ٽالهي(ن پ ا) ٽالهي ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ رهواسين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو اعلانيل 16 ڪلاڪن جي ڊگهي لوڊشيڊنگ جي باوجود بجلي سڄو سڄو ڏينهن غائب ڪاروباري سرگرميون سخت متاثر رهواسي  ڏکائين کي منهن ڏيڻ تي مجبور بڻجي ويا آهن، ان موقعي تي شهرين غلام مرتضي آرائين، ڏنو ٽنگڙي، پرويز علي، اسماعيل گشڪوري، ڀارمل ڪولهي، آفتاب ڪنڀر ۽ ٻين چيو ته گريڊ اسٽيشن نبي سر روڊ جي فيڊر ٽالهي کي نشانو بڻائي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي 16 ڪلاڪن جي ڊگهي لوڊشيڊنگ جي باوجود سڄو سڄو ڏينهن بجلي بند ڪئي پئي وڃي لوڊشيڊنگ ٿيڻ ڪري اسان جو ڪاروبار سخت متاثر ٿي رهيو آهي ۽ ڏينهن سڄي ۾ صرف 2 ڪلاڪ بجلي هلندي آهي ان دوران به چار کان پنج ڀيرا جهٽڪا هڻي بند ڪئي ٿي وڃي، جنهن سبب بجلي تي هلندڙ تمام ننڍو وڏو ڪاروهنوار مڪمل طور ٺپ ٿي ويو آهي غريب مزدور طبقو سخت ڏکائين کي منهن ڏئي رهيا آهن، ايس ڊي او، نئون ڪوٽ، ايڪسن ڊگهڙي، سميت، پي ڊي سي حيدرآباد، تائين به ڊگهي لوڊشيڊنگ بابت شڪايتون ڪيون آهن، هنن حيسڪو چيف سميت لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي ٽالهي فيڊر تي لوڊشيڊنگ گهٽائي پريشانيون گهٽ ڪيون وڃن