ جي مشهوري ۾ مصروف آهي، جنهن لاءِ تازو ٽام ڪروز ڪوريا جو دورو ڪيو، جتي سندس مداحن سان به ملاقات ٿي. ان دوران هڪ عورت جذباتي ٿي وئي ۽ غلطي سان ٽام ڪروز جي جوتي تي پير رکي ڇڏيائين. ان موقعي تي عوت کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿيو ته هن ٽام ڪروز سان معذرت ڪئي، ٽام ڪروز اعتراض ڪرڻ بدران چيو ته توهان کي معذرت ڪرڻ جي ضرورت ناهي، اها منهنجي لاءِ خوشي جي ڳالهه آهي ته توهان منهنجي جوتي تي پير رکيو“ ٽام ڪروز جي رد عمل تي عورت حيران ٿي وئي ۽ هن کلندي سپر اسٽار جا ٿورا مڃيا. ان ڳالهه ٻول دوران هالي ووڊ اسٽار کي هڪ مداح جو آٽو گراف ڏيندي به ڏسي سگھجي ٿو، جنهن تي ٽام ڪروز پنهنجي مداح کي چيوته مون کي تو سان محبت آهي، ان سانگڏ ٽام ڪروز مداح سان هٿ به ملايو ۽ ساڻس سيلفي به ڪڍرائي.