اسلام آباد: ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته مني بجيٽ جو ڍنڍورو پٽي رهيا هئا ڪو به مني بجيٽ ناهي آيو نه ئي ڪو اضافي ٽيڪس لڳايو ويو، هن وڌيڪ چيو ته ريڪوڊڪ ۾ ٽامي ۽ سون جون کاڻيون اسان جي مستقبل جو اهم اثاثو آهن، ريڪوڊڪ منصوبي جي امڪاني کاڻين جو مدو 37 سال آهي. ناڻي واري وزير چيو ته ريڪوڊڪ منصوبي مان ملڪ کي 75 ارب ڊالرز حاصل ٿيندو. هي منصوبو پاڪستان جي معيشت لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو.